ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

لُڙڪ گهڻا هارِيوَ – هاڻ لَلڪار ڪريو

Editorial-Article- Irshad Leghari

جڏهن پاڻ هي سِٽون لکي رهيا آهيون، تڏھن سموري سنڌ ٻُڏل آهي. برسات ۽ سِم نالن جي پاڻيءَ سان گڏ انهي ٻوڏ ۾ سموري سنڌ جا اهي لُڙڪ به شامل آهن، جيڪي رياست جي رهزن غفلت ۽ عوام سان لاتعلقي سبب ٻُڏي ويل پاران پنهنجن پيارن جي وڇوڙي تي هاريا ويا آهن. اهي لُڙڪ جيڪي پنهنجي اڀري سڀري اجهي ڊهي پوڻ ۽ الهه تلهه لُڙهي وڃڻ تي هاريا ويا، اهي لُڙڪ جيڪي پنهنجن ٻچڙن جهڙن نپايل پکين ۽ جانورن جي موت تي هاريا ويا ۽ ان سان گڏ اهي لوڻائتا لُڙڪ جيڪي ان پڇتاءُ ۽ ڏُک سبب پڻ هاريا ويا ته اسان انهن عياش ۽ لالچي جاگيردارن توڙي سردارن کي پنهنجو نمائندو مقرر ڪري پنهنجي پير تي پاڻ ڪهاڙو ڇو هنيو؟ ۽ جيئن پنهنجي ماءُ ٻولي ۾ جنم جنم کان سمجهايل اها سمجهاڻي آهي ته:
“پنهنجي وڍئي جو نه ويڄ نه طبيب”
سا سمجهاڻي پاڻ آخر ڇو وساري ويٺاسين!؟ تنهن ڪري ڪٿي ڪٿي پنهنجي ئي ڪيل انهي غلطي سبب پڻ نيڻ آلا ٿيا. انهن لُڙڪن جو اهو لقاءُ اڃان جاري آهي، جو ٻوڏ ۾ لُڙهي آيل لوڪ جي رياست پاران مهلائتي واهُر نه ٿيڻ سبب پڌر تي پيل انهن لَڏن ۾ تمام گهڻا الميا جنم وٺي رهيا آهن. بُک آهي سا وجودن کي ڪرٽي رهي آهي، وبائي بيماريون آهن، جيڪي دشمن جي لشڪر جيان ڪاهي پيون آهن. مطلب هڪ انتهائي بيوسي ۽ بيڪسي جو جهان آهي.
هڪڙو اهو پيڙا وارو ڏُکندڙ پاسو آهي ته ٻي طرف پنهنجي دلربا ۾ لڄادار ديس، هڪ اهڙو رَنگ ڏيکاريو آهي جو سچ پڇو ته صدين جي هن ٻاٽ اونداهي ۾ اميدن جا اڻ ڳڻيا ڏيئا جرڪڻ لڳا آهن ۽ پنهنجو اڄوڪو ليک انهي جرڪندڙ ڏيئن جي نشاندهي ڪرڻ آهي.
ڏِسو!! ڪنهن به ڏُک ۽ صدمي ۾ لُڙڪ هارڻ ۽ روڄ فطري عمل آهي، جنهن مان پاڻ گُذري رهيا آهيون پر ڇا رڳو روئڻ سان ڪڏھن فرد توڙي ديس جا سُور ختم ٿيا به آهن ڇا؟ انساني سماج جي المين توڙي اوسر جي تاريخ ان سوال جو ٺهه پهه جواب “نه” ۾ ڏئي ٿي. ته پوءِ پاڻ اڃان ڪيترو روئنداسين آخر!؟ روئي پاڻ گهڻو چُڪاسين. ڪڏھن پنهنجي ديس جي دودن دلاورن جي شهادتن تي ته ڪڏهن رياست جي رهزن لاتعلقي سبب نازل ٿيل آفتن تي رناسين. اهي آفتون جيڪي پنهنجي ديس ڪارن ڏُڪارن جي صورت ۾ به ڀوڳيون ته ڪڏھن ٻوڏن جي صورت ته ڪڏھن ٻين مختلف قسم جي وبائن جي صورت ۾. ته پوءِ ٿيو ڇا؟
ڇا اسان جي زندگي تبديل ٿي؟
ڇا اسان جي ڳچيءَ ۾ پيل صدين جي قومي، طبقاتي غلامي جو ڳٽ ٽُٽَڻ ته پري رهيو، رڳو ڪجھه ڍرو ٿيو؟
جواب اِتي به سڌو سنئون “نه” ۾ آهي. بلڪ ٿيو هيئن جو عوام جون دشمن قوتون ويتر سگهاريون ٿينديون ويون، جنهن جو ثبوت اڄوڪي سُڃي صورتحال ۾ رياست جي پاليل انهن جاگيردارن ۽ سردارن جا اڳي کان به ڦُوڪجي ويل ڍِڍ آهن.
اهي ڪائنر ۽ غدار جاگيردار جن بابت هاڻ وري جٿان ڪٿان اهي خبرون اچڻ لڳيون آهن ته ٻُڏي ويل ڳوٺن مان جن جن ماڻهن اهڙن ڪائنرن جا نالا کڻي، کين ٻوڏ ۽ هن رولڙي جو ذميوار قرار ڏيندي، مٿن ملامت ڪئي آهي، تن متاثرن خلاف پوليس ڪارروايون شروع ٿي ويون آهن. بلڪ ڪجھه علائقن مان اهي به اطلاع آهن ته نام نهاد عوام، قوم ۽ وطن دشمن انهن ڪائنر جاگيردارن ٻوڏ بابت سچ ڳالهائيندڙن کي پنهنجن واٺن طرفان کنڀائي بدترين تشدد جو نشانو بڻايو آهي.
ته پوءِ اهڙي انڌ ۾ پنهنجو روئڻ ڪهڙي ڪم جو؟ تنهن ڪري هاڻ نه ته ڪنهن کي ڪا ميار ڏيڻ جي ضرورت آهي ۽ نه وڌيڪ لُڙڪ هارڻ جي. بس گهڻو ٿيو.
هاڻ اتي سوال آهي ته پوءِ ڇا ڪجي؟ بس اهو ئي سوال آهي، جنهن جو جواب پاڻ کي ڳولي لهڻو آهي. بلڪ ڳولي ڇا لهڻو آهي، اهو جواب ته محڪوم ۽ مظلوم قومن توڙي طبقن جي آجپي واري سموري تاريخ ۾ هنڌين ماڳين پڌرو پيو آهي، ضرورت رڳو اوڏانهن رجوع ڪرڻ جي آهي.
ان جو هڪڙو ننڍڙو تازو مثال ڏيندا هلون. اهو هيئن جو سنڌ جي انقلابي سورهيه اڳواڻ شهيد مير مُرتضيٰ ڀٽو جي سٻاجھي پُٽ ذوالفقار علي ڀُٽي ڪراچي ۾ فيصل ايڌي وارن سان گڏ ڪيل هڪ پريس ڪانفرنس ۾ ٻوڏ جي بربادي جو سڌو سنئون ذميوار جهڙي ريت وڏيرا شاهي، جاگيرداري ۽ سرمائيداري کي قرار ڏيندي انقلاب جي ڳالهھ ڪئي آهي، ايئن توهان ڪڏھن پنهنجي پنهنجي تڪ مان جمهوريت جي ڍونگ ۾ چونڊجي آيل ڪنهن ايم اين اي يا ايم پي اي پاران ٻُڌو آهي؟ نه، اهي ڦورو ۽ ڌاڙيل جاگيردار رڳو توهان کي جمهوريت جمهوريت جو رينگٽ ٻڌائيندا. حالانڪ جمهوريت به هڪ بهتر نظام آهي پر شرط اهو آهي ته اها جمهوريت عوام منجهان، عوام لاءِ هجي پر پاڪستان ۾ اهڙي جمهوريت جو تصور به نٿو ڪري سگهجي. ڇاڪاڻ ته اهڙي عوامي جمهوريت هن رياست کي ڦُر لُٽ جي اجازت نه ڏيندي. اهڙي عوامي جمهوريت آئين ۽ قانون جي پاسدار هوندي. جڏهن ته هن رياست کي نه قانون گهرجي نه آئين. هن رياست کي اهي ڳيجهو، غدار ۽ چمچا جاگيردار – سرمائيدار گهرجن ۽ انهن جي مفادن تي پورو لهندڙ اهو نظام گهرجي، جنهن کي اوهين ڪڏهن آمريتن جي انڌوڪار ته ڪڏھن اهڙين جمهوريتن جي شڪل ۾ ڏسندا پيا اچو جيڪا ٻيو ته ٺهيو ٻوڏ جي پاڻي کي رستو ڏيڻ جي به اهل ناهي يا اڃان ايئن کڻي چئون ته اها جاگيردار مفادن جي رکوال جمهوريت پنهنجا فارم هائوس ۽ فصل بچائڻ لاءِ هٿ وٺي مسڪين ماڻهن کي لوڙهڻ ۾ تِر برابر به لَڄ محسوس نٿي ڪري. بھرحال لَڄ انهي کي محسوس ٿيندي آهي، جنهن کي نَڪ هجي ۽ پاڻ سڀ ڄاڻون ٿا ته جاگيردارن کي نڪ ناهي هوندو، انهن کي رڳو پيٽ ھوندا آھن.
ته پوءِ!؟ پوءِ پاڻ کي سِکڻو پوندو انهن قومن جي سوڀارين جدوجهدن مان، جن اهڙن ئي جاگيردارن ۽ سرمائيدارن جا پيٽ ڦاڙي انهن مان عوام جو لُٽيل مال ڪڍي، پنهنجا پنهنجا سماج ۽ ديس نئين سر اڏيا ۽ اڄ اهڙيون قومون پنهنجي پوري وقار سان ڪنڌ مٿي ڪري جيئن ٿيون.
پاڻ کي سکڻو پوندو مرشد لطيف جي انهن کاهوڙي ۽ انقلابي ڪردارن مان جيڪي بُک ته ڪاٽين ٿا پر ڪنهن جي اڳيان هٿ نٿا ٽنگين. اهي ڪردار جيڪي پنهنجي اباڻي لوئي کي مٿاهون ۽ مقدس ثابت ڪرڻ لاءِ ڪنهن به وقت جي بادشاهت پاران ڏنل هر آڇ کي ٿوڪاري ڇڏين ٿا. اهي ڪردار جيڪي منزل تائين پهچڻ واسطي وچ ته نه ٿڪجي ويهن ٿا ۽ نه ئي اهو ڳُجھه ڳالهائين ٿا، جيڪو ڳُجهھ هر دور جي آدرش جو اصل ڳَر رهيو آهي. پاڻ کي سکڻو پوندو ديس جي ان پهرين انقلابي مزاحمتي قومي طبقاتي جدوجهد جي جھوڪ مان، جنهن ۾ “جو کيڙي، سو کائي” وارو نعرو گونجي ٿو.
سو اي ديس واسيو!! گهڻو ئي رُناسين ۽ رُلياسين، هاڻ اچو ته ڪائي للڪار ٿيون اهڙي ڪائي پُڪار ٿيون جيڪا سنڌ ۾ انهن جاگيردارن، سرمائيدارن جا بُرج ڊاهي پَٽ ڪري ڇڏي.
اچو ته پنهنجي سدوري سنڌ کي نئين عزم سان سياسي سماجي طور اهڙو نئون اڏيون، جنهن اڏاوت جي نشاندهي مرشد لطيف هيئن ڪئي آهي ته:
بُرو هو ڀنڀور، آرياڻي اُجاريو
لاٿو ساري لوڪ تان، هاڙهي ڌڻي هور
ڇوريون ڇُرڻ سِکيون، پُنهون ڪيائون پور
آيو سو اَتور، جنهن ڏُکيون ڏِک ويهاريون
انهي تناظر ۾ سنڌ کي هاڻ پنهنجي اتهاس جا اتور ڳولڻا پوندا. ياد رکو!! سنڌ جو اتهاس اهڙن اتورن، کاهوڙين ۽ ڪاپڙين سان ڀرپور آهي. بس پاڻ کي رڳو اهڙن ڪردارن جي طريقت ۽ انقلابي دستور کي پنهنجو ڪرڻو آهي. اهو ئي اسان جي آجپي جو اول آخر رستو آهي.
ان رستي تي هلندي اسان کي ماحولياتي تبديلين جي سوال کي سمجهڻو آهي، پنهنجا وسيلا پنهنجي هٿ وس ڪرڻا آهن، پنهنجو ديوتا درياھه، پنهنجا جبل پهاڙ بچائڻا آھن. سڀني لاءِ هڪجهڙي تعليم ۽ ترقي جا موقعا پيدا ڪرڻا آهن. انساني حقن جي قانونن کي لاڳو ڪرڻو آهي. ڇا توهان کي اهي سڀ حق جاگيرداري ۽ سرمائيداري وٽ گروي پيل اڄوڪي ڪوڙي جمهوريت ڏيئي سگهي ٿي؟ جي نه ته پوءِ؟ پوءِ اهو جو روئڻ بند ڪريون ۽ هاڻ رِڻ ملهايون.
اهو رِڻ جنهن جي نشاندهي مُرشد لَطِيف هيئن ڪئي:
ڪِلي وير ڪَٽڪ م، پاکُر جو پائي
اُنين کي اڃان جيئڻ جو، آسانگو آھي
سورهيه سو چائي، جو رُڳو ئي رِڻ گُهري
۽ پاڻ اهو سڀ ڄاڻون ٿا ته رِڻ گُهرڻ وارا رُئيندا ناهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button