گذريل مهيني آيل مها ٻوڏ کان پوءِ ملڪ جي معيشت تباهه حال لڳي پئي آهي. معيشت کي بحاليءَ ۾ ڪيترو وقت لڳي سگهي ٿو، ان جو اندازو حڪومت کي به ڪونهي. سنڌ جي عوام کي ٻوڏ جيڪو نقصان ڏنو آهي، ان جو ازالو في الحال ممڪن ناهي. عوام کي هر حوالي سان رليف گهرجي. ماڻهن جي مالي حالت بنهه گهڻي خراب آهي. اهڙي حالت ۾ جيڪڏهن عوام کي مٿان مهانگائيءَ جو بار وڌو وڃي ته ان جي حالت ڪهڙي ٿيندي ۽ اهو ڪهڙي ريت گذارو ڪري سگهندو. جڏهن ته حڪومت وڌ کان وڌ کان رليف ڏيڻ جي ضرورت آهي. ان هوندي به حڪومت هر اسم جا اگهه وڌائڻ ۾ لڳي پئي آهي. گذريل هڪ سال کان بجليءَ جا اگهه لاڳيتا وڌي رهيا آهن. ان ڪري نه رڳو عوام جي کيسي تي مالي بار پيو آهي پر ان لاءِ پنهنجي گهرن جا خرچ هلائڻ به ڏکيا ٿي ويا آهن. عوام تي جڏهن مهانگائيءَ جو بار وڌو ويندو آهي ته ان جو گهر متاثر ٿيندو آهي. عوام جي آمدني ايتري ته ناهي جو اهو وڌندڙ مهانگائيءَ کي منهن ڏئي سگهي. هڪ پاسي شهرن جا شهر پاڻي هيٺ آهن. ٻئي پاسي ماڻهن جي روزگار جا وسيلا ختم ٿي ويا آهن. اهي هن وقت بي گهر لڳا پيا آهن. اهڙي صورتحال ۾ حڪومت هڪ ڀيرو وري بجليءَ جا اگهه وڌائي ڇڏيا آهن. جهڙي رفتار سان بجليءَ جا اگهه وڌايا پيا وڃن، ان مان لڳي ٿو ته هيءَ حڪومت في يونٽ سئو روپين تائين ڪري ڇڏيندي آهي. ان ڪري عوام بجلي استعمال ڪرڻ لائق به نه رهندو.
ڪالهوڪي آيل خبر موجب بجلي جي في يونٽ قيمت ۾ وڌيڪ 3 رُپيا 39 پئسن جي واڌ ڪئي وئي آهي. ان ڏس ۾ نيپرا بجلي جي في يونٽ قيمت وڌائڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. نيپرا بجليءَ جي اگهن بابت ٽماهي ايڊجسٽمنٽ درخواست جي شنوائي ڪئي. نيپرا بجليءَ جي اگهه ۾ 3 رُپيا 39 پئسا في يونٽ واڌ جي منظوري ڏني. نوان اگهه آڪٽوبر کان لاڳو ٿيندا، جڏهن ته اها واڌ نومبر ۽ ڊسمبر ۾ پڻ وصول ڪئي ويندي. نيپرا بجلي ڪمپنين کي 95 ارب واڌو اوڳاڙين جي اجازت ڏئي ڇڏي. واهپيدارن نيپرا کان ڪي اليڪٽرڪ جي شنوائي لاءِ وڌيڪ وقت مقرر ڪرڻ جو مطالبو ڪيو جنهن تي نيپرا چيئرمين جواب ڏنو ته ڪي اليڪٽرڪ جي شنوائي تي ڀرپور وقت ڏنو ويندو آهي. نيپرا چيئرمين اهو به چيو ته ڪراچي جا واهپيدار اڪثر جذباتي ٿي ويندا آهن. ڪجهه ڏينهن اڳ حڪومت اهو اعلان ڪيو هو ته فيول ايڊجسٽ جي مد ۾ سڄي رقم معاف ڪئي وئي آهي. ٻئي پاسي وري بجليءَ جا اگهه وڌايا ويا آهن. عوام ڏانهن ايترا ڳرا بجليءَ جا بل موڪليا ويندا آهن جو اهي بل کڻي عدالتن ۾ وڃي چڪا آهن ۽ بجلي ڪمپنين خلاف ڪيس ڪري رهيا آهن. ڇا ڪنهن به ملڪ ۾ بجلي جا اگهه ايتري حد تائين مهانگا آهن، جيترا پاڪستان ۾ آهن. جڏهن ته بجليءَ جي لوڊشيڊنگ جو سلسلو به جاري آهي. تنهنڪري عوام ڄڻ ته ٻٽي عذاب ۾ آهي. ٻوڏ جي پاڻيءَ ۾ ٻڏل پاڪستان ۾ هن وقت بجليءَ جي اگهن ۾ واڌ جو تُڪ ناهي. پر حڪومت کي ان ڳالهه جو بلڪل به احساس ناهي ته اها عوام مٿان ڪيترو ظلم ڪري رهي آهي. ڇاڪاڻ ته عوام هن وقت معاشي بدحاليءَ جو شڪار لڳو پيو آهي. ٿيڻ ته ائين گهرجي ها جو حڪومت عوام کي بجليءَ جي مد ۾ رليف ڏئي ها. اها بجليءَ جا اگهه گهٽائي ها ۽ ٻوڏ کان پوءِ ڪجهه وقت لاءِ بجليءَ جا بل معاف ڪري ڇڏي ها. حڪومت اگهه وڌائي عوام کي اهو پيغام ڏنو آهي ته اها هر حال ۾ عوام جو رت سوچڻ چاهي ٿي.
اسين سمجهون ٿا ته هيءَ عوام سان ناجائزي آهي. تنهنڪري ان جي جيتري به نندا ڪجي سا گهٽ آهي. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته عوام جي مٿان بجليءَ جي اگهن جو بار گهٽايو وڃي.