پاڪستاني اداڪارا مهوش حيات زندگي جو پرسڪون رخ کان آگاهي ڏئي ڇڏي آهي. ميڊيا مطابق مهوش حيات پنهنجي هڪ نئين پراجيڪٽ بابت اشارو ڏيندي هڪ تصوير شيئر ڪئي آهي، جنهن ۾ کيس ڪنهن بلند عمارت جي ڇت تي بيهي سڪون جي تلاش ڪندي ڏيکاريو ويو آهي.
مهوش حيات تصوير جي ڪيپشن ۾ رڳو ايترو لکيو آهي تھ هتان زندگي پرسڪون، ساڪن ۽ گوڙ کان آجي آهي. جڏهن تھ مداحن سندس ان تصوير کي دنيا جو گوڙ کان آجو پاسو پيش ڪرڻ قرار ڏنو آهي.