شوبز

بلوچي فلم دودا سينيمائن ۾ رليز، پهرين ڏينهن هائوس فل رهيو

پاڪستان جي پهرين بلوچي ٻولي واري فلم دودا سينيما گهرن ۾ رليز ٿي وئي آهي، جنهن کي مداحن ڀرپور موٽ ڏني آهي. ميڊيا مطابق ڪراچي جي ڪيپري سينيما ۾ پيش ڪيل فلم جو پهريون ڏينهن هائوس فل ويو آهي ۽ سينيما جي انتظاميا هائوس فل جو بورڊ هڻي آگاهي بھ ڏني. هوڏانهن فلم جي ڪهاڻي لياري جهڙي پٺتي پيل علا.ئقي ۾ رهندڙ هڪ باڪسر جي زندگي تي فوڪس ڪري لکي وئي آهي. جڏهن تھ عادل بزنجو جي هدايتڪاري ۾ ٺهيل فلم ۾ مرحوم انور اقبال بھ مختصر ڪردار ڪيو هو، جيڪو سندس بلوچي رخ کي ظاهر ڪري ٿو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button