
پاڪستاني اداڪارا جينس ٽيسا چيو آهي تھ ڊرامن يا فلمن ۾ مرڪزي ڪردار ماڻڻ بابت مون کي چيو ويو تھ رنگ اڇو ڪرڻو پوندو. ميڊيا سان ڳالهائيندي هن جو چوڻ هو تھ والدين ڪراچي ۾ رهن ٿا، شوبز جي ڪري لاهور آئي آهيان، هي شهر منهنجي جنم ڀومي پڻ آهي. هن چيو تھ والدين بزنس جي تعليم ڏيارڻ چاهي پر اها سمجهه ۾ نھ آئي، مان ننڍپڻ کان وٺي ٽڪ ٽاڪ استعمال ڪندي رهي آهيان. هن چيو تھ ڪارو رنگ هجڻ ڪري ماڻهن چٿرون ڪيون، پر ڪاميابيون ملڻ تي خوش آهيان.