سنڌ گذريل مهيني کان ٻڏل آهي، هر پاسي پاڻي ئي پاڻي آهي. اهو پاڻي جنهن ماڻهن جي زندگي مفلوج ڪري ڇڏي آهي. ماڻهن جي چرپر محدود ٿي وئي آهي. ان کان سواءِ اهي ايتري وڏي انگ ۾ دربدر ٿيا آهن جو انهن جي بحالي هڪ وڏو چئلينج بڻجي وئي آهي. تنهنڪري ٻوڏ سبب متاثر ٿيل ماڻهن جي بحاليءَ ڏانهن بنهه گهڻي سنجيدگيءَ جي ضرورت آهي. ٻي صورت ۾ وڌيڪ تڪليفون عوام جو انتظار ڪري رهيون آهن. هاڻوڪي ٻوڏ ۾ جتي ماڻهن جا گهر ڊهي ويا آهن، اتي اسڪول پڻ ڊهي ويا آهن. اسڪول ٻڏڻ سبب ٻارن جي پڙهائي سخت متاثر ٿي آهي، يا وري جيڪي تعليمي ادارا خالي پيا آهن. اتي ٻوڏ متاثرن کي رهايو پيو وڃي. ان ڪري به لکين ٻار اسڪول نه پيا وڃي سگهن. هڪ پاسي ته ماڻهن کي اجها فراهم ڪري انهن کي رهائڻ جو بندوبست ڪرڻو آهي ته ٻئي پاسي انهن اسڪولن کي بحال ڪرڻو آهي، جيڪي ٻوڏ جي ور چڙهي ويا آهن. جيڪڏهن اهي اسڪول وقت سر بحال نه ٿيا ته ٻارن لاءِ وڌيڪ پريشاني ٿيندي. ان حوالي سان تعليم جي صوبائي وزير سردار شاهه پڻ ڪي انڪشاف ڪيا آهن.
تعليم کاتي جي صوبائي وزير سردار شاهه عمرڪوٽ ۾ سنڌ جي پهرين ٽينٽ سٽي اسڪول جو افتتاح ڪيو. ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي سردار شاهه چيو ته سڄي سنڌ جي رليف ڪئمپن ۾ ٽينٽ سٽي اسڪولن جي شروعات ڪئي وئي آهي، جنهن جو مقصد ٻوڏ متاثر ٻارن جي تعليم کي متاثر ٿيڻ کان بچائڻ آهي، برساتن ۽ ٻوڏ سبب 20 کان 22 ھزار اسڪول متاثر ٿيا آهن. جڏھن ته 6 کان 7 ھزار اسڪول مڪمل تباھه ٿيا آهن، باقي اسڪول رليف ڪئمپن ۾ تبديل ٿيندا، جيڪڏهن ڪا به سرڪاري عمارت خالي آھي ته ٻوڏ متاثرن کي ان ۾ منتقل ڪيو ويندو ته جيئن ٻارڙن جي تعليم متاثر نه ٿي سگھي. صوبائي وزيرِ ٻوڏ متاثر شاگردن سان ٽينٽ سٽي اسڪول ۾ وقت گذاريو. ھن وڌيڪ چيو ته سيڪريٽري تعليم کي پوري سنڌ ۾ رليف ڪئمپون قائم ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي، ڇاڪاڻ ته موجوده حالتن ۾ اھڙا قدم نه کڻون ھا ته 20 کان 25 لک ٻار اسڪولن کان ٻاهر ٿي وڃن ھا. لاگاپيل ڊپٽي ڪمشنرن ۽ ضلعي جي تعليم کاتي جي عملدارن کي رليف ڪئمپن ۾ ٽينٽ سٽي اسڪولن جي نگراني جو حڪم ڏنو آهي. ان موقعي تي صوبائي وزير ٽينٽ سٽي اسڪول ۾ شاگردن ۾ اسڪولي بيگ ۽ ڪتاب ورھايا. ڊپٽي ڪمشنر عمرڪوٽ ڊاڪٽر محمد بخش ڌاريجو، ايس ايس پي عمرڪوٽ اعجاز احمد شيخ، ڊي او سيڪنڊري ۽ پرائمري، ڊپٽي ڊائريڪٽر سوشل ويلفيئر سروپچند مالھي ۽ ٻيا موجود هئا. هيءَ ته ٻوڏ واري صورتحال آهي جو اسڪول ٻڏي ويا آهن ۽ شاگرد اسڪول ڪونه پيا وڃي سگهن. پر ٻوڏ کان سواءِ به سنڌ جي اسڪولن جي حالت ڪا گهڻي بهتر ناهي. لکين ٻار اسڪولن کان ٻاهر آهن. هزارين اسڪول بند آهن. ان کان سواءِ هزارين اسڪول بنيادي سهولتن کان محروم لڳا پيا آهن. هاڻ جڏهن بچيل اسڪول به تباهه ٿيا آهن ته ڇا انهن اسڪولن جي بحالي جو سلسلو جلدي نه شروع ٿيڻ گهرجي. جڏهن ته سنڌ جي ٻارن لاءِ تعليم بنهه گهڻي ضروري آهي ۽ تعليم کان سواءِ ٻارن جو ڪبه مستقبل نه هوندو آهي. هيءَ وقت آهي، جڏهن اسڪولن جي بحاليءَ تڪڙا اپاءَ ورتا وڃن. ٽينٽ اسڪول قائم ڪرڻ بهتر ڪم آهي پر اهي مستقل بنيادن تي هلائي نٿا سگهجن. انهن کي اهڙي ريت فعال نٿا ڪري سگهجن جهڙي ريت سرڪاري عمارت ۾ هلندا آهن. ڇاڪاڻ ته اتي پورو هڪ انتظام هوندو آهي. ان اتنظام وسيلي اسڪولن کي هلايو ويندو آهي. هيڏي وڏئي پئماني جي تباهيءَ کان پوءِ تعليم جي تباهي کي ڪنهن به ريت برداشت نٿو ڪري سگهجي ڇاڪاڻ ته تعليم هر حالت ۾ جاري رهڻ گهرجي.
اسين سمجهون ٿا ته سنڌ حڪومت کي هڪ ڀيرو وري موقعو آهي ته اها تباهه حال اسڪولن کي وري تعمير ڪري. اها انهن اسڪولن کي بهتر نموني تعمير ڪري. ان کان سواءِ اسڪولن جي عمارتن جي ڊزائين اهڙي رکي جو ايندڙ وقت ۾جيڪڏهن وڌيڪ برساتون وسن ته اهي متاثر نه ٿين ۽ ٻارن جي پڙهائي به متاثر نه ٿئي. تنهنڪري اسڪولن جي بحاليءَ کي يقيني بڻايو وڃي.