شوبز

فلم برهمسترا ليڪ ٿيڻ جو خدشو، 18 ويب سائيٽن تي پابندي لاڳو

بالي ووڊ اداڪارا عاليا ڀٽ ۽ سندس مڙس رنبير ڪپور جي فلم برهمسترا جي ليڪ ٿيڻ جي خدشي سبب ڀارتي عدالت 18 ويب سائيٽن کي غيرقانوني طور فلم آن ايئر ڪرڻ کان روڪي مٿن پابندي لڳائي ڇڏي آهي. ميڊيا مطابق فلم برهمسترا جي ليڪ ٿيڻ جي امڪان کي نظر ۾ رکي اسٽار انڊيا دهلي هائي ڪورٽ ۾ درخواست ڏئي معاملي کي حل ڪرڻ جي استدعا ڪئي، جنهن تي عدالت امڪاني طور ليڪ ڪرڻ وارين ويب سائٽن تي پابندي لڳائي آهي تھ اهي فلم کي غيرقانوني طور آن ايئر نھ ڪندا. فلم ۾ عاليا ڀٽ ۽ رنبير ڪپور مک ڪردار ڪري رهيا آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button