ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

لائيو اسٽاڪ جي نقصان جو پورائو ڪريو

Editorial

سنڌ توڻي ملڪ جي ٻين صوبن ۾ ماڻهو زراعت سان لاڳاپيل هجڻ سان گڏ مال متاع تي به ڀاڙيندا آهن. لائيو اسٽاڪ انهن جي معيشت لاءِ هڪ بهترين وسيلو هوندو آهي. پنهنجي مالي حالت کي بهتر ڪرڻ لاءِ اهي ڍور وڪڻڻ وارو ڪم جاري رکندا آهن. هاڻوڪي ٻوڏ ۾ جتي انساني جانين جو نقصان ٿيو آهي، اتي ڍور به وڏي انگ ۾ مري ويا آهن. مالي طور عام ماڻهوءَ کي وڏو نقصان پهتو آهي. انهن جون زندگيون هن ٻوڏ جي ڪري سخت متاثر ٿيون آهن. جيستائين انهن جي ٿيل نقصان جو ازالو نه ڪيو ويندو، تيستائين انهن ماڻهن جي بحالي اڻپوري ليکي ويندي. ٻوڏ کانپوءِ جيڪي رپورٽون اچي رهيون آهن، انهن ۾ جيڪي انگ اکر پيش ڪيا پيا وڃن، اهي ڏکوئيندڙ آهن.
سرڪاري انگن اکرن موجب هاڻوڪي مينهن ۽ ٻوڏ واري صورتحال ۾ سنڌ اندر زراعت ۽ لائيو اسٽاڪ جي شعبن ۾ 427 ارب رپيا نقصان، پنجاب ۾ 196 ارب، بلوچستان 83 ارب ۽ خيبر پختونخوا ۾ 21 ارب رپيا نقصان ٿيو آهي. سڄي ملڪ ۾ ڪپهه جي فصلن کي پهتل نقصان جو ڪاٿو 425 ارب رپيا، چانورن کي 121 ارب رپيا نقصان ۽ ڀاڄين جي پوک کي 72 ارب رپين جو ڪاپاري ڌڪ لڳو آهي. هوڏانهن لکين جانور ٻوڏ جي پاڻيءَ ۾ لڙهڻ ۽ مرڻ سبب گوشت ۽ کير مان ٺهندڙ شين جي وڏي کوٽ پيدا ٿيڻ جو خدشو آهي. هڪ اندازي موجب سڄي ملڪ ۾ ٻوڏ جي نتيجي ۾ 7 لک کان وڌيڪ ڍور مري ويا آهن. سرڪاري انگن اکرن موجب ملڪ جي مجموعي پيداوار (جي ڊي پي) ۾ لائيو اسٽاڪ جو حصو 14 سيڪڙو آهي. ڊيري فارمنگ ايسوسيئيشن موجب هن وقت پاڪستان ۾ 8 ڪروڙ کان وڌيڪ ڳئون ۽ مينهون آهن، جن جي ماليت 16 هزار ارب کان وڌيڪ ٿئي ٿي ۽ هي ملڪ جو قيمتي سرمايو آهن، جن ذريعي روزانو 13 ڪروڙ ليٽر کير فراهم ٿئي ٿو، جنهن جي روزاني ماليت 13 ارب رپيا ۽ ساليانو 4 هزار 745 ارب رپيا ٿئي ٿي پر هڪ ٻئي پٺيان آفتون اچڻ ڪري ڍور ڍڳن جي انگ ۾ وڏي گهٽتائي ٿي چڪي آهي، جنهن سبب ملڪ ۾ گوشت، کير ۽ کير مان ٺهندڙ شين جو مستقبل ۾ بحران پيدا ٿي سگهي ٿو. اين ڊي ايم اي موجب بلوچستان صوبي ۾ سڀ کان وڌيڪ 5 لک ڍور، پنجاب ۾ 2 لک کان وڌيڪ، سنڌ ۾ 15 هزار مينهون، ڳئون، ٻڪريون ۽ رڍون، جڏهن ته پختونخوا ۾ 1200 کان وڌيڪ ڍور ٻوڏ جي ور چڙهي چڪا آهن.
هي ڪو معمولي انگ ناهي. ان کي نظر ۾ رکندي اسين اهو چئي سگهون ٿا ته جن ماڻهن جا ڍور مري ويا آهن، انهن کي بنهه گهڻو نقصان پهتو آهي. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته حڪومت انهن کي ڍور وٺي ڏئي. انهيءَ نقصان جو پورائو ڍورن کي ٻاهران خريد ڪري، ڪري سگهجي ٿو. تنهنڪري ايندڙ وقت ۾ ڪنهن وڏي بحران کان بچڻ لاءِ ضروري آهي ته تڪڙا اپاءَ ورتا وڃن.

رڪارڊ ٽوڙ مهانگائي
ملڪ ۾ ڪابه حڪومت هجي، اها عوام دوست فيصلن بدران عوام دشمن فيصلن کي ترجيح ڏيندي آهي. اهڙن فيصلن کي سخت فيصلن جو نالو ڏنو ويندو آهي. پي ٽي آءِ جي حڪومتي دور ۾ عوام مهانگائيءَ جون دانهون ڪندو هو. هاڻوڪي حڪومت ۾ به عوام مهانگائيءَ کي منهن ڏئي رهيو آهي. حڪومت آهي جو مهانگائي مٿان مهانگائي ڪندي پئي وڃي ۽ اها ڪنهن به ريت مهانگائيءَ کي گهٽائڻ لاءِ تيار ناهي. پي ڊي ايم جي حڪومت ۾ مهانگائيءَ جا سڀئي رڪارڊ ٽٽي ويا آهن. جنهن کانپوءِ ائين لڳي رهيو آهي ته هي حڪومت عوام کي رليف ڏيڻ لاءِ تيار ناهي. اها فقط عوام مٿان مصيبتون آڻڻ چاهي ٿي.
آگسٽ 2022 ۾ مهانگائيءَ جي شرح 27 ڏهائي 3 سيڪڙو ٿي وئي آهي جيڪا آگسٽ 2021 ۾ 8 ڏهائي 3 سيڪڙو هئي. وفاقي شماريات کاتي جي انگن اکرن موجب ڳوٺاڻن علائقن ۾ مهانگائيءَ جي شرح 28 ڏهائي 8 سيڪڙو رهي آهي. جڏهن ته شهري علائقن ۾ مهانگائيءَ جي شرح 26 ڏهائي 2 سيڪڙو رهي آهي. آگسٽ جي دوران ملڪ ۾ مهانگائي جي شرح ۾ 2 ڏهائي 4 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي، جنهن سبب ملڪ ۾ مهانگائي جو 49 سالن جو رڪارڊ پڻ ٽٽي چڪو آهي. وفاقي شماريات کاتي موجب گذريل مهيني مڱن جي دال 15 ڏهائي 25 سيڪڙو، سبزيون 13 ڏهائي 44 سيڪڙو مهانگيون ٿيون. جڏهن ته فروٽ 20 سيڪڙو، مرغي 11 ڏهائي 54 سيڪڙو ۽ موٽر فيول 2 ڏهائي 60 سيڪڙو سستو ٿيا. گذريل مهيني دوران دال ماش 12 ڏهائي 47 سيڪڙو، مهري دال جو اگهه 11 ڏهائي 76 سيڪڙو، چڻن جي دال 6 سيڪڙو، بيضا 7 ڏهائي 53 سيڪڙو ۽ بيسڻ ساڍا 6 سيڪڙو مهانگا ٿيا. رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته هڪ مهيني ۾ آلو 5 سيڪڙو، ڪوڪنگ آئل جو اگهه اڍائي سيڪڙو وڌي ويا. آگسٽ ۾ بجلي 19 ڏهائي 73 سيڪڙو مهانگي ٿي. جڏهن ته ان وچ ۾ ريڊي ميڊ گارمينٽس 8 سيڪڙو ۽ اڏاوتي سامان ساڍا 7 سيڪڙو مهانگا ٿيا. شماريات کاتي موجب هڪ سال ۾ بجلي 123 سيڪڙو ۽ پيٽرول 84 سيڪڙو مهانگا ٿيا.
اسين سمجهون ٿا ته هيتري مهانگائي عوام ڪنهن به ريت برداشت نٿو ڪري سگهي. ملڪ تي ٻوڏ جي آفت آيل آهي ۽ عوام پريشان آهي. تنهنڪري ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته عوام تان مهانگائيءَ جو بار گهٽايو وڃي. ان کي ايترو رليف ڏنو وڃي جو اهو گهٽ ۾ گهٽ جيءَ سگهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button