ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

عمران خان جو نئون بيان سنڌ لاءِ ھاڃيڪار

Editorial-Article Mohammad Khan Sial

ملڪ جي اڳوڻي وزيراعظم ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) جي چيئرمين عمران خان نيازيءَ جو تازو پر خطرناڪ بيان ميڊيا ۾ ڇپيو آھي، جيڪو اڳتي ھلي اسان جي پياري سنڌ جي وجود خلاف خطرناڪ ثابت ٿي سگهي ٿو. انھيءَ ڪري اسان سڀني کي سنڌ جي بھتر آئيندي لاءِ ڳنڀيرتا سان ويچار ڪرڻ گهرجي.
سندس تازو بيان آھي ته سنڌ جا ماڻھو منھنجي ٽيم بڻجن، واعدو ٿو ڪريان ته پاڪستان پيپلز پارٽيءَ کي شڪست ڏيندس. عمران خان تازو مطالبو ڪيو آھي ته ڊويزنن کي صوبا بڻايو، سو اقتدار ۾ آيو ته پڪ سنڌ ٽوڙيندو. ان کان اڳ سندس بيان ھو: “هر ڊويزن، صوبو هجڻ گهرجي ۽ مون کي ناڪ آئوٽ ڪرڻ جي ڪوشش ٿي رهي آهي. مان هر روز ‘وڌيڪ خطرناڪ’ ٿي رهيو آهيان.” عمران خان نيازيءَ، تازو ضمانت جي درخواست منظور ٿيڻ بعد دهشتگردي ٽوڙ عدالت ٻاهران صحافين سان غيررسمي گفتگو ڪئي. سرگوڌا ۾عمران خان نيازي چيو آهي:”پاڪستان جي هر ڊويزن صوبو هجڻ گهرجي، جيترو بهتر صوبو هوندو ماڻهن جا مسئلا اوترا حل ٿيندا. وڌيڪ صوبا ٺاهڻ جي حوالي سان بحث ٿيڻ گهرجي، جيترا صوبا وڌيڪ هوندا اوترا مسئلا گهٽ هوندا.”
منھنجي ڇنڊڇاڻ موجب عمران خان نيازيءَ جي انھيءَ اختلافي بيان تي ضرور تبصرو ڪرڻ گهرجي. عمران خان پوڻا چار ورھيه ملڪ جو ‘سيليڪٽيڊ’ وزيراعظم بڻجڻ کان اڳ، پنجاب جي الڳ صوبي بابت اعلان ڪيو ھو ته مان ڏکڻ پنجاب (سرائيڪي صوبو) بڻائيندس، تنھنڪري مون کي ووٽ ڏيو ۽ انھيءَ ڪري سرائيڪي علائقي جي ماڻھن کيس کوڙ ووٽ ڏنا پر پوڻن چئن ورھين دوران، ھن ڏکڻ پنجاب واري صوبي بڻائڻ لاءِ ٽڪو به ڪوشش ڪونه ڪئي. علائقي جا ماڻھو رڙيون ۽ دانھون ڪندا رھيا پر عمران خان تي انھيءَ جو ٽڪو به اثر ڪونہي پيو. عام تاثر آھي ته ويچاري سليڪٽيڊ عمران خان کي ته اسٽيبلشمنٽ اقتدار ۾ آندو ھو پر ظاھري طور سرائيڪين، الڳ صوبي جي پٺڀرائيءَ واري بيان تي ڀروسو ڪري کيس ووٽ ڏنا ھئا پر اھا سچائي ھئي ته جيڪڏھن سرائيڪي کيس ووٽ نه ڏين ھئا ته ڀلي اسٽيبلشمنٽ ڪيتري به ڪوشش ڇو نه ڪري ھا ته سليڪٽيڊ، نيٺ وزيراعظم ڪونه ٿي سگهي ھا. عمران خان نيازيءَ جي احسان فراموشي اھا ھئي ته ھن ڏکڻ پنجاب يعني سرائيڪي صوبو پوڻا چار ورھيه وزيراعظم ھئڻ باوجود ڪونه بڻايو ۽ نه ڪا ڳنڀيرتا سان اھڙي ڪوشش ڪئي. عمران خان پوڻن چئن ورھين جي اقتدار ۾ عوام جي ڀلائيءَ لاءِ خاص قدم ڪونه کنيا ھئا پر رڳو سکڻن ۽ وڻندڙ بيانن تي گذر سفر ڪندو رھيو ھو. ٻيو ته ٺھيو پر سندس وڻندڙ بيانن کي سنڌ جون ڪجھه اخبارون اوليت ڏئي مين ليڊ طور، سندس بيان ڇاپيندا ھئا ۽ ھاڻي به ڇاپين ٿا.
جيستائين سنڌ جو واسطو آھي ته اھا سو سيڪڙو سچائي آھي ته عمران خان نيازيءَ کي سنڌ سان به ھمدردي ڪانه ھئي ۽ نه ئي آھي. ھاڻي بيان ڏنو اٿس ته ڊويزنن کي صوبو بڻايو. سندس بيانن جي حوالي سان ائين لڳي ٿو ته سندس اصل مقصد سنڌ ٽوڙڻ ئي آھي. جڏھن اقتدار ۾ آيو ھو ته ان کان اڳ، سندس بيان ميڊيا ۾ ڇپيو ھو ته ڪراچي يعني سنڌ جي گاديءَ واري شھر کي الڳ ڪريو. وري ٻيو اھو خطرناڪ بيان ڪراچي پريس ڪلب ۾ ڏنو ھئائين ته ‘اندرون سنڌ’ وارن کي ڪراچيءَ تي حڪمرانيءَ جو اختيار بلڪل ڪونھي. سندس اھو بيان سنڌ سان زوردار نفرت وارو ھو پر جڏھن پاڻ اقتدار ۾ آيو ھو ته وفاق کان سواءِ چئن مان ٽن صوبن ۾ سندس حڪومتون ھيون ۽ اھا خاص ڪري نوٽ ڪرڻ جي ڳالھه آھي ته يعني چئني حڪومتن (وفاق ۽ ٽي صوبا) ۾ گاديءَ واري شھرين حڪومت ته ڪانه ڪئي ھئي، رڳو سنڌ سان انوکي بيانن ذريعي کيس زوردار نفرت ھئي.
عمران رڳو سکڻن بيانن تي گذر سفر ڪندو رھيو ھو ۽ آھي پر منجھس بردباريءَ جي سدائين کوٽ رھي آھي. اھا به ڳالهھ خاص ڪري نوٽ ڪرڻ جي آھي ته عمران خان، وزيراعظم ھو ته ھن ڪراچيءَ جي مدد جو اعلان ڪيو (يارھن ارب رپين جو ڪراچيءَ جي مدد لاءِ اعلان ڪيائين جنھن مان 8 ارب رپيا سنڌ سرڪار جا ھئا ۽ رڳو 3 ارب سندس وفاقي سرڪار جا ھئا) پر اصل قصو اھو آھي ته ھو سليڪٽيڊ ھو سو اصل قوتن جي خوشيءَ لاءِ ڊانس اڃا به ڪندو رھي ٿو. ھاڻي به “سليڪٽيڊ” جا عام بيان رڳو ڏيکاءُ لاءِ ھوندا آھن. ٻئي طرف، سنڌ جا ماڻھو زيادتين خلاف رڙيون دانھون ڪندا رھن ته ڀلي ڪندا رھن، وٽس ڀلائيءَ خاطر ڪوبه اثر ڪونه پوندو.
ھونئن به اھا ڳالھه نوٽ ڪرڻ جي ھئي ته ميڊيا موجب سنڌ سرڪار جا جائز پيسا جيڪي اربين رپيا ھئا سي ڪيترا ڀيرا ھن وقت تي ادا ڪونه ڪيا. جڏھن ته ڪيترا ڀيرا ھن مڪمل رقم ادا ئي ڪانه ڪئي. اھو پنھنجي جاءِ تي سنڌ سان وڏو ظلم ھو. عمران خان نيازي وزيراعظم ھو ته ھن جيڪي پوسٽنگس ڪيون تن ۾ سنڌ کي جائز رقم جو حصو ۽ ٻيون سھوليتون بلڪل ڪونه مليون. اھو منھنجو چيلينج آھي، ڀلي ان وقت جو جائزو وٺو.
مون 4 سيپٽمبر 2020 تي جڏھن وزيراعظم ھو ته پوسٽ رکي ھئي ته تاريخي مھانگائي آڻي ڪروڙين غريب انسانن جو جيئڻ حرام ڪندڙ، عمران خان نيازيءَ جي ھڪ ڀيري دعوى ھئي: غربت ۾ گهٽتائي آڻڻ سندس پھرين اوليت آھي پر سچائي اھا ھئي ته ھن غربت ۾ اعلان موجب ڪڏھن به گهٽتائي ڪانه آندي، الٽو لاڳيتو مھانگائي آڻيندو رھيو. آءِ ايم ايف سان ڳاٽي ٽوڙ مھانگائيءَ وارو ٺاهه به ھن ئي ڪيو ھو. جنھن ڪري مھانگائي اڳ به وڌندي رھي ۽ ھاڻوڪي نئين سرڪار ۾ به اڳ واري ٺاهه سبب، مھانگائي مجبوريءَ ڪارڻ وڌندي رھي ٿي.
عمران خان آباديءَ جي بنياد تي صوبا بڻائڻ جو ناٽڪ ڪري ٿو. انھيءَ سلسي ۾ مان آمريڪا جو مثال ڏيان ٿو ته مان ڪيترا ڀيرا آمريڪا ويو آھيان. ھڪ ڀيري مون پاڻ ئي اتان جي اھم ڪيليفورنيا رياست جي وزٽ ڪئي جنھن جي آبادي سال 2010ع جي انگن اکرن موجب اٽڪل پوڻا چار ڪروڙ ھئي پر اھا ھڪ رياست (صوبو) ھئي يعني گهڻي آباديءَ جي ڪري کيس ٽوڙيو ڪونه ويو ھو. انھيءَ کان سواءِ ٽيڪساس رياست جت مان گهڻو وقت رھيل ھئس، اتان جي آبادي تن ڏينھن ۾ 2 ڪروڙ ساڍا ايڪونجاهه لک ھئي. جڏھن ته فلوريڊا ۾ مون ڏٺو ته اتي آبادي ھڪ ڪروڙ 88 لک ھئي. نيويارڪ جي آبادي ھڪ ڪروڙ 88 لک ھئي. اھا آبادي اٽڪل 12 ورھيه اڳ جي آھي، ھاڻي ته آبادي اڳ جي ڀيٽ ۾ گهڻي وڌيل ھوندي پر ان جي باوجود رياستن (صوبا) کي ٽوڙڻ جو مطالبو ڪونه ٿيو آھي. بھرحال، عمران جا مطالبا عام طور جائز ڪونه ھوندا آھن.
مون پاڻ نوٽ ڪيو ته انھن آمريڪي رياستن به زوردار ترقي ڪئي ھئي. انھيءَ کان سواءِ مون کي پي آءِ اي جو منيئجر افغانستان مقرر ڪيو ويو ھو. مان ان جي گاديءَ واري شھر ڪابل ۾ اڪيلو ھئس ۽ پي آءِ اي جي ڪل ڇھن فلائيٽن باوجود، پي آءِ اي جو ٻيو ڪوبه ھڪ ملازم ڪونه ھو ۽ نه ئي ڪا آفيس ھئي. مون نوٽ ڪيو ته اتي صوبا 34 ھئا. يعني پاڪستان جي ڀيٽ ۾ بلڪل گهڻا صوبا ھئا پر ترقي ٻڙي ھئي. مان پاڻ ٻه ٽي ڀيرا عام طور جاني حملن کان بچي ويو ھئس. سو اھو چوڻ ته رڳو وڌيڪ صوبن جي ڪري مسئلا نبيرجي ويندا، اھا عمران خان نيازيءَ جي نامڪمل ۽ غلط سوچ آھي. اصل مسئلو بھتر حڪمرانيءَ جو ھوندو آھي.
اسان وٽ اڳوڻي وزيراعظم شھيد ذوالفقار علي ڀٽي جو مثال آھي. سندس خدمتون عاليشان ھيون. ان وقت ڪيترن، پنھنجي عادت موجب مخالفت ڪئي ھئي پر وقت گذرڻ سان ثابت ٿيو ته سندس سڄي ملڪ ۽ خاص ڪري سنڌ لاءِ بھتر خدمتون ھيون. فيس بوڪ تي پڇون ٿا ته سنڌ جي تباهي چاهيندڙ ٽولو، چونڊيل پ پ پ سنڌ سرڪار خلاف ڏينهن رات مهم ڇو هلائي ٿو؟ساڳي وقت پڇون ٿا سنڌ جي خيرخواه متبادل چونڊيل سرڪار جو نالو لکو ته حمايت ڪريون پر جواب نٿا ڏين. شايد چاهين ٿا ته عمران خان جهڙا اچي ڀلي سنڌ ٽوڙين. منھنجي ايمانداريءَ سان راءِ آھي ته عمران خان نيازيءَ جو اصل مقصد ملڪ ۾ فتنو پيدا ڪرڻ آھي. سندس عام ڀلائي ڪابه ڪونھي.جيستائين سنڌين کي وڏن عھدن تي مقرريءَ جو واسطو آھي ته عمران خان، ملڪ جو صدر ڊاڪٽر عارف علوي مهاجر کي مقرر ڪيو ھو، جيڪو اڃا به برقرار آھي پر ھن سنڌ جو گورنر اڳ ئي مهاجر رکيو ھو. لڳي ٿو سنڌين جي وٽس ڪا به اهميت ڪانه هئي.
اسان جو عرض آھي ته سنڌ جو عوام ڀلي ڪھڙي به پارٽيءَ ۾ ڇو نه ھجي، سي سڀ ملي عمران خان جي مطالبي ته ڊويزنن کي صوبو بڻايو تنھن جي، سنڌ جي بچاءُ خاطر سندس زوردار مخالفت ڪن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button