ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

امداد لاءِ واجهائيندڙ ٻوڏ متاثر

Editorial-Article-Juman Palijo

پَھرين جولاءِ کان شُروع ٿيل سانوڻِيءَ جي ھنن بَرساتن بابت موسميات کاتي اڳڪَٿي ڪَري ڇَڏي ھُئي، پَر صوبائي سَرڪار پاران ڌِيان نه ڏِيڻ سَبب سِنڌ ۾ جيڪا تباھِي ٿي آھي، ان سان صوبَي جا ماڻھو معاشِي طور ڪيترائِي سال پوئتي ھليا ويا آھن. اڳ ئِي شديد غربت ۽ مفلسي کي منھن ڏيندڙ سِنڌ دَردن جو داستان بڻجِي چُڪِي آھي. ھَر پاسي تباھِي ۽ بَربادِيءَ جا منظر آھن.
اَجها ڊھڻ سَبب سَوين عورتن، مَردن ۽ ٻارن جُون جانيون ضايع ٿيون آھن. پِتڪڙن وجودن جا جنازہ کَڄڻ تي ڳوٺ ڳوٺ ۾ ڪُھرام مَتل آھي. متاثر پاڻِيءَ ۾ ڦاٿل آھن. سِنڌ ۾ جَھڙيون درياھِي مھا ٻوڏ 2010ع ۾ وڏيون تباھيون آنديون ھُيون، ساڳئي ريت ھن صورتحال ۾ بَرساتن جي نتيجي ۾ ھڪ ڪروڙ کان وڌيڪ ماڻھو متاثر ٿيا آھن ۽ اربين رُپين جو مالِي نقصان ٿِي چُڪو آھي. ماڻھو بُک وگهي مَرڻ جي ڪنڌي تي آھن. ھتي ماڻھو آخر ڪنھن جو آسرو ڪن؟! ڇاڪاڻ ته عالمِي ادارن کان مليل اِمداد مڪمل طور حقدارن تائين پُھچڻ به مُمڪن نظر نٿِي اچي.!!

ٻئي پاسي حالت اھا آھي ته سِنڌ جا ماڻھو پنھنجا اَباڻا ڪَک لُڙھي وڃڻ سبب جياپي لاءِ ڪراچِيءَ ڏانھن ويا ته سَندن رستا روڪ ڪرڻ جون خبرون به سامھون آيون آھن. جنھن تي سِنڌ حڪومت به تحرڪ ناھي ورتو. ھن وقت جتي سِنڌ ۾ ڀيانڪ صورتحال جنم وٺِي چُڪِي آھي، اُتي ھڪ ته سرڪار پاران ھيل تائين متاثرن کي کاڌو، خيما ۽ ٻيو سامان ئِي فراھم نه ڪيو ويو آھي. ٻيو ورِي جيڪڏھن اھي پنھنجِي مدد پاڻ تحت محفوظ ھنڌن ڏانھن لڏپلاڻ ڪن ٿا ته انھن جو تحفظ سواليا نشان بڻجِي چُڪو آھي. مڃون ٿا ته ھِن وقت جيڪا صورتحال پيدا ٿيل آھي، ان تي ضابطو آڻڻ سِنڌ حڪومت لاءِ آسان ڪم ناھي، پر شھرن ۾ متاثرن ماڻھن کي تحفظ فراھم ڪرڻ حڪومت جي ھٿ ۽ وس ۾ آھي.

سِنڌ حڪومت کي تڪڙو ڌرتِيءَ ڌڻين جِي رستا روڪ ڪندڙ عنصرن خلاف ڪارروائي ڪرڻ گهرجي ۽ ان سان گڏ عالمِي ادارن کان مليل امداد جو به گهڻو ڀاڱو سِنڌ تي خرچ ڪرڻ لاءِ وفاقي سرڪار تي دٻاءُ وجهڻ گهُرجي. ڇاڪاڻ ته سنڌ جا 90 سيڪڙو فصل تباهه ٿِي ويا آھن. معاشي طور ماڻھو ڪيترائي سال پوئتي پئجِي ويا آھن. جن جِي بحاليءَ لاءِ وفاق کي ايترو ئِي حصو ڏيڻ گهرجي جيترو حصو ملڪِي خزاني ۾ سِنڌ صوبو ڏيندو رھيو آھي. ھن ڏُکي صورتحال ۾ جڏھن سِنڌ ۾ ڪامورا واڳون جيان وات کولي ملندڙ امداد ۾ اکيون وجِهي پنھنجا پيٽ ڀرڻ لاءِ ميدان ۾ لٿل آھن ۽ امداد جو سامان بااثرن جي اوطاقن ۾ گڏ ٿيڻ جا چوٻول به آھن. اتي سِنڌ ھاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس پاران ضلعي سطح تي ججن کي امدادي ڪاررواين جِي نگرانِي ڪرڻ ۽ روزاني بنياد تي فوٽوئن سان گڏ لکت ۾ رپورٽ جمع ڪرائڻ جو حُڪم ڏنو ويو آھي.
سِنڌ ھاءِ ڪورٽ جي اھڙي حڪم جِي آجيان ڪَجي ٿي. اُميد آھي ته ادارا امداد حقدارن تائين پھچائڻ ۾ پنھنجو مثبت ۽ اثرائتو ڪردار ادا ڪندا.
ياد رھي ته 2010ع واري مھا ٻوڏ دوران جيڪي اين جِي اوز ڪم ڪري رھيون ھيون انھن مان ڪجهه اھڙيون به ھيون جن سڀ ڪجهه ھڙپ ڪيو ۽ ڪجهه ادارا اھڙا ھئا جن اڌ کاڌو ۽ اڌ ورھايو پر اڪثريت اھڙين اين جِي اوز جِي به ھُئِي جن 80 کان 90 سيڪڙو سامان ماڻھن تائين پھچايو. اھو به سَروي ڪرڻ کان پوءِ اصل ضرورتمند ۽ متاثر ماڻھن کي ڏنو ويو.
جيتري فنڊنگ 2010ع دوران ٿِي هئي. ان حڪمرانن جي وات ۾ پاڻِي آڻي ڇڏيو ۽ ترت ئِي سَمورِين لوڪل اين جِي اوز، انٽرنيشنل اين جِي اوز ۽ ڊونر ايجنسِين لاءِ ايتريون ته سَختيون ڪَيون ويون جو انٽرنيشنل اين جِي اوز ۽ ڊونر ايجنسِين جِي ھِتان تڏا ويڙهه ٿِي وئِي ۽ لوڪل اين جِي اوز مان به 90 سيڪڙو بند ٿِي ويون. ظاھر آھي اھي ادارا ھلندا ئِي ٻاھرين ادارن جِي فنڊنگ تي آھن. فنڊنگ بند ٿِي ته اھي ادارا به بند ٿِي ويا. فنڊنگ بند ٿيڻ پويان وفاقي حڪومت ۽ اسٽبلشمينٽ جِو اھو منطق ھو، جيئن ته اين جِي اوز ڪرپشن ڪن ٿيون ان ڪري جيڪا به فنڊنگ ٿئي اھا سرڪاري ادارن کي ملي. پوءِ سرڪاري ادارا جهڙوڪ اين ڊي ايم اي ۽ پي ڊي ايم اي وغيرہ پاڻ اين جِي اوز کي پئسا ڏين ته جيئن اھي اڳتي ڪم ڪن!!
پرڏيھي ادارن کي حڪومت تي اعتماد ھجي ھا ته اھي اين جِي اوز کي پئسا ڏين ئي ڇو ھا؟! ان ڪري ھنن پويان پير ڪيا ۽ اڄ ان روش کي سنڌ، بلوچستان ۽ سرائيڪي واسي ٻوڏ سٽيل ڀوڳي رھيا آھن.
ان کان سواءِ بَرسات ۽ ٻوڏ مُتاثر ماڻهو جيڪي پنھنجا اباڻا اَجها ڊھِي ۽ لُڙھِي وڃڻ سبب لڏپلاڻ ڪري ٻين شھرن ۽ روڊ رستن تي پنھنجا ٻچا ٻار ۽ مال متاع ساڻ ڪري ويٺل آھن، پر اڃا تائين سرڪار سندن ڪا به واھر نه ڪئِي آھي. غريب ۽ مِسڪين ماڻهو بي يارو مددگار ويٺل آھن ۽ بُکن ۾ پاهه ٿي ويا آھن. سَرڪار کي گهرجي ته برسات ۽ ٻوڏ متاثِرن کي خيما ۽ راشن فراھم ڪَري ۽ کين ريسڪيو ڪن. روز متاثر ميڊيا آڏو رت جا ڳوڙھا وھائي دانھون ڪوڪون ڪَري رھيا آھن ته خدارا اسان جِي واھر ڪريو.
ان کان سواءِ برسات ۽ ٻوڏ مُتاثِر عورتون، مرد ۽ ننڍا ٻار مختلف قِسمن جي بيمارين ۾ وٺجِي ويا آھن. گئسٽرو، مليريا ۽ چمڙيءَ جي مرضن سميت ٻين بيمارين پڻ منھن ڪڍيو آھي. صحت کاتو اڃا تائين اگهور ننڊ پيل آھي. خُدارا ٻوڏ سبب متاثرن ٿيل ماڻهن جِي ڪا واھَر ڪَريو. ان امڪان کي رد نٿو ڪري سگهجي ته جيڪڏهن بيماريون پکڙجڻ جو سلسلو جاري رهيو ته پوءِ ايندڙ وقت ۾ سڀئي ٻوڏ متاثر بنهه گهڻا متاثر ٿيندا. خاص طور تي اهي ٻارڙا جيڪي ڪئمپن ۾ رهن پيا، انهن کي بيماريون جلدي وڪوڙي وينديون ۽ انهن کي ترت طبي امداد جي ضرورت آهي. خبر ناهي ته ان حوالي سان حڪومت ڪهڙا اپاءَ وٺي رهي آهي ۽ ان معاملي کي نظر ۾ رکندي اها ڪهڙي ريت ٻوڏ متاثرن کي بيمارين کان بچائڻ جي ڪوشش ڪندي. ڇاڪاڻ ته هن وقت تائين ٻوڏ متاثر خوراڪ جي کوٽ ته برداشت ڪري رهيا آهن پر ان سان گڏ هاڻ اهي بيمارين جو شڪار پڻ ٿي رهيا آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button