شوبز

عاليا ڀٽ جو فلم هائي وارو باغي ڪردار ناني وٽان مليو..!!

بالي ووڊ فلمن جي خوبصورت اداڪارا عاليا ڀٽ جو فلم هائي وارو باغي ڪردار کيس جرمن ناني وٽان ملڻ جو انڪشاف ٿيو آهي. برطانوي خابرو اداري جي رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي تھ عاليا ڀٽ جي گجراتي بابو والد مهيش ڀٽ جو چوڻ آهي تھ فلم هائي واري باغي عاليا، اصل ۾ کيس جرمن ناني کان مليل ورثي واري بغاوت آهي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي تھ عاليا نھ رڳو فلمن ۾ منفرد ڪردار ڪيا، سندس اصل زندگي بھ اهڙي ئي منفرد رهي آهي. مهيش ڀٽ پنهنجي لاڏلي نياڻي بابت ٻڌائي ٿو تھ برلن فيسٽيول ۾ فلم گلي بوائي ۽ هائي وي خاطر جرمني وڃڻ تي عاليا جذباتي بڻجي وئي، ڇوتھ اتي سندس ناني رهي ٿي. هوڏانهن اسٽوڊنٽ آف دي ايئر جي اداڪارا کان ڊارلنگز جي پروڊيوسر تائين عاليا وڏو سفر ڪيو. عاليا جي پروڊيوسر ۽ ادڪارا طور ڀيٽ ڪندي اداڪارا شيفالي شاهه ٻڌايو تھ عاليا سان گڏ ڪم ڪندي مان سندس تجربو ڏسي حيران ٿي وئي هئس، ڇوتھ اها پروڊيوسر ۽ اداڪارا طور صفا مختلف ۽ ڌار ڌار نظر آئي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button