ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

ٻڏل سنڌ ڪير تاريندو؟

Editorial-Article- Umer Qazi

ٻڏل سنڌ ڪير تاريندو؟ هي هڪ اهم ترين سوال آهي. جڏهن اهو سوال اٿي ٿو، تڏهن فوري طور تي ذهن ۾ رياست ۽ حڪومت جو تصور اچي وڃي ٿو. ڇو ته حڪومت ۽ رياست وٽ اهي وسيلا به آهن ۽ اها سگهه به آهي، جيڪا عذاب ۾ آيل عوام جي واهر ڪري سگهي ٿي. هونءَ به اهو دنيا جو دستور آهي ته اهڙي مشڪل حالتن مان قومن کي صرف حڪومتون ۽ رياستون ئي ڪڍنديون آهن. پر سوال اهو به آهي ته جنهن حڪومت پنهنجي نااهليءَ ۽ پنهنجي ڪرپشن جي ڪري قوم کي ٻوڙيو هجي، اها هن کي ڪيئن تاري سگهندي؟ اهو ته ساڳيو ئي جهان خان وارو مثال ٿي ويندو. جيڪا قوت بچائي نه سگهي، اها عوام کي پنهنجن پيرن تي بيهارڻ جو ڪارنامو ڪيئن ٿي سرانجام ڏئي سگهي؟ ساڳي طرح اسان جي رياست به منڍ کان وٺي پنهنجي عوام جي ڀلائيءَ ۽ بهبود لاءِ اهڙو ڪو قدم نه کنيو آهي، جنهن مان ڪا اميد جنم وٺي سگهي. جيڪڏهن رياست جو عوام جي ڀلائيءَ ۾ ڪردار هجي ها ته ڇا بلوچستان ۽ سنڌ جو اهڙو هال هجي ها؟ اسان کي حقيقت پسند ٿيڻ گهرجي. ڇو ته جيڪڏهن اسان هن مهل به حقيقت پسند نه ٿياسين ته پوءِ اسان ڪڏهن ٿينداسين؟ ڇا هن وقت کان وڌيڪ ٻيو ڪو ڏکيو وقت ايندو؟
اهو به سچ آهي ته اسان کي هن حال تي پهچائڻ ۾ اسان جي غيرحقيقت پسنديءَ جو تمام اهم ڪردار آهي. جيڪڏهن اسان حقيقت پسند هجون ها ته هوند اسان جو حال اهڙو هرگز نه هجي ها. پر هيڏو وڏو نقصان ٿيڻ کان پوءِ به ته اسان کي گهٽ ۾ گهٽ حقيقت پسند ٿيڻ گهرجي. جيڪڏهن اسان هاڻي به پنهنجي پراڻي عادت تبديل نه ڪئي ته اسان جو تاريخ ۾ تمام برو حشر ٿيندو. هونءَ به لطيف اهو ئي چيو آهي. هن اسان کي اهو ئي سمجهايو آهي. هن وقت اسان کي لطيف جي انهن لفظن تي سنجيدگيءَ سان غور ڪرڻ گهرجي، جن ۾ هو فرمائي ٿو:
”هئين ته ويڄن وٽ، تون ڪئين جيءَ جڏو ٿئين
اڳين عادت مٽ ته اگها سگهو ٿي سگهين“
مان سمجهان ٿو ته هن بيت کان وڌيڪ بهترين رهنمائي ٻي ڪا به ٿي نه ٿي سگهي. جيستائين هيءَ قوم ۽ هي عوام پنهنجي اڳين عادت نه مٽيندو، تيستائين ان ۾ ڪا به بهتر تبديلي نه اچي سگهندي. هن وقت بهتر تبديليءَ جو اهڃاڻ صرف اهو آهي ته ڪنهن به طرح سان قوم کي پنهنجي پراڻي روش واري راهه تان هٽائجي.
سنڌي قوم کي اها عادت آهي ته هوءَ جوکا نه کڻندي آهي. هوءَ تڪليفن وارا رستا نه وٺندي آهي. هوءَ ائين محنت نه ڪندي آهي، جيئن ڪرڻ گهرجي. جڏهن ته تاريخ ۾ صرف اهي قومون ئي اڳتي وڌيون آهن، جن تمام گهڻو پورهيو ڪيو آهي. جن تمام گهڻي جاکوڙ ڪئي آهي. سنڌ مڇي مانيءَ واري قوم هجڻ سبب پنهنجي مزاج ۾ اها تبديلي نه آڻي سگهي آهي، جيڪا قومن کي مضبوط بنياد فراهم ڪندي آهي. ان سلسلي ۾ سنڌ کي سوچڻ گهرجي ته ان سست طبيعت ۽ گهر ۾ پيو رهڻ واري روش هن کي تاريخ ۾ ڪيترو نه نقصان پهچايو آهي. جيڪڏهن هن اڃان به پنهنجي پراڻي عادت نه تبديل ڪئي ته پوءِ تاريخ ۾ انهن جو نالو تباهيءَ جي حوالي سان ياد ڪيو ويندو. ڇو ته جنهن حال ۾ هن مهل سنڌي ماڻهو پهتا آهن، ان مان نڪرڻ جي لاءِ تمام گهڻي سگهه گهرجي. ان مان ٻاهر اچڻ جي لاءِ تمام گهڻي محنت ۽ مشقت جي ضرورت آهي. اسان کي ان سلسلي ۾ اهو به ذهن نشين ڪرڻ گهرجي ته جيڪو ڪجهه تاريخ ۾ اسان ڪيو آهيم، اهو ته ڪجهه به نه آهي. پر هاڻي اسان جنهن حال ۾ آهيون، ان مان مٿي اچڻ جي لاءِ اسان کي تمام گهڻو ڪشٽ ڪرڻو پوندو. ڇو ته اسان جي وڏن جهڙي تهڙي محنت سان اهي جايون جوڙيون هيون، جيڪي پاڻيءَ سبب پٽ تي ڪريون آهن، هن مهل انهن جي تعمير تمام گهڻي مشڪل آهي.
حڪمران ۽ رياست جا ڌڻي اهو چئي ته رهيا آهن ته هو ماڻهن کي گهر ٺهرائي ڏيندا ۽ پڪا گهر ٺهرائي ڏيندا. جيڪڏهن پيپلز پارٽيءَ جي ڪرتن ڌرتن کان به پڇيو ويندو ته هو به اها وائي ورجائيندا پر سوال اهو آهي ته جيڪڏهن انهن مان ئي اميد رکي ويندي ته پوءِ سمجهڻ گهرجي ته اهو ڪم به نه ٿيو، ڇو ته انهن مان مدد جي اميد رکڻ ٻٻرن کان ٻير گهرڻ برابر هوندو. انهن حڪمرانن ته اسان کي هن حال تائين پهچايو آهي، هاڻي ان حال کان اڳتي ته اسان جي لاءِ موت آهي. اسان کي انهن جي ڪردار سبب اهو وقت ڏسڻو پيو آهي. جيڪڏهن اسان اڳتي جي اميد به انهن مان رکي ته اسان جو ڪهڙو حشر ٿيندو؟ اهو اسان کي سمجهڻ گهرجي.
اردو ٻوليءَ جي عظيم شاعر مير تقي مير جو اهو شعر اسان جي سياست ۽ صحافت ۾ تمام گهڻو استعمال ٿيو آهي. جيڪڏهن اسان هن ڀيري پنهنجي معاشري جي نئين سر تعمير جي اميد انهن حڪمرانن مان رکي ته ان تي مير جا اهي ٻول پورا ايندا ته:
”مير ڪيا ساده هين، بيمار هوئي جس ڪي سبب
اسي عطار ڪي لونڊي سي دوا ليتي هين“
اسان کي جنهن هن حال تي رسايو آهي، ان مان اميد رکڻ ته اهو اسان کي نئين سنڌ ٺاهي ڏيندو؟ اهو خيال ئي اسان کي پنهنجن ذهنن مان ڪڍي ڇڏڻ گهرجي. ڇو ته اسان کي برباديءَ مان آباديءَ جي اميد رکڻ ئي نه گهرجي. ان کان سواءِ اسان کي اهو به سمجهڻ گهرجي ته هو ان قابل ئي ناهن جو ايڏو وڏو ڪارنامو سرانجام ڏئي سگهن. هونءَ ته انهن جو ڪرپٽ ڪردار انهن جو اهو اوگڻ آهي، جيڪو انهن کي ڪجهه به نه ڪرڻ ڏيندو پر فرض ڪيو جو اهو ڪرشمو ٿي پوي ته هو اوچتو ايماندر ٿي وڃن ۽ قدرت انهن جي دلين کي ايمان جي نور سان منور ڪري ڇڏي ته ڇا ان حال ۾ به هو اهو ڪجهه ڪرڻ جي پوزيشن ۾ اچي ويندا؟ هڪ ته هو ايماندار ٿين، اهو ممڪن ئي ناهي ۽ جيڪڏهن اهو ناممڪن ڪم ٿي وڃي تڏهن به انهن ۾ اها صلاحيت ئي ناهي جو ايڏو وڏو مشن مڪمل ڪري سگهن.
اسان کي ان سلسلي ۾ اها ڳالهه به ذهن نشيڻ ڪرڻ گهرجي ته اسان جا حڪمران اهي وفاقي هجن يا صوبائي يا اسان جي اسٽيبلشمينٽ، انهن جون اکيون صرف ۽ صرف عالمي امداد تي آهي. انهن جو خيال آهي ته دنيا انهن جي مدد ڪندي ۽ هو دنيا جي امداد سان ڊٿل معاشري کي نئين سر ٺاهي سگهندا. اهو ئي سبب آهي ته هو مسلسل اپيلون ڪري رهيا آهن ۽ انهن هن مهل تائين ڪک ڀڃي به ٻيڻو نه ڪيو آهي. انهن ڪجهه به نه ڪيو آهي. انهن کي انتظار آهي ته ڪڏهن ٿا ڊالر ملن؟ ڇا انهن کان اڃان به اميد رکجي؟ هو جيڪي پاڻ تي ڀاڙڻ بدران دنيا جي طرف تڪي رهيا آهن. جن جو اهو خيال آهي ته دنيا انهن جي مدد ڪندي، سي اسان جي ڪهڙي مدد ڪري سگهن ٿا؟ هن حال ۾ اسان کي پهچائڻ وارا هن کان بري حال ۾ ته پهچائي سگهن ٿا، باقي انهن کان بهتريءَ جي اميد نه رکڻ گهرجي. جيڪڏهن اسان اڃان به پاڻ ۾ سڌارو نه آندو ۽ اسان ساڳي طرح سان اميد پرستيءَ جو رستو نه ڇڏيو ته اسان کي تاريخ مڪمل طور تي تباهه ڪري ڇڏيندي. ڇو ته تاريخ سدائين بي رحم ۽ بي قياس رهي آهي. تاريخ ڪنهن تي به ڪرم نه ڪندي آهي. خاص طور تي اهي قومون جيڪي پنهنجي بري ۽ ڀلي جي لاءِ پاڻ محنت نه ڪن، تاريخ انهن جو حشر عبرتناڪ بڻائيندي آهي. اسان کي ان سلسلي ۾ تمام گهڻو خبردار رهڻ گهرجي. اسان کي اهو به سمجهڻ گهرجي ته اسان هن حال ۾ پهتا آهيون ته ان جا به سبب اسان جي عمل ۾ آهن. اقبال ڪيترو نه سچ چيو آهي:
”عمل سي زندگي بنتي هي جنت به بهي جهنم بهي
يه خاڪي اپني فطرت مين نه نوري هي نه ناري هي“
اسان کي به فطرت جي ان سبق کي پنهنجي ذهن ۾ رکڻ گهرجي.
اسان کي يقين ڪرڻ گهرجي ته جيڪڏهن اسان پاڻ پنهنجي مدد نه ڪئي ته اسان کي دنيا جي ڪا به طاقت بچائي نه سگهندي. اسان جو حشر تمام گهڻو خراب ٿيو آهي ۽ اڃان به خراب ٿيندو. ان ڪري جن اڳواڻن ۽ جن سياستدانن جي ڪري اسان جو حشر اهڙو ٿيو آهي، تن مان اميد رکڻ عبث آهي. ان ڪري سنڌ جي ستايل ماڻهن کي سرڪاري امداد جو آسرو رکڻ بدران پاڻ تي ڀاڙڻ گهرجي ۽ پاڻ پنهنجا جهريل جهڳا ٺاهڻ گهرجن. ڇو ته اسان جي مدد لاءِ ٻيو ڪير نه ايندو. جيڪڏهن قدرت به اسان جي مدد ڪندي ته اها به ان صورت ۾ ڪندي، جيڪڏهن اسان پنهنجي مدد پاڻ ڪئي سين. اسان کي پاڻ تي ڀاڙڻ گهرجي. اسان کي پنهنجي محنت ۽ مشقت تي اعتبار ڪرڻ گهرجي. اسان کي ٽٽل دلين سان ئي سهي پر اٿڻ گهرجي ته جيئن اسان پنهنجا ٽٽل گهر ٻيهر جوڙي سگهون. ان لاءِ سڀ کان اهم ڪم اهو آهي ته سڀ کان اڳ ۾ اسان کي پنهنجن ڳوٺن ۽ پنهنجن پاڙن مان پاڻي ڪڍڻ گهرجي. هن مهل به اسان پاڻيءَ جي گهيري ۾ آهيون. اسان کي ان گهيري مان نڪري نئين سر تعمير جا بندوبست ڪرڻا پوندا. ان کان سواءِ اسان وٽ ٻيو ڪو به آپشن نه آهي. جيڪڏهن اسان هاڻي اميد پرستيءَ جو دامن نه ڇڏيو ته اها ٻڏل سنڌ ٻڏل ئي رهندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button