ممبئي: بالي ووڊ جي مشهور جوڙي ڪترينا ڪيف ۽ وڪي ڪوشل جي ڳجهي محبت جي ڪهاڻي آخرڪار سامهون اچي وئي آهي. ڪترينا ڪيف ۽ وڪي ڪوشل شروع کان ئي پنهنجي شادي کي ميڊيا کان پري رکيو ۽ مداحن کي ان شادي جي تصديق جو انتظار ڪرڻو پيو، جيستائين ٻنهي پنهنجي شادي جون تصويرون سوشل ميڊيا تي شيئر ڪيون. ڪترينا ڪيف سان گڏ اداڪار ايشان کٽر ۽ سڌارٿ چترويدي پنهنجي ايندڙ فلم فون ڀوت جي پروموشن لاءِ ڪرن جوهر جي شو ۾ شرڪت ڪئي. ڪترينا ڪيف چيو ته مون وڪي ڪوشل جي باري ۾ سوچيو به نه هو، ان جي نالي کان سواءِ ڪابه ڄاڻ نه هئي. هن چيو ته جڏهن وڪي ڪوشل سان منهنجي پهرين ملاقات ٿي ته مون کيس پسند ڪيو ۽ پنهنجي جذبن جو اظهار هدايتڪار زويا اختر سان ڪيو، وڪي ڪوشل سان شادي منهنجي تقدير هئي، شادي ۾ ڪيترائي اتفاق هئا، هڪ وقت اهڙو به هو، جڏهن مون محسوس ڪيو ته سڀ ڪجهه بلڪل حقيقي نه آهي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close