شوبز

بالي ووڊ ۾ مقابلي جي چڪر ۾ بيمار ٿي پيس: نرگس فخري

بالي ووڊ جي آمريڪا ڄائي اداڪارا نرگس فخري چيو آهي تھ بالي ووڊ ۾ مقابلي جي چڪر ۾ بيمار ٿي پيس، ڇوتھ هتي ائين نھ ڪرڻ جو مطلب پوئتي ڌڪجي وڃڻ هو. ميڊيا سان ڳالهائيندي هن جو چوڻ هو تھ آمريڪا ۾ جن ڳالهين کي معمول سمجهيو ويندو هو، ڀارت ۾ انهن ڳالهين جو غلط مطلب هو، دوستن روڪيو تھ ڀارت نھ وڃان، ضد ڪري هلي آيس، هتي اچڻ بعد پهريون نشانو منهنجو لباس بڻيو. هن چيو تھ ساٿي مرد اداڪارن سان ڳالهائڻ تي ميڊيا انهن سان رومانوي تعلقات ٺاهي پيش ڪيا. جڏهن ڪاوڙ ۾ ميڊيا کي چيو تھ اها مون کي هم جنس پرست بڻائيندا، ٻئي واقعي بھ ائين ئي لکيو ويو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button