ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

عمران خان جي ڊئم واري سياست

Editorial

پاڪستان ۾ ڊئمن تي سياست ڪيترن ڏهاڪن کان جاري آهي. سياسي پارٽيون عوام کي ملڪ ۾ وڌ ۾ وڌ ڊئم اڏڻ لاءِ قائل ڪنديون رهنديون آهن. اهي سمجهن ٿيون ته ملڪ ۾ پاڻيءَ جي کوٽ واري مسئلي کي رڳو ڊئمن وسيلي ئي حل ڪري سگهجي ٿو ۽ ڊئم ئي هڪ اهڙو حل آهن، جن وسيلي ملڪ جي زرعي معيشت کي وڌائي سگهجي ٿو پر حقيقت ان جي ابتڙ آهي. هن وقت دنيا ۾ جتي به وڏا وڏا ڊئم اڏيل آهن، انهن خلاف احتجاج ٿي رهيا آهن. انهن کي ڊاهڻ خلاف تحريڪون هلي رهيون آهن ۽ ان کان سواءِ ماڻهو نوان ڊئم اڏڻ کي پنهنجي لاءِ بهتر نٿا سمجهن. پاڪستان جهڙي ملڪ ۾، جتي اڳ ئي پاڻي تڪرار وڏي وقت کان هلي رهيو آهي. اتي نوان ڊئم اڏڻ جون تياريون ٿي رهيون آهن ۽ وڏي وقت کان وٺي ڪالاباغ ڊئم اڏڻ جون ڳالهيون ٿينديون رهيون آهن. جنهن کي پنجاب کان سواءِ باقي ٽي صوبا رد ڪري چڪا آهن. اهي ڪالاباغ ڊئم خلاف ٺهراءُ به پاس ڪري چڪا آهن. پر تنهن هوندي به ساڳيو راڳ آلاپيو پيو وڃي، جنهن جي نتيجي ۾ ڊئمن جي سياست جو سلسلو جيئن جو تيئن جاري آهي. عمران خان هڪ ڀيرو وري ڊئمن جي اڏاوت جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي. هو سمجهي ٿو ته ٻوڏ کان بچڻ جو واحد حل ڊئم جي اڏاوت آهي. جڏهن ته کيس خبر ئي ناهي ته ملڪ ۾ ڊئم اڏڻ ڪيترو حساس معاملو آهي.
تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان ملڪ ۾ وڌيڪ ڊئم ٺاهڻ جو مطالبو ڪندي چيو آهي ته هو ايندڙ آچر تي هڪ ٻي ٽيلي ٿون ذريعي ٻوڏ متاثرن لا ٻيهر اربين رپيا امداد گڏ ڪندو. فيصل آباد ۾ جلسي کي خطاب ڪندي عمران خان چيو ته ملڪ کي ٻوڏن کان بچائڻو آهي ته اسان کي وڌيڪ ڊئم ٺاهڻا پوندا. تحريڪ انصاف جي حڪومت 50 سالن کان پوءِ 10 ڊئم ٺاهيا. موسمياتي تبديليءَ کي منهن ڏيڻ لا وڻڪاري به ضروري آهي. ملڪ ۾ ڊرينيج جي نظام کي به ٺيڪ ڪرڻو پوندو. هن چيو ته اسان ملڪ اندر ناڻيءَ ۾ واڌ ۽ ڪرپشن ۾ گهٽتائي آندي. پيٽرول جي قيمت به گهٽ رکي هئي ته جيئن عوام تي بار نه پوي. اسان جي دور ۾ بجلي سستي هئي. گذريل چئن مهينن ۾ مهانگائي آسمان تي پهچي وئي ۽ معيشت زمين تي ڦهڪو ڪيو آهي. آءِ ايم ايف چئي ڇڏيو آهي ته پاڪستان ۾ مهانگائي اڃا وڌندي. اڳوڻي وزيراعظم وڌيڪ چيو ته پاڪستان جي خراب معاشي حالتن جو وڏو سبب حڪومتي ڪرپشن آهي. قوم ملڪ مٿان چور مڙهڻ تي جواب گهري رهي آهي. چورن ايندي ئي 1100 ارب رپين جي چوري معاف ڪرائي آهي. هاڻوڪي آيل ٻوڏ کي ڪو ڊئم نٿي روڪي سگهيو. ڇاڪاڻ ته اها برسات سنڌ ۾ گهڻي وسي آهي ۽ برسات جو پاڻي مختلف وهڪرن وسيلي سنڌ کي ٻوڙيندو رهيو آهي. ٻيو ته هي برسات ايتري ته گهڻي مقدار ۾ هئي جو ان کي ڪوبه ڊئم روڪي نه پئي سگهيو. سادي ڳالهه اها آهي ته جڏهن ڀارت پاڪستان ۾ واڌو پاڻي ڇڏيندو آهي ته اهو ڊئمن کان جي گنجائش کان وڌي ويندو آهي ۽ انهن کي حڪومت سنڌ ڏانهن ڇوڙ ڪندي آهي. ان کان سواءِ جيڪڏهن برسات رڳو ملڪ جي مٿين علائقن ۾ پوي ها ته پوءِ اها ڳالهه ٺهي ٿي ته ملڪ ۾ ڊئم هجن ها ته اهو پاڻي ذخيرو ڪري وٺجي ها پر برسات ته سنڌ ۾ پئي آهي، جتي ڪي به وڏا ڊئم نه آهن. تنهنڪري ان ٻوڏ کي ڪهڙي ريت روڪي سگهجي ها. تنهنڪري اها عقل کان عاري ڳالهه آهي ته ڊئم ٻوڏ کان بچائي سگهن ٿا. بلڪه گهڻيون برساتون وسڻ کان پوءِ ته ڊئم تباهيءَ جو ڪارڻ ٿيندا آهن. سياسي حد تائين ڊئم وارو بيان ڪوبه سياستدان ڏئي سگهي ٿو پر ان کي ٽيڪنيڪل بنيادن تي بلڪل به رد ڪري سگهجي ٿو.
هن وقت ملڪ کي ڊئمن جي نه پر قدرتي لنگهن کي کولڻ جي ضرورت آهي. سنڌو درياهه کي گهربل پاڻي فراهم ڪرڻ جي ضرورت آهي. سنڌو درياهه کي رڳو ٻوڏ اچڻ وقت وهائڻ جي ضرورت ڪانهي پر ان کي ٻارهو ئي وهائڻ جي ضرورت آهي. ڇاڪاڻ ته درياهه کي وهائڻ جو مطلب اهو آهي ته اسين ان سان لاڳاپيل سموري آبي جيوت کي جيئدان ڏئي رهيا آهن. تنهنڪري ڊئم جي حوالي سان عمران خان جي ڄاڻ ڪافي ناقص آهي. جنهن کي سنڌ جو ماڻهو رد ڪري ٿو.
اسين سمجهون ٿا ته هاڻوڪي آيل ٻوڏ جو سبب ڊئم جو نه هئن نه پر بهتر رٿابندي نه هئڻ آهي. جيڪڏهن قدرتي لنگهه لکيل هجن ها ۽ پاڻيءَ کي گس ڏنو وڃي ها ته ايتري تباهي بلڪل به نه ٿئي ها، جيتري هن وقت ٿي چڪي آهي. تنهنڪري ڊئمن تي سياست جو سلسلو بند ٿيڻ گهرجي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button