گلگت بلتستان، سوات، سرائيڪي وسيب ۽ بلوچستان کي برسات ٻوڙيو پر سنڌ اڃا تائين ٻُڏي پئي. نه صرف انهي ڪري ته هتي ريڪارڊ ٽوڙ برسات پئي يا سنڌ هيٺاهين ۽ ڇُوڙ آهي پر ان ڪري به ته هتي عسڪري مفادن، نالائق حڪمرانن ۽ جاگيردارن جي ٻيگهي متل آهي. سڀ کان گهڻي برسات پڊعيدن (نوشهروفيروز) موئن جو درڙو (لاڙڪاڻو) ۽ ڇور (عمرڪوٽ) ۾ پئي. برساتن سکر ڊويزن، جيڪب آباد، ميرپورخاص، نوابشاهه ۽ بدين ضلعي سميت سڄي سنڌ کي ٻوڙي رکيو هو. برساتن جو پويون اسپيل 26هين آگسٽ تي پورو ٿي چڪو پر پو به آر بي او ڊي جي غلط منصوبابندي ۽ درياهه جي قُدرتي وهڪري کي بند ڪرڻ سبب جهڏو پاڻي هيٺ اچي ويو. بلوچستان منجهان ايندڙ پاڻي کي به وقت سر ۽ درست طور نه سنڀاليو ويو. برساتن کان اڳ مقامي جاگيردارن حمل ڍنڍ کي سُڪائي انهن تي قبضا ڪرايا هئا ۽ منڇر کي به ان وقت خالي نه ڪيو ويو، جڏهن درياهه پاڻي کڻي سگهيو ٿي. هاڻ نتيجو هڪ وڏي تباهي جي صورت ۾ اسان جي سامهون آهي. دادو ضلعي جو تعلقو خيرپور ناٿن شاهه سڀ کان پهرين ٻُڏو ۽ اڃا به ڏهه فُٽ پاڻي هيٺ آهي. فريد آباد، جوهي ۽ ميهڙ يڪو پاڻي جي دٻاءُ ۾ هئا پر اتان مقامي ماڻهن (خاص طور عورتن جن بند ٻڌڻ جي شروعات ڪئي) پنهنجي طرفان همت ڪري اڃا تائين شهر بچائي بيٺا آهن.
قمبر شهدادڪوٽ جا شهر پڻ پاڻيءَ جي گهيري ۾ آهن پر ان جو تعلقو وارهه، شهر ۽ گاجي کُهاوڙ سميت پاڻي هيٺ اچي چڪا آهن. منڇر کي ڪٽ ڏيڻ ۽ گهارا پوڻ سبب هاڻ ضلعي ڄامشوري جو وارو آهي. جنهن کانپوءِ اڃا ضلعي ٺٽي ۽ بدين تي به دٻاءُ وڌندو. ائين سنڌ جي حڪمرانن پنهنجي غلط ۽ بي وقت فيصلن جي ڪري سنڌ جي عوام کي سو بصر به کارايا ته سو ڪوڙا به هڻايا. اسان جي مقامي سنڌي توڙي اردو ميڊيا رڳو اوسي پاسي جي ڊهيل گهرن ۽ ڪجهه متاثرن جا فوٽو ڪڍي سمجهيو ته ڪوريج ٿي وئي. جڏهن ته قهر “واهڙ وهن نوان اڃا وهه اڳي ٿيو!” وارو هو. حامد مير به سکر جو اوسو پاسو ڪور ڪري پهرين پنهنجو ڪم ڪري ويو. اهي صرف ٻاهريان صحافي ۽ نيوز ادارا (جهڙوڪ جرمن ڊي ڊبليو، برطانوي گارجين ۽ 24 فرانسيسي) جن ڪي اين شاهه سميت حقيقي ٻوڏ جي ڪوريج لاءِ همٿ ڌاري. اسان به 4 تاريخ جو صبح جو عالمي ۽ مقامي صحافين سان ٻوڏ جي گهيري ۾ آيل علائقن جو رُخ ڪيوسين. ميهڙ شهر کان ٻيڙي ۾ نڪتاسين ته سج سوا نيزي تي هو، حبس ۽ پاڻي سطح تي اُس جي عڪس سبب گرمي جي شدت ٻيڻي هُئي. وچ ۾ ڪولاچي ۽ هڪ ٻن ٻين مٿاهين تي موجود ڳوٺن منجهه ماڻهو نظر آيا. خيرپور تائين اسان کي ٻه ڪلاڪ لڳا. شهر ٻاهران ڪجهه ڳوٺاڻن کي جيڪي لٺين آسري هلي تري ساڻا ٿي ڪنهن پول کي هٿ وجهي ساهه کڻي رهيا هئا، تن کي کنيوسين ۽ ڏهه فُٽ کان مٿي پاڻيءَ ۾ ٻڏل سوا لک آبادي واري شهر (خيرپور ناٿن شاهه) ۾ داخل ٿياسين، جت اڃان به پنج کان ڏهه سيڪڙو ماڻهو موجود آهن. مقامي ماڻهن کان حال احوال ورتوسين. جن ٻڌايو ته ڪو اڳواٽ اعلان ڪونه هو، امير ماڻهو ته اڳ ئي شهر ڇڏي چُڪا هئا. ايڌي وارن ماڻهن کي ڪڍيو. باقي ريسڪيو وارن به پنهنجي من پسند خاندانن کي کنيو پر ڪجهه غريب خاندانن جي، جن وٽ ٻيڙي جا پيسا (هڪ هزار رپيو في ماڻهو) ڀرڻ جي سڪت نه هُئي سي شهر ۾ رهجي ويا. (حامد مير انهن علائقن ۾ پهتو ۽ آرمي وارن جو تعريفون ڪري موٽيو آهي). شهر ۾ ئي اسان کي ڪجهه همٿ ڀريا نوجوان (زرعي ۽ ايل ايم سي) جا گريجوئيٽ به مليا جيڪي پنهنجي وڏن سان گڏ شهر ۾ رهيل هئا. اتان جيئي سنڌ جي سينيئر ڪارڪن نذير چانڊيي کي ساڻ کڻي سپريي بند ڏانهن نڪتاسين. رستي ۾ ڇر ئي ڇر هُئي، تباهه حال خالي سوين ڳوٺ هئا. بند تي پهچڻ ۾ سوا ڪلاڪ لڳو. اُتي اسان کي نورنگ ڳوٺ جا ماڻهو مليا جن وٽ کائڻ لاءِ پنهنجو کاڌو ته هو پر پيئڻ لاءِ صاف پاڻي ۽ دوائون ڪونه هيون. بيمارين مُنهن ڪڍيو هو، هر ٻين ڪيمپ ۾ ڪو بيمار ٻار يا پڪو پوڙهو هو. هنن ٻڌايو پئي ته اسان پهريان ماڻهو آهيون جيڪي انهن وٽ پهتا آهيون. جڏهن ته بند تي فريد آباد ۽ اُترين پاسي هڪ ٻه ڏينهن اڳ فيس بُڪ فرينڊ ڊاڪٽر برڪت نوناري ۽ اسان جو ساٿي نجي الله دوائون کڻي پهتا هئا ۽ ميڊيڪل ڪيمپ به قائم ڪئي هيائون. اڳوڻو قومپرست ڪارڪن شير زاد جتوئي پڻ بند تي رليف سرگرمين ۾ مصروف آهي، جتي ڳوٺ قائم جتوئي، سعيد پور، ڳاڙهي، بيتل، ربن فقير سومرو جا ماڻهو چڱي انگ ۾ ويٺل آهن. اُتان کان بند جي ڏاکڻي پاسي يعقوب ماڇي، خان، گرڪڻ، مياڻي، مُوڃي، ڪلر ڳوٺ جا ماڻهو پڻ بند تي ويٺل آهن. انهن سمورن هزارين ماڻهن جي سرڪار ڪابه واهر نه پئي ڪري. سرڪار رڳو انگ اکر ڏيئي پئي سي به ڪوڙا. انهن ماڻهن کي خبر ناهي ته مٿن اها قيامت ڇو ۽ ڪيئن ٽُٽي آهي. آمريڪا ۽ چين جي ڪاربن اخراج کان وٺي رياست جي سول عسڪري آفيسرشاهي تائين، سنڌ حڪومت جي نالائق، ڏوهاري ۽ قاتل حڪومت کان وٺي تر جي جاگيردارن تائين (جن پنهنجون ڪيٽيون، زمينون ۽ گيس فيلڊون بچائڻ لاءِ عام کي ٻيو ڀيرو ٻوڙيو آهي) سڀ جا سڀ هڪ جيترا ذميوار آهن. قاضي احمد ۽ سڪرنڊ سميت سڄي سنڌ ۾ جاگيردار پنهنجي زمينن منجهان موٽرن ذريعي پاڻي سم نالن ۾ ڇوڙ ڪن ٿا، اُهي سم نالا وري ڦاٽي سوين ٻيا ڳوٺ ٻوڙين پيا. ائين سنڌ هن وقت پاڻي جو هڪ دٻو بڻجي وئي آهي.
ساڳا اُٺَ، ساڳا اوٺي، ساڳي سندن اوڳ
ڀيري ڀيري ڀوڳ، ڀينر هِن ڀنڀور سان )ڀِٽ ڌڻي)
هاڻ اهي ساڳا اُٺ، اوٺي (حڪمران) اوڳر ورائي چون ٿا ته قدرتي آفت آهي (وڏو وزير) اسان کي گناهن جي سزا آهي (سراج دراني)، اسان ڏوهاري آهيون (سعيد غني ۽ مصطفى ڪمال). الله کان گهرو اسان وٽ ڪجهه ڪونهي (نادر مگسي)، منهنجي هٿ ۾ ڪجهه ڪونهي (برهان چانڊيو)، منظور وساڻ جهڙا ته ٺٺوليون ڪندي ڪونه ٿا مُڙن. اهي ته ٻڏندڙن کي بچائڻ ته پري پر انهن سان هٿ ملائڻ جهڙا به نه آهن. جن نمائندن کي ٻوڏ کان اڳ يا دوران ريسڪيو ڪرڻو هو، جن کي ٻوڏ جي تباهي ۽ فلاحي ڪم جا انگ اکر ڏيڻا هئا سي هڪ هزار جي راشن ٿيلهي ورهائي سمجهن ٿا ڪم ڪيو آهي. ناصر شاهه چوي ٿو “عوام اُبتيون ڳالهيون نه ڪري”. سچ اهو آهي ته اُبتيون ڳالهيون اوهان پيا ڪريو. عوام ان کي هاڻ سبتو ڪندو. بلي شاهه جي سٽن وانگي ته:
“اُلٽي هور زماني آئي، تان مين ڀيد سڄڻ دي پائي”
اهو ڀيد درحقيقت طاقت آهي. طاقت حڪمرانن ۾ ڪونهي، طاقت عوام آهي. جوهي ۽ ميهڙ ان جو مثال آهن. مٿان جيڪي عوامي سياست جي ڳالهه ڪن ٿا سي پڻ ٻڏل عوام کي پنهنجي تنقيد جو نشانو بڻائين ٿا ته اها کين پ پ کي ووٽ ڏيڻ جي سزا آهي. هڪ ته عوام (65 سيڪڙو) ووٽ ڏيندو ڪونهي. ٻيو ته جيڪو ووٽ ڏئي ٿو سو به ورهايل هوندو آهي. ائين پ پ کي صرف ڪجهه سيڪڙو ووٽ پوندو آهي جيڪو به ڦُريو ويندو آهي، ڏنو ناهي ويندو. رياست پيٽرونيج جي سياست جو خاتمو ڪري، هارين جي فريادن تي ڪورٽون بروقت انصاف ڪري ڪجهه جاگيردارن کي ٽنگين، زرعي سُڌارا ڪري جاگيردارن کان زمينون ڦُري سنڌ جي 85 سيڪڙو بي زمين هارين ۾ ورهائي وڃي. (هي مطالبا نه آهن پر سنڌ جي عوام جي سياست جا امڪاني مقصد آهن) ان کان پوءِ به جيڪڏهن پ پ ووٽ کڻي ته پوءِ جيڪا چور جي سزا سا اسانجي سزا. ساڳي وقت اهو به نه ويسارجي ته اسان وٽ حڪومت ڪهڙي ايندي؟ اهو ووٽ ڏيڻ وارا نه پر ووٽ ڳڻڻ وارا طئي ڪندا آهن. تنهنڪري عوام تي پ پ کي ووٽ ڏيڻ واري تنقيد اجائي آهي. ان ۾ ڪو شڪ ڪونهي ته اسان (عوام) کي کوڙ ساريون بيماريون (پيري مريدي، ذات پرستي، قبائلي جهيڙا، جاگيرداراڻا قدر وغيره) لڳل آهن. پر عوامي سياسي ڪارڪن اُهو ڊاڪٽر هوندو آهي جيڪو بيمار ۽ بيماري ۾ فرق ڪندو آهي، جيڪو بيمار سان نه پر بيماري سان جهيڙيندو آهي. اسان جو ڪم صرف بيماريون ٻڌائڻ نه پر ان جو علاج ڪرڻ پڻ آهي.
هي وقت آهي پنهنجي ماروئڙن سان گڏ بيهڻ جو. فلاحي سان گڏ سياسي ۽ سياسي سان گڏ فلاحي ڪم ڪرڻ جو، تڪليف ۽ بي وسي جي عالم ۾ انهن جو ٻانهن ٻيلي ٿيڻ جو. لطيف جي ان بيت وانگي ته:
“ٻڏندي ٻوڙن کي، ڪي هاتڪ هٿ وجهن،
پسو لڄ لطيف چئي ڪيڏي کي ڪکن،
توڻي ڪنڌي ڪن، نه ته ساڻ وڃن سير ۾”
اسان سياسي ڪارڪن جيڪڏهن اڄ انهن ڪکن جيتري لڄ به سنڀالي ته عوام ڪنڌي لڳي پوندو ۽ سڀاڻ منظم به ٿي پوندو. ڇاڪاڻ ته عوام کي پنهنجي تجربي ئي ايترو سيکاريو آهي جيترو ڪو سياسي پمفليٽ يا ڪا تقرير نه ٿي سيکاري سگهي. هُن وٽ هاڻ ٻي ڪا واهه ڪونهي، ماسواءِ ان جي ته هو پاڻ سان گڏ بيٺل سياسي ڪارڪنن سان گڏ ٿي، هن سرڪار ۽ اونڌي نظام کي اونڌو ڪري، هر شئي کي سڌو ڪري ڇڏي.