ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

مدي خارج سم نالا سنڌ لاءِ هاڃيڪار

Editorial-Article- Ghulam Hussain

سنڌ ۾ وسندڙ برساتن ۽ ٻوڏن جي پنهنجي بدترين تاريخ رهي آهي. جن ڳوٺن جا ڳوٺ ۽ وسندين جون وسنديون ۽ شهر ٻوڙي هر پاسي تباهي ئي تباهي آندي آهي. اهڙي تباهيءَ ۾ پنجاب جي اثر هيٺ وفاق جو وڏو هٿ رهيو آهي، جيڪو تباهيءَ جي هر دور ۾ سواءِ بيان بازي ۽ سنڌ کي ڊيمن جي اڏاوت جو دڙڪو ڏئي خاموش ڪندو رهيو آهي. هن ڀيري به جڏهن سنڌ ٻڏي رهي هئي ۽ هر پاسي تباهي ئي تباهي هئي ته ان وقت سنڌ ۽ سنڌ جي ماڻهن جي زخمن تي مرهم پٽي ڪرڻ بدران ڪالاباغ ڊيم اڏڻ جي ڌمڪي ڏئي متاثرن توڙي سنڌ واسين جي زخمن تي لوڻ ٻرڪڻ جي ڪوشش ته ڪئي وئي پر ان جو اصل حل طرف ڪو به مستقل پلان پيش نه ڪيو ويو ته آخر سنڌ ڪهڙي سبب لوڙي ٿي.
سنڌ جو عوام پنجاب جي چوڌري پاران گجرات جي هڪ جلسي ۾ ڪيل تقرير دوران ڏنل ڌمڪيءَ تي سخت پريشان آهي ۽ اهڙي بيان جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي.
ڏٺو وڃي ته ملڪ ۾ خاص ڪري سنڌ ۾ آبپاشيءَ جو نهري نظام ۽ سم جي پاڻيءَ جي نڪاسي وارو مضبوط نظام انگريزن ڏنو هو، جيڪو هن وقت جاري ساري آهي. جنهن تي ملڪ جي معيشت جو دارومدار آهي. سکر بئراج انگريزن جي دور ۾ ٺهيو، جتان رائيس ڪئنال، نارا ڪئنال، روهڙي ڪئنال ۽ دادو ڪئنال نڪتا. جنهن سان سنڌ ۾ هڪ قسم جو زرعي انقلاب آيو. پاڪستان جي قيام کان پوءِ انگريز ماهر انجنيئرن جي سهڪار ۽ ٽيڪنيڪل معاونت سان 1962ع ۾ ڪشمور وٽ گڊو ۽ 1955ع ۾ ڄامشورو وٽ غلام محمد بئراج ٺهڻ سان وڌيڪ ڪئنال نڪتا. جن جي ڪري سنڌ جي اتر ۽ ڏکڻ ۾ آبپاشيءَ جو هڪ مضبوط سسٽم شروع ٿيو.
انگريزن جي حڪومت ۾ ئي واڌو پاڻيءَ کي ذخيرو ڪرڻ ۽ ان جو سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪرڻ لاءِ 1919ع مين نارا ويلي ڊرين جو قيام عمل ۾ آندو ويو، جنهن جو ڪم بلوچستان جي برساتي واڌ جابلو پاڻيءَ کي منڇر ۾ ذخيرو ڪرڻ هو. جڏهن آبپاشي وارو سرشتو رائج ٿيو ته هڪ ڳالهه محسوس ٿي ته بئراجن جي قيام کان پوءِ درياهه جي ٻنهي ڪپن جي آس پاس واريون زمينون سم ڪلر جو شڪار ٿي رهيون آهن ۽ جر مٿي چڙهي رهيو آهي، جنهن سان زرخيز زمينون مستقبل ۾ سم ۽ ڪلر جي زد ۾ اچي تباهه ٿي وينديون جنهن سان فصلن جي پوکي ۽ پيداوار متاثر ٿي سگهي ٿي.
ان ڳالهه کي نظر ۾ رکندي درياهه جي ٻنهي پاسن کان سم نالن جو هڪ ڄار وڇايو ويو. جيڪو هڪ بهترين اپاءُ هو پر وفاق سم نالن جي اڏاوت ۾ ناقص غير ماهراڻا طريقا ۽ رٿابندي استعمال ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ برساتن ۽ ٻوڏن وقت سم نالا بي يارو مددگار هجڻ ڪري ابتا وهڻ لڳا. هن وقت به ابتا وهندا آهن. جنهن سان وسنديون ۽ واهڻ ٻڏن ٿيون. زرعي پيداوار کي ڪاپاري ڌڪ لڳو آهي. نالن جا ڪپر هنڌان هنڌان کاڌ ڪري چڪا آهن، جنهن ڪري گهارا پون ٿا. اهي سم نالا سانگهڙ، بدين، ٺٽي، ٿرپارڪر ۽ خيرپور ضلعن ۾ وڏي انگ ۾ آهن. جڏهن ته هڪ صديءَ کان مٿي ايم اين وي ڊرين (ڇنڊڻ) وري هاڻوڪي شهدادڪوٽ دادو ۽ ڄامشورو ضلعن لاءِ الڳ ٺاهي وئي هئي جنهن جو مقصد جبلن جي وهڪرن کي ڇنڊڻ وسيلي منڇر ۾ ذخيرو ڪرڻ ۽ منڇر وسيلي درياهه ۾ ڇوڙ ڪرڻ هو.
جبلن جو پاڻي مٺو هجڻ ڪري جڏهن منڇر ۾ پوندو هو ته منڇر به مٺي پاڻي واري ڍنڍ طور سامهون آئي. جتي هر قسم جي مڇي، پکي، لوڙهه، بيهه ۽ پٻڻ جي پيداوار ۾ اضافو ٿيو. منڇر ان وقت سياحت جو بهترين مرڪز به هئي. جڏهن ڇنڊڻ ڪڍي وئي ته ان جا ٻنهي ڪنارن وارا بند انتهائي ويڪرا ۽ مضبوط ٺاهيا ويا. جنهن ڪري شهدادڪوٽ قمبر جو جابلو پاڻي حمل ڍنڍ کان ٿيندو بنا ڪنهن نقصان رسائڻ جي ڇنڊڻ وسيلي نيڪال ٿي ويندو هو. هنگامي صورت ۾ ڀرپاسي وارا ماڻهو سڪون جي ننڊ ڪندا هئا. هن وقت ڇنڊڻ جا ٻئي ڪنارا هنڌان هنڌان ٽٽل ۽ کاڌ جو شڪار آهن. جنهن ڪري گهارا پون ٿا. اربين رپين جو نقصان ٿئي ٿو. منڇر ۾ به پاڻي ذخيرو ڪرڻ واري گنجائش اها ناهي رهي جو بند وڌيڪ پاڻي برداشت ڪري سگهن. منڇر پنهنجي اوائلي دور ۾ مهاڻڻ جي ملڪيت هئي پر هاڻ اها ناهي رهي. تر جي وڏيرن ۽ جاگيردارن جو ان تي قبضو آهي.
جنرل پرويز مشرف جي حڪومت ۾ پنجاب جي ڪارخانن جو زهريلو پاڻي سم ۽ ڪلر وارو زهريلو پاڻي سمنڊ ڏانهن نيڪال ڪرڻ واري رٿا جوڙي وئي جنهن جا منفي اثر سنڌ کي ڀوڳڻا پيا جو پنجاب جو زهريلو پاڻي منڇر ۾ داخل ٿيڻ ڪري منڇر زهريلي ٿي وئي. جنهن ڪري منڇر ۾ پلجندڙ مڇي ته مرڻ لڳي پر منڇر جي مٺي پاڻيءَ تي جيڪي فصل ٿيندا هئا سي به نه ٿيا. منڇر جو وجود وڃائجي ويو. مهاڻا ۽ آبادگار پنهنجا وٿاڻ ڇڏي شهرن ڏانهن هليا ويا.
ڇنڊڻ وفاقي حڪومت جي واپڊا جي سنڀال هيٺ پراجيڪٽ آهي جنهن جا ٻنهي پاسن جا بند ايترا ته ڪمزور ٿي چڪا آهن جو اهي بحال ٿيڻ مشڪل آهن ۽ بحاليءَ لاءِ اربين کربين رپيا گهرجن، جيڪي وفاق ڀرڻ لاءِ تيار ناهي. گجراتي چوڌري ڪالاباغ ڊيم جي اڏاوت جو ذڪر ڪري ٿو ۽ سنڌ جي ماڻهن کي ڌمڪي ڏئي ٿو پر کانئس ڪو پڇي ته گاج ڊيم جيڪو سنڌ جو مک پراجيڪٽ آهي جنهن تي اربين رپيا خرچ ٿي چڪا آهن اهو مڪمل ڪهڙي سبب نٿو ٿئي. سنڌ جي ڪاڇي ڪوهستان ۽ ٿر ۾ ڪافي اهڙا هنڌ آهن جتي ننڍا وڏا ڊئم آساني سان ٺهي سگهن ٿا جنهن لاءِ ڪو به سچو ناهي. سنڌ حڪومت به هن ڏس ۾ ڪمزور ۽ بي اثر آهي. جيڪڏهن گاج ڊيم ۽ ٻيا ضروري ڊيم ٺهن ته شايد سنڌ ۾ بوڏ واريون تباهيون نظر ئي نه اچن. ان ڏس ۾ واپڊا جو رٽائرڊ جنرل مئنيجر دادو واسي محترم علي شير لنڊ جيڪو وڏين صلاحيتن جو مالڪ آهي، پنهنجون ماهراڻيون صلاحون ڏئي سگهي ٿو. جيڪڏهن وفاق رستي ۾ ڪنڊا ۽ رڪاوٽون نه وجهي ها ۽ سيوهڻ بئراج ٺهي ته به درياهه جو پاڻي محفوظ ڪري ٻنهي پاسن کان ڪئنال ٺاهي ڄامشورو ۽ نوابشاهه ضلعن جي لکين ايڪڙ زمين آباد ڪري سگهجي ها ۽ علائقي ۾ وڏي خوشحالي آڻي سگهجي ٿي. باقي ڪالاباغ ڊيم ٺاهڻ جي ڌمڪي ڏئي سنڌ واسين کي حراسي نٿو سگهجي.
سنڌ ۾ هن سال جيڪا به تباهي آئي آهي، اها گهڻو ڪري نوشهروفيروز، شهيد بينظيرآباد، سانگهڙ، خيرپور، بدين، ٺٽي، ٿرپارڪر ۽ عمرڪوٽ ضلعن ۾ وڌيڪ آئي جتي سم نالا ڪنارن کان وهي نڪتا يا وري ابتا وهڻ لڳا. ايم اين وي ڊرين دادو جو به ساڳيو حشر رهيو. وفاق ڪڏهن به پنهنجي سم نالن جي مالڪي ناهي ڪئي نه وري سنڌ سرڪار ان ڳالهه جو نوٽيس ورتو آهي يا وري وقت ۽ حالتن پٽاندر اپاءَ ورتا آهن. جتي جتي به سم نالا آهن، اتي درياهه جو پاڻي نٿو پهچي بلڪه برساتن ۽ جبلن تان لهي ايندڙ پاڻي تباهي مچائي ٿو. سنڌ ۾ سم نالن ۾ گهڻي پاڻي نيڪال ڪرڻ جي به گنجائش انهي ڪري ناهي جو انهن جي ڪيئي ڏهاڪن کان کاٽي يا صفائي ناهي ٿي ۽ گند ڪچرو ڀرجي ويو آهي. سم نالن جي ويجهو جيڪي به ڳوٺ يا زمينون آهن سي به سم ۽ ڪلر سبب پنهنجي زرخيزي وڃائي ويٺيون آهن. وفاق سنڌ ۾ ٽنڊي ڄام ۾ ڊرينيج ۽ رڪليميشن (ڊرپ) جي نالي سان ادارو قائم ڪيو هو جنهن شروع ۾ ته مثبت نتيجا ڏنا پر اداري کي وقت سر مناسب فنڊ نه ڏيڻ ڪري ادارو هن وقت تباهه حال آهي. اداري ۾ ڪم ڪندڙ سائنسدانن جي کوٽ آهي.
ڏٺو وڃي ته جڏهن کان ارڙهين ترميم تي عمل ٿيو آهي، تڏهن کان وفاق سنڌ مان مڪمل طور هٿ ڪڍي ويو آهي. هٿ ڀلي ڪڍي پر گهٽ ۾ گهٽ وفاقي ادارن جي مالڪي ته ڪري. هي وقت آهي ته سنڌ جي حڪومت وفاق کي ڪنڙو کڻائي خاص ڪري وفاق جي سمورن سم نالن ۽ ادارن جي مالڪي ڪري. سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ جيڪي به سم نالا پنهنجي عمر پوري ڪري چڪا آهن، تن جي بحالي لاءِ ڪوششون وٺي ته جيئن برساتن ۽ ٻين آفتن جي صورت ۾ سنڌ جو گهٽ ۾ گهٽ نقصان ٿي سگهي. سنڌ جي ٻهراڙين ۽ وسندين جا ماڻهو ۽ آبادگار ڪنهن به امڪاني وڏي آفت کان مستقبل ۾ بچي سگهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button