ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

درياهه جو پلاند

Editorail-Article- Akhtar Hafeez

سنڌ جا ماڻهو هاڻوڪي ٻوڏ جي تباهيءَ کان پوءِ ماضي ۾ آيل ٻوڏن کي ياد ڪري رهيا آهن. اهي هن ٻوڏ جي ڀيٽ آڳاٽين ٻوڏن سان ڪري رهيا آهن. هاڻوڪي ٻوڏ سبب آيل تباهي ڪا معمولي ڪانهي، ان جتي ٻهراڙين کي اجاڙيو آهي، اتي شهرن کي به تباهه ڪيو آهي. ماڻهن جي معاشي حالت بنهه کڻي خراب ٿي وئي آهي. لکين ڍور مري ويا آهن. هزارين انسان اجل جو شڪار ٿيا آهن. ٻنيون ٻارا اڃا به پاڻي هيٺ آهن ۽ جيڪي شهر ٻڏا آهن، انهن ۾ ماڻهن جو الهه تلهه لڙهي ويو آهي. ٻوڏ گذري وڃڻ کان پوءِ جيڪا تباهي ايندي آهي سا ڪجهه الڳ آهي. جن ۾ ماڻهن کي پاڻيءَ مان بيماريون ٿينديون آهن. ماڻهن جي دربدي ٿيندي آهي. ان کان سواءِ عورتن سان به ڪيترائي مسئلا ٿيندا آهن. هڪ رپورٽ موجب ٻوڏ سبب جيڪي عورتون متاثر ٿيون آهن. انهن ۾ ست لک عورتون ڳورهاريون آهن. جڏهن ته هزارين عورتون ۽ ٻار اهڙا آهن، جيڪي پاڻي سبب پيدا ٿيندڙ پيٽ ۽ چمڙيءَ جي بيمارين ۾ ورتل آهن.

ملڪ ۾ ٻوڏ سبب تباهي ڪا پهريون ڀيرو ڪانه ٿي آهي. 2010ع ۾ آيل ٻوڏ به وڏي تباهي آندي هئي. پر هاڻوڪي ٻوڏ ان کان به وڏي آهي. جنهن ڪري سڄي دنيا اهو چئي رهي آهي ته تبديل ٿيندڙ ماحوليات جي ڪري پاڪستان کي ايڏي وڏي تباهي ڏسڻي پئي آهي. معمول کان وڌيڪ برساتن سبب نه رڳو انفرا اسٽرڪچر تباهه ٿيو آهي پر ڳوٺن جا ڳوٺ مٽجي ويا آهن. 2010ع واري ٻوڏ دوران به انتظاميه ۽ حڪومت مشينريءَ جو زور ان ڳالهه تي رهيو ته پاڻيءَ جي وهڪرن کي ڪٿان کان ڪٽ هڻجن ۽ ڪٿان کان پاڻيءَ کي رستو ڏنو وڃي. جڏهن ته پاڻيءَ جي اصلوڪن ۽ قدرتي لنگهن کي بحال نه ڪيو ويو. جنهن جي نتيجي ۾ نه رڳو شهرن کي ٻوڙيو ويو پر ان سان ماڻهن کي دربدر به ٿيڻو پيو ۽ سنڌ جي شهرن تي آباديءَ جو دٻاءُ بنهه گهڻو وڌي ويو. خاص ڪري حيدرآباد تي آباديءَ جو دٻاءُ گهڻو وڌيو. هاڻ به امڪان اهي آهن ته حيدرآباد شهر تي ئي آباديءَ جو دٻاءُ وڌندو. هيڏي وڏي تباهيءَ کان پوءِ اسان ڇا سکيو آهي؟ يا امڪاني طور ايندڙ سال به جيڪڏهن ايڏي مقدار ۾ برساتون پون ٿيون ته اسين ڪجهه سکڻ لاءِ تيار آهيون؟
اهي ماڻهو جيڪي سمجهڻ ٿا ته درياهه تي ڊيم ۽ بئراج اڏڻ سان ان جي رستا روڪ ڪري سگهجي ٿي ته انهن کي اهو ياد رکڻ گهرجي ته پاڻيءَ کي ڪوبه روڪي نٿو سگهي. ان کي هڪ حد تائين ته روڪي سگهجي ٿو پر پاڻيءَ جي اها فطرت آهي ته هو پنهنجو رستو پاڻ ٺاهيندو آهي. ان جي رستي کي روڪڻ ممڪن ڪونهي. سنڌو درياهه ڏهاڪن کان سڪل هو. ان ۾ واريءَ پئي اڏامندي هئي. جڏهن درياهه ۾ پاڻي ڇوڙ ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويندو هو ته پنجاب، ارسا ۽ وفاقي حڪومت جو چوڻ هوندو هو ته درياهه ۾ پاڻي زيان ٿيندو آهي. جڏهن ته دنيا ۾ درياهه وهندا رهندا آهن. انهن جي وهڪري کي ڪونه روڪيو ويندو آهي. اسان وٽ سڄو زور ان تي آهي ته سنڌي ماڻهن کي درياهه وسيلي ملندڙ پاڻيءَ کي ڪيئن روڪيو وڃي. ڪيئن ان تي سنڌ جي موڪل بنا ڊيم اڏيا وڃن، انهن مان ڪئنال ڪڍيا وڃن ۽ ڪهڙي ريت سنڌو جو پاڻي چوري ڪيو وڃي. هاڻوڪي ٻوڏ سبب پنجاب کي اهڙُو نقصان ڪونه پهتو آهي. ڇاڪاڻ ته پنجاب کي جڏهن به لڳندو آهي ته پاڻي گهڻو ٿي آهي ته اهو سنڌ ڏانهن ڇڏي ڏيندو آهي. نتيجي ۾ سنڌ ٻڏندي آهي ۽ سنڌ روئيندي آهي. جيئن هاڻوڪن ڏينهن ۾ ٻڏي آهي.
سنڌ توڙي پوري ملڪ ۾ درياهه ڀرسان آباديون آهن. رهائشي اسڪيمون آهن. هوٽلون اڏيل آهن ۽ ان کان سواءِ درياهه جا ڪيترائي لنگهه به بند ڪيا ويا آهن. اهڙي صورت ۾ ڇا درياهه پنهنجو پلاند نه ڪندو. اهو ڪڏهن به موٽ کائي سگهي ٿو. درياهه کان پنهنجو رستو ڪڏهن ناهي وسرندو. تنهنڪري هاڻوڪي ٻوڏ ۾ به ائين ٿيو آهي. هن وقت سنڌو درياهه تار وهي رهيو آهي. ٻوڏ جي پاڻيءَ کي به درياهه ۾ شامل ڪرڻ جون ڪوششون ٿي رهيون آهن. درياهه کي سمنڊ تائين وهائڻ جون ڪوششون ٿي رهيون آهن. جڏهن ته درياهه کي ٻارهو ئي ائين وهائڻ گهرجي.
انساني حرص سبب قدرتي لنگهه بند ٿيا. درياهه جي پيٽ ۾ رهائشي اسڪيمون اڏي، اهو تاثر ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته درياهه ڪڏهن به ڪونه وهندو. اهو سدائين سڪل رهندو پر فطرت سدائين پنهنجا رنگ ڏيکاريندي آهي. هيستائين هٿرادو طور ٺاهيل جيڪي به پاڻيءَ کي اڪارڻ لاءِ رستا تيار ڪيا ويا هئا، انهن مان پاڻي ابتو وهي رهيو آهي. ماڻهو سمجهن ٿا درياهه جي رستا روڪ ڪرڻ يا ان جو پاڻي ڊيمن وسيلي روڪي، ان کي وس ۾ ڪري سگهن ٿا پر درياهه جڏهن به چاهي اهو پنهنجي منزل تائين پهچي سگهي ٿو.
سڄي ملڪ مان اهي آواز اٿي رهيا آهن ته ٻوڏ سبب گهڻي تباهي ٿي آهي، تنهنڪري امداد ڏني وڃي. اهم سوال اهو آهي ته اها ٻوڏ ڇو آئي. پاڻيءَ کي رستو ڇو ڪونه ڏنو ويو. ڇاڪاڻ ته سڄي ملڪ ۾ ناقص انفرا اسٽرڪچر آهي. سنڌ جي ٻيلن ۽ سنڌ جي ڪچي تي قبضا آهن. جيڪڏهن پاڻيءَ جي گذر لاءِ جوڙيل انفرا اسٽرڪچر بهتر هجي ها ته ايتري تباهي نه ٿئي ها. حڪمران ملڪ جي انفرا اسٽرڪچر کي بهتر ڪرڻ لاءِ تيار نه آهن. جدت وسيلي اهي پاڻي واري معيشت کي ملڪ لاءِ ڪارائتو ڪرڻ لاءِ تيار نه آهن. جيڪي ماڻهو دربدر ٿيا آهن، انهن کي دنيا کان خيرات گهري ڪيتري وقت تائين هلائي سگهجي ٿو. ٻيو ته عوام کي خيرات ڇو ڏجي؟ انهن جي شهرن ۽ ڳوٺن ۾ جيڪڏهن بهتر انفرا اسٽرڪچر هجي ها ته انهن کي پنهنجا گهر نه ڇڏڻا پون ها.
ملڪ ۾ قبضي ڪرڻ واري سوچ نه رڳو حڪمران طبقي پر عام ماڻهو جي به آهي. عام ماڻهو گهٽي تي قبضو ڪندو آهي. روڊ تي قبضو ڪندو آهي. ڪنهن جي پلاٽ تي قبضو ڪندو آهي. درياهه جي ڪنڌيءَ تي قبضو ڪندو آهي. قدرتي لنگهه تي قبضو ڪندو آهي. اتي ڳوٺ اڏي ويهي رهندو يا وري ٻني پوکي ڇڏيندو آهي. جڏهن ٻوڏ ايندي آهي ته اهو ئي سڀني کان وڌيڪ متاثر ٿيندو آهي. ان کان پوءِ ان جون رڙيون پيون پونديون آهن. سو هاڻوڪي ٻوڏ ۾ به ائين ٿيو آهي.
هاڻوڪي تجربي مان ايترو سکي سگهجي ٿو ته قبضن ۽ پاڻي جي وهڪرن ۾ رنڊڪون آڻڻ سان وڏي تباهي اچي سگهي ٿي. تنهنڪري ملڪ کي بهتر انفرا اسٽرڪچر جي ضرورت آهي. اهو تڏهن ٿي سگهي ٿو، جڏهن قبضي واري نقسيات جو خاتمو ڪيو وڃي. اهو سمجهڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي ته درياهه ڪڏهن به پلاند ڪري سگهي ٿو ۽ اهو پنهنجي وهڪري کي وساري نٿو سگهي. درياهن جو وهڻ زندگيءَ جي علامت هوندو آهي. تنهنڪري درياهه جي رستا روڪ ڪرڻ معنيٰ انساني زندگيءَ جا لنگهه روڪڻ. جيڪڏهن حڪمران ۽ عوام هاڻوڪي تباهيءَ مان ڪجهه سکڻ لاءِ تيار نه آهن ته پوءِ ان کان به وڏي تباهيءَ لاءِ تيار رهڻ گهرجي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button