اسان جي حصي ۾ آيل ستر سيڪڙو سورن جو سبب صرف اهو آهي ته اسان جي حڪومت ۽ انتظاميا ڪنهن به طرح جي پلاننگ نه ٿي ڪري. منصوبابندي نه ڪرڻ جو الزام عام ماڻهن جي مٿان هڻي سگهجي ٿو ۽ اهو الزام لڳندو به رهيو آهي پر سوال اهو آهي ته جنهن معاشري جي سياسي پارٽين ۽ سرڪارن ۾ پلاننگ جي صلاحيت نه هجي، ان معاشري جي ماڻهن مٿان منصوبابندي نه ڪرڻ جي تنقيد ڪنهن به طور تي جائز ٿي نه ٿي سگهي. ڇو ته عام ماڻهو پنهنجين سياسي پارٽين ۽ پنهنجن حڪمرانن جي نقش قدم تي هلڻ جي ڪوشش ڪندا آهن. سياسي پارٽيون ۽ سرڪارون عوام ۽ معاشري جون انجڻيون هونديون آهن. اهي انهن کي اڳتي وٺي هلنديون آهن. جنهن معاشري ۾ اهڙي ڪا قوت نه هوندي آهي، ان معاشري ۾ عام ماڻهو به پلاننگ کان پالهو هوندو آهي. اسان جو معاشرو پلاننگ نه ڪرڻ وارن معاشرن ۾ مهندار معاشرو آهي.
قومون سالن جا منصوبا جوڙينديون آهن. پر اسان ايندڙ ڏينهن جي پلاننگ نه ڪري سگهندا آهيون. ان حد تائين جو اسان پنهنجن ٻارن جي پيدائش واري پلاننگ کان محروم ماڻهو آهيون. هڪ وقت اهڙو هو ۽ اهو وقت ذوالفقار علي ڀٽو جي حڪومت جو هو، جنهن دور ۾ اسان جي ڪنن تي ”فيملي پلاننگ“ جو لفظ پيو هو. ان مان گهڻن ماڻهن فائدو حاصل ڪيو؟ اهو چوڻ ته ڪجهه مشڪل آهي پر ان مان ڪجهه نه ڪجهه فائدو ته ضرور پيو. ڇا اهو فائدو گهٽ آهي ته اسان جي ماڻهن جي ماڻهن ان تي سوچيو ته ”فيمليءَ جي پلاننگ به ٿي سگهي ٿي“
اسان وٽ جيڪو ڪجهه به ٿيو آهي، اهو بنا ڳڻ ڳوت ۽ بنا ڪنهن منصوبابنديءَ جي ٿيو آهي. اها حقيقت آهي ته هن ملڪ کي بنا ڪنهن پلاننگ جي هلايو ويو آهي. اهو ئي سبب آهي ته اسان جا ڳوٺ ته ڳوٺ پر اسان جا شهر به بنا ڪنهن پلاننگ جي وڌيا آهن. ان ڪري اسان جي شهرن ۾ بنيادي سهولتن جي بيحد اڻاٺ ۽ هڪ مڪمل طور تي بي ترتيبي آهي. جيڪڏهن اسان جي ملڪ ۽ معاشري ۾ پلاننگ جو ڪو پهلو شامل هجي ها ته اڄ اسان جي صورتحال اهڙي نه هجي ها. اها ڪيتري نه افسوسناڪ ڳالهه آهي ته اسان کي جوهيءَ ۽ ڦلجيءَ جهڙن شهرن ۾ پلاننگ نه هجڻ جا طعنا ۽ مهڻا سهڻا پون ٿا. جيڪڏهن ڪراچيءَ جهڙي جديد ۽ تمام گهڻي امير شهر ۾ پلاننگ نه هجي ته پوءِ اوهان جوهيءَ ۽ ڦلجيءَ جي مٿان الزام ڪيئن ٿا هڻي سگهو؟
ڪراچيءَ جي مٿان نظر وجهڻ کان پوءِ معلوم ٿئي ٿو ته ڪراچي شهر جي ڪنهن به شعبي ۾ ڪا پلاننگ ڪونهي. ان حد تائين جو اسان جيڪو پاڻي پيئون ٿا يا جيڪو پاڻي نيڪال ڪريون ٿا، ان جي به ڪا پلاننگ ڪونهي. ان جو نتيجو اهو نڪتو آهي ته اسان جي پيئڻ جي پاڻيءَ ۾ ان گند جا جزا شامل ٿي وڃن ٿا، جيڪو گند اسان پنهنجن گهرن مان نيڪال ڪيون ٿا. اسان جي مک شهر يعني ڪراچيءَ جي مهانگن علائقن جو حشر اهو آهي ته اتي برسات سبب پاڻي گهرن ۾ گهڙي اچي ٿو. جڏهن ڊفينس ۽ ڪلفٽن جو حشر اهڙو هجي، جهڙو اسان کي تازين برساتن ۾ نظر آيو ته اسان ميهڙ، ڪي اين شاهه ۽ دادوءَ جهڙن شهرن جي مٿان ڪاوڙ جو حق ڪيئن ٿا استعمال ڪري سگهون؟
هن ملڪ ۾ هن مهل تائين جيڪا به تباهي آئي ۽ جنهن به قسم جي تباهي آئي آهي، ان جو اصل ۽ بنيادي سبب اهو رهيو آهي ته هن ملڪ ۾ ڪنهن به قسم جي پلاننگ نه ڪئي وئي آهي. جڏهن ته ملڪ ۾ هر سطح تي ”پلاننگ ۽ ڊيولپمينٽ“ جا ادارا موجود آهن. پر جيڪڏهن اوهان ان اداري جي آفيسن جي صرف وزٽ ڪندا ته اوهان کي معلوم ٿي ويندو ته انهن ادارن جو حشر ڪهڙو آهي؟ جيڪو ادارو پنهنجي دفتر جي پلاننگ نه ڪري سگهي، اهو ادارو ٻي ڪنهن شيءَ جي ڪهڙي پلاننگ ڪندو؟
ملڪن ۽ معاشرن جي لاءِ تمام وڏي پلاننگ جي ضرورت هوندي آهي. ڇو ته جنهن به حوالي سان ۽ جنهن به شعبي جي پلاننگ ڪبي آهي، ان جي سلسلي ۾ سمورا فيڪٽرز يعني سمورا عنصر مدنظر رکيا ويندا آهن. ان ڪري اسان کي اها ڳالهه به ذهن نشين ڪرڻ گهرجي ته ڪنهن به معاملي جي پلاننگ ڪرڻ لاءِ صرف ان شعبي جا به ان سان لاڳاپيل ٻين شعبن جي ماهرن جي راءِ جي به تمام گهڻي ضرورت هوندي آهي. پر مسئلو اهو آهي ته اسان وٽ جڏهن به ڪنهن شيءَ جي پلاننگ ڪئي ويندي آهي، ان ۾ اسان جو اسٽائيل ميڪانڪي هوندو آهي. اسان ان سلسلي ۾ صرف شهري ماهرن تائين محدود رهندا آهيون. جڏهن ته ڪنهن به پلاننگ جي سلسلي ۾ اتان جي مقامي ماڻهن جي شموليت ضروري هوندي آهي. هن وقت ته جديد پوليس جي نظام کي ان صورت ۾ ناڪام سمجهيو وڃي ٿو، جنهن صورت ۾ ان نظام کي لوڪل ماڻهن جي سپورٽ ۽ ساڃاهه حاصل ناهي. اهوئي سبب آهي ته هن مهل سڀ کان وڌيڪ ”ڪميونٽي پوليسنگ“ جو محاورو سڀ کان وڌيڪ استعمال هيٺ آهي.
ملڪ يا معاشري کي جيڪڏهن ڏوهن کي ختم ڪرڻ جي سلسلي ۾ به مقامي ماڻهن جي مشورن ۽ مدد جي ضرورت پوي ٿي ته ڇا اسان جا سم نالا ۽ اسان جي نڪاس جا منصوبا جوڙڻ مهل اسان کي اتان جي مقامي ماڻهن جي مشورن ۽ راين کي ان ۾ شامل نه ڪرڻ گهرجي. پر ڏٺو اهو ويو آهي ته جڏهن به ڪو منصوبو عمل ۾ ايندو آهي، ان ۾ مڪمل طور تي ٻاهريان ماڻهو آندا ويندا آهن ۽ انهن جي حوالي سمورو ڪم ڪيو ويندو آهي. جڏهن ته ان ماحول جي مزاج کان آگاهه ماڻهو اتان جا مقامي ماڻهو هوندا آهن. انهن کي شامل نه ڪرڻ سبب اهي حالتون پيدا ٿين ٿيون، جن کي هن مهل سنڌ سرڪار منهن ڏئي رهي آهي.
سرڪار پنهنجن منصوبن ۾ جيڪڏهن ميهڙ، ڪي اين شاهه ۽ دادوءَ جا لوڪل ماڻهو شامل ڪري ها ته هوند ترقياتي منصوبن جو حشر اهڙو هرگز نه ٿئي ها جو اهي ترقياتي منصوبن بدران هن مهل تباهيءَ جا منصوبا بڻجي ويا آهن. حڪومتي اهلڪارن کي هن مهل اهو ڏسي شرم اچڻ گهرجي ته هاڻي به راشي انجنيئر ڪجهه به ڪرڻ کان معذور آهن. جيڪو ڪجهه به ڪري رهيا آهن، اهو ڪجهه مقامي ماڻهو ڪري رهيا آهن. ميهڙ کي هن مهل تائين بچائڻ جو ڪارنامو مقامي ماڻهن جي سر آهي. ساڳي طرح جيڪڏهن جوهيءَ جو رنگ بند محفوظ رهيو آهي ته ان جو سبب به جوهي واسي آهن. جيڪڏهن ميهڙ جو سپريو بند ۽ جوهيءَ جو رنگ بند جوڙڻ دوران اتان جي مقامي ماڻهن کي انهن منصوبن ۾ شامل ڪيو وڃي ها ته اڄ اها صورتحال ئي پيدا نه ٿئي ها، جنهن صورتحال ۾ هن مهل سنڌ سرڪار ڦاٿل آهي.
هڪ طرف سنڌ حڪومت جي مٿان دٻاءُ آهي ۽ ٻي طرف ماڻهو پنهنجا ڳوٺن، پنهنجن گهرن ۽ پنهنجن وسيلن کي بچائڻ جي سلسلي ۾ سرڪاري فيصلن ۽ ان جي عملي جي مزاحمت ڪري رهيا آهن ۽ انهن کي ڪرڻ به گهرجي. ڇو ته هن مهل تائين جيڪو ڪجهه بچيو آهي، اهو هرگز به نه بچي ها، جيڪڏهن مقامي ماڻهو مزاحمت نه ڪن ها.
اها حقيقت آهي ته هن مهل تائين جيڪو ڪجهه ٻڏو آهي، اهو سرڪار جي ناقص منصوبابنديءَ ۽ غلط فيصلن سبب ٿيو آهي ۽ جيڪو ڪجهه بچيو آهي، اهو عام ماڻهن ۽ خاص طور تي اتان جي مقامي ماڻهن جي مزاحمت ۽ انهن جي شرڪت ڪري بچيو آهي. جيڪڏهن عام ماڻهو ڪوڏرون کڻي ٻاهر نه نڪرن ها ته انهن کي به لهرون تمام گهڻو اڳ ۾ لوڙهي ڇڏين ها. اسان جي سرڪار کي به سنڌ جي اصلوڪي عوام جو شڪر گذار ٿيڻ گهرجي ۽ ان جي دلشڪني ڪرڻ بدران انهن کي عزت ۽ مان ڏئي انهن جو شڪريو ادا ڪرڻ گهرجي. پر افسوس جي ڳالهه اها آهي ته اهو ڪجهه ڪرڻ بدران هن مهل تائين پنهنجا شهر ۽ پنهنجا ڳوٺ بچائڻ وارن ماڻهن کي عزتون ۽ محبتون ڏيڻ بدران انهن کي پوليس ۽ قانون نافذ ڪندڙ ادارن جي معرفت ڌمڪايو ۽ ڊيڄاريو ويو آهي. انهن جي ڀرپور دلشڪنيءَ جا بندوبست ڪيا ويا آهن. ان جي نتيجي ۾ انتظامي ادارن ۽ مقامي ماڻهن جي وچ ۾ هڪ قسم جو غيرفطري تضاد اڀري آيو آهي. ان تضاد کي ختم ڪرڻ لاءِ حڪومت کي هن مهل سنڌ مٿان ڪميونٽي جي تحفظ جو هڪ اهڙو ادارو قائم ڪرڻ گهرجي، جنهن جا سنڌ جي سماج تي سٺا اثر پون. ان حوالي سان هن حڪومت هڪ به اهڙو عمل نه ڪيو آهي، جنهن مان اميد کي قوت حاصل ٿي سگهي ۽ اسان سمجهي سگهون ته حڪومتن کي به پنهنجي غلطيءَ جو احساس ٿي ويو آهي. حڪومتن سان وڏي ۾ وڏو مسئلو اهو رهيو آهي ته حڪمرانن جي ڪنڌ ۾ سدائين طاقت جي ڪلي رهي آهي. ان ڪري انهن ۾ اها نوڙت ۽ اهو نياز موجود ناهي، جيڪو ڪنهن به شيءَ جو تحفظ ڪرڻ جي سلسلي ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو آهي. هن وقت به حڪمران عام ماڻهوءَ جي مٿان آڪڙجي اچن ٿا. جڏهن ته هن وقت جي دوران عام ماڻهن سان پنهنجي تعلق کي بهتر ۽ پڪو پختو ڪرڻ ئي هن ملڪ ۽ معاشري سان گڏ انهن منصوبن جي به حق ۾ هوندو، جيڪي منصوبا مقامي ماڻهن جي صلاحن کان سواءِ ماڻهن جي مٿان مڙهيا ويا ۽ اڄ انهن منصوبن جو حشر اهو آهي ته اهي نقصان کان محفوظ رکڻ يا نقصان گهٽائڻ بدران نه صرف نقصان پهچائي رهيا آهن پر ٿيندڙ نقصان کي وڌ کان وڌ وڌائڻ ۾ به انهن جي ڪردار کان ڪو به انڪار ڪري نه ٿو سگهي. ڇا ڪنهن کي به ان کان انڪار آهي ته حڪومت جي عدم پلاننگ يا غلط پلاننگ سبب برساتون تباهيءَ جو پيغام بڻجي آيون آهن.
اهي ماڻهو ۽ اهي ادارا سوڀارا ٿين ٿا، جيڪي پنهنجين غلطين مان سکن ٿا. جيڪڏهن سنڌ جي سرڪار ۽ هن هيٺان ڪم ڪندڙ ادارا پنهنجي غلطين مان سکڻ چاهين ٿا ته انهن کي صرف ٻه ڪم ڪرڻ گهرجن. هڪ ته انهن کي منصوبابندي ڪرڻ گهرجي ٻيو ته ان منصوبابنديءَ ۾ اتان جي مقامي ماڻهن جي مدد کي هر صورت ۾ شامل ڪيو وڃي.