ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

دادوءَ جي دانهن

Editorial-Article- Ajaz Mangi

سنڌ جو هر شهر متاثر آهي. لاڙ مٿان ڪجهه ماڙ آهي. باقي اتر سنڌ ته صفا اجڙيل آهي. ماڻهن جا جهڳا جهڻ آهن. برسات بند آهي. پر ماڻهو پوءِ به پاڻيءَ ۾ لڙهن پيا. جيڪا حڪومت هن مهل تائين پاڻي ڪڍي نه سگهي آهي، اها نئين سنڌ ڪيئن جوڙيندي؟ ان سوال جي جواب تي پوءِ ٿا اچون. پهرين ان ضلعي جو جائزو وٺون جيڪو هن مهل سخت مصيبت ۾ آهي. سنڌ جو اهو ضلعو آهي، دادو!
دادو دهشت ۾ آهي. دادو هن مهل به سراپا دانهن آهي. ڪي اين شاهه ۾ ڪارون ۽ چنگچيون نه پر هاڻي ٻيڙيون ٿيون هلن. ڪيستائين هلنديون؟ ڪير ڄاڻي؟ ميهڙ هن مهل به پاڻيءَ جي گهيري ۾ آهي. ڪيستائين رهندو؟ ڪنهن کي خبر؟ جڏهن ته هن وقت سڀ کان بري صورتحال منڇر جي پسگردائيءَ وارن ڳوٺن ۽ شهرن جي آهي. ڪن ڪٽ هنيا. ڪي ڪٽ پاڻ ئي لڳا. پر پاڻيءَ جهڙي ريت کيرٿر پهاڙ جي پاڇي ۾ رهندڙ انسانن سان ڪلور ڪيا آهن، ان جو مثال سنڌ جي مظلوم تاريخ ۾ ڪٿي نه ٿو ملي. جڏهن ته ماڻهن ۽ منڇر جي پاڻيءَ جو جهيڙو اڃان تائين جاري آهي. جوهيءَ جيڪڏهن هن مهل تائين بچيو آهي ته ان ۾ سرڪار جو ڪو عمل دخل ناهي. اهو عوامي ڪارنامو آهي. پر هن وقت جن شهرن کي ڪجهه آسرو هو، انهن کي وارننگ ملي آهي ته پنهنجا گهر ڇڏي نڪري وڃون. اهو ته چيو ٿو وڃي ته شهر خالي ڪيو پر اهو نه ٿو ڏسيو وڃي ته ڪيڏانهن وڃون؟
ڀان شهر خوف سبب خالي ٿي رهيو آهي. ڀان جا ماڻهو عذاب ۽ اذيت ۾ مبتلا آهن. اهي ماڻهو جيڪي پنهنجي غربت سان سمجهوتو ڪري سالن ۽ صدين کان ويٺا هئا، اهي اڄ دربدر ٿي رهيا آهن. جڏهن متاثر شهرن ۽ ڳوٺن جا ماڻهو احتجاجي شور ڪن ٿا. تڏهن سنڌ سرڪار جو سرواڻ وڏي اعتماد سان سينو ٺوڪي چوي ٿو ته جڏهن منهنجو پنهنجو ڳوٺ ٻڏي ويو آهي ته اوهان کي مون سان شڪايت ڪرڻ نه ٿي ٺهي. ڇا اهو دليل دادوءَ کي ٻوڙڻ جو جواز فراهم ڪري سگهي ٿو؟ ڇا هڪ وزير اعليٰ کي شڪايتن جي جواب ۾ اهو چوڻ سونهين ٿو ته هن جو پنهنجو ڳوٺ ٻڏي ويو آهي. ان سلسلي ۾ اسان کي سنجيدگيءَ سان سوچڻ گهرجي. اسان کي سوچڻ گهرجي ۽ پوءِ سمجهڻ گهرجي ته جيڪو حڪمران پنهنجو ڳوٺ نه بچائي سگهيو، اهو حڪمران سنڌ کي ڪيئن ٿو بچائي سگهي؟ جيڪو پنهنجو گهر محفوظ رکي نه سگهيو، اهو تر جو ڪهڙو خيال رکي سگهندو؟ پنهنجي بچاءُ ۾ پيش ٿيندڙ دليل نه صرف غلط ۽ گمراهه ڪندڙ آهي پر اهو هن جي خلاف بنياد فراهم ڪري رهيو آهي ته هن جي نااهليءَ جو ان کان وڌيڪ ٻيو ڪهڙو مثال ٿي سگهي ٿو جو هو پنهنجو ڳوٺ به بچائي نه سگهيو. اها قرباني ناهي. اها ناقص ڪارڪردگي آهي.
سنڌ جي وڏي وزير مٿان وڏي ۾ وڏي تنقيد اها ئي آهي ته هن وقت سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيڻ وارو هن جو پنهنجو ضلعو آهي. ڇا وڏي وزير کي اهو معلوم ناهي ته صوبن جا وزير اعليٰ مختلف شهرن مان ڇو کنيا ويندا آهن؟ ڪڏهن خيرپور کي وارو ملندو آهي ۽ ڪڏهن ميرپورخاص ته ڪڏهن ٿر ته ڪڏهن لاڙڪاڻو ته ڪڏهن ڪو شهر ته ڪڏهن ڪو شهر! اهو سلسلو اتفاقي به چئي سگهجي ٿو، جڏهن ته ان جي پويان هڪ سوچ ۽ سمجهه به نظر اچي ٿي. اهو سڀ ڪجهه ان ڪري ڪيو ويندو آهي ته صوبي جي هر شهر ۽ هر ضلعي جو وارو اچي ته جيئن ان جي خاص پرگهور لڌي وڃي. پر افسوس جي ڳالهه اها آهي ته سنڌ جي ڪنهن به وزير اعليٰ پنهنجي عهدي جي عرصي دوران پنهنجي ضلعي کي سنڌ جو ماڊل ضلعو بڻائڻ ۾ ڪاميابي حاصل نه ڪئي آهي. جڏهن ته جنهن شهر ۾ هو پيدا ٿيا. جنهن شهر جي مزاج کان هو تمام گهڻو آگاهه آهن. جنهن شهر جون ڪمزوريون ۽ جنهن شهر جون طاقتون انهن کي معلوم آهن. ان شهر کي بهتر بڻائڻ ايترو مشڪل نه هجڻ گهرجي. پر ان سلسلي ۾ سنڌ جو هر وزير اعليٰ ناڪام ٿيو آهي. هن وقت ناڪاميءَ جو سڀ کان ڀاري بار سيد مراد علي شاهه جي مضبوط ڪلهن جي مٿان آهي. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته هو جسماني طور تي تڪڙو توانو ۽ هن عمر ۾ به ڪرڪيٽ کيڏڻ ۽ ڊڪڻ ڊوڙڻ جي صلاحيت رکندڙ آهي پر ڪامياب وزير اعليٰ ٿيڻ لاءِ سگهارو جسم نه پر صحت مند ۽ باصلاحيت ذهن کپندو آهي. جيڪڏهن جسماني صلاحيت تي وڏو عهدو ملڻ ميرٽ مطابق هجي ته پوءِ دنيا جا حڪمران صرف پهلوان، ريسلر ۽ باڪسر هجن ها. پر اها ڪا عجيب ڳالهه ناهي ته دنيا ۾ حڪمرانيءَ جي حوالي سان وڏا ڪارناما سرانجام ڏيندڙ سياستدان گهڻي ڀاڳي جسماني طور تي نازڪ ۽ نفيس رهيا آهن. اسان جو پنهنجو ملڪ ان جو سڀ ان وڏو ثبوت آهي. پاڪستان کي وجود ۾ آڻڻ وارو شخص محمد علي جناح تمام گهڻو نازڪ ۽ نفيس انسان هو. هو ڪوئي پهلوان نه هو. ساڳي ريت جنرلن جي حڪمرانيءَ سبب ٻه ٽڪر ٿيل پاڪستان کي پنهنجي پيرن تي بيهارڻ ۽ ان کي پهريون ڀيرو عوامي طاقت سان سگهارو ۽ اهم ملڪ بڻائڻ وارو انسان ذوالفقار علي ڀٽو به جسماني حوالي سان ڪو ”ماچو مين“ نه هو. هو به ڪمزور جسم ۽ مضبوط ارادي وارو انسان هو. هن جي ڪيل ڪم جي هاڪ اڄ به هلندي پئي اچي. ان حوالي سان جڏهن سنڌ جو وزير اعليٰ پنهنجي جسماني ڦڙتيءَ جو مظاهرو ڪرڻ لاءِ ڪڏهن ڪرڪيٽ ميچ ۾ بيٽنگ ڪندو نظر اچڻ جي ڪوشش ڪندو آهي ته هن جو اهو روپ سنڌ واسين لاءِ ڪنهن اميد ۽ آسري جو سبب نه هجڻ کپي. سنڌ کي هن جي حوالي سان جيڪو ڪجهه کپي ٿو، اهو ڪجهه هن مهل تائين ڊليور نه ڪري سگهيو آهي. اها جسماني طاقت نه پر ذهني ۽ سياسي صلاحيت آهي. ان حوالي سان سنڌ جو سياسي سرواڻ بلڪل به سوڀارو ٿي نه سگهيو آهي. ان جو تازو مثال برسات سبب ٻڏندڙ سنڌ جو منظرنامو آهي.
سنڌ هن وقت تاريخ جي سڀ کان خطرناڪ صورتحال کي منهن ڏئي رهي آهي. اهو سڀ ڪجهه ڇو ٿيو آهي؟ هر ماڻهو پوءِ اهو پنهنجو هجي يا پرايو هجي، اهو ماڻهو اها گواهي ڏئي ٿو ته سنڌ جو ٻيڙو ٻوڙڻ واري پارٽي پيپلز پارٽي آهي.
پيپلز پارٽيءَ جو وڏو وزير پنهنجي ضلعي ۾ جهڙي ريت ناڪام ٿيو آهي، اهڙي ناڪامي تاريخ ۾ مثال بڻائي پيش ڪئي ويندي. جهڙي ريت دادو پاڻيءَ سان جهيڙي رهيو آهي، ان حوالي سان اسان کي سمجهڻ گهرجي ته اهو ناڪاميءَ جو اعليٰ اعزاز سيد مراد علي شاهه جي کاتي ۾ درج ٿيڻ گهرجي. جيڪڏهن ملڪ ۾ ڪو راڻو ڪا راڻي هجي ها. جيڪڏهن ڪٿي ڪو بهتر مثال پيش ٿي سگهي ها ته سنڌ جي وڏي وزير کي اهڙي تاريخي ناڪاميءَ تي اقتدار کان الڳ ٿي وڃڻ کپي ها. ڇو ته اهي جمهوري روايتون هونديون آهن. پر ڇا ڪوئي ڪنهن اهڙي ڪارنامي جو تصور به ڪري سگهي ٿو؟ اسان هونءَ به سدائين تاريخ تعمير ٿيندي نه ڏٺي آهي. اسان سدائين تاريخ کي تاراج ٿيندي ڏٺو آهي. بلڪل ائين جيئن اڄڪلهه ٿي رهيو آهي.
سنڌ جو اهم ضلعو پنهنجي جوڙجڪ ۽ پنهنجي انفرا اسٽرڪچر جي حوالي سان سڀ کان مظلوم ۽ سڀ کان ڪمزور ضلعو ثابت ٿيو آهي. هي اهو ضلعو آهي، جيڪو هن برساتي ٻوڏ ۾ ڪنهن ڪچي گهڙي وانگر ڀري رهيو آهي. هونءَ ته سي ايم سنڌ کان سموري سنڌ جو پڇاڻو ٿيڻ گهرجي پر ٻيو نه ته گهٽ ۾ گهٽ هن کان پنهنجي ضلعي جي ته پڇا ڳاڇا ٿئي؟ هن کان ان جو سبب معلوم ڪيو وڃي ته هن جي حڪمراني آخر اهڙو چراغ ڇو ثابت ٿي، جنهن جي هيٺان تاريڪيءَ جو راڄ رهندو آهي؟ هن کان ملڪ جو عدل ۽ انصاف پڇا ڪرڻ جو حق نه پر فرض رکي ٿو. پر جيڪڏهن ڪو ادارو پنهنجا فرض محسوس ڪري.
سنڌ جي سي ايم پنهنجي ٻن دورن دوران هڪ به اهڙو پراجيڪٽ نه پيش ڪيو آهي، جنهن جي سڃاڻ هن جي حوالي سان ٿي سگهي. هن جو هڪ به اهڙو ڪم نظر نه ٿو اچي، جنهن کي ساراهي سگهجي. وڏي ڳالهه ته هن پنهنجي ضلعي ۾ به اهڙي ڪارڪردگي نه ڏيکاري آهي، جنهن جي هن کي جائز طور تي شاباس ڏئي سگهجي. جيڪڏهن هو دادوءَ سان فضل نه پر جيڪڏهن صرف عدل به ڪري ها ته اڄ دادو پاڻيءَ ۾ ٻڏندڙ جي دانهن نه بڻجي ها. دادو هن مهل سنڌ جو اهو ضلعو آهي، جيڪو ٻڏيءَ جي ٻاڪار بڻيل آهي. ڇا دادو صرف ان تي خوش ٿئي ته وزير اعليٰ هن جي شهر جو آهي؟ سنڌيءَ ۾ چوندا آهن ۽ بلڪل درست چوندا آهن ته ”اهڙو سون ئي گهوريو جيڪو ڪن ڇني“ دادوءَ سان هن جي وڏي وزير اهو ئي ڪجهه ڪيو آهي.
دادوءَ جي سلسلي ۾ وزير اعليٰ سنڌ جي ناڪامين جي لسٽ تمام ڊگهي آهي. اها به پيش ٿيڻ گهرجي. پر هو جهڙي ريت پنهنجي ضلعي کي برساتي ٻوڏ ۾ ٻڏڻ کان نه بچائي سگهيو آهي، هن جو اهو ڏوهه سدائين ياد رکيو ويندو. هڪ وزير اعليٰ کي پنهنجي صوبي جي سموري صورتحال تي گرفت نه هجڻ گهرجي ۽ جيڪڏهن هو سموري صوبي کي سمجهڻ جي صلاحيت نه ٿو رکي ته گهٽ ۾ گهٽ هن کي پنهنجي ضلعي جي ته ڄاڻ هجڻ گهرجي. جڏهن ته افسوس جي ڳالهه اها آهي ته هو سمورو ضلعو ته ڇا پر هو پنهنجو تڪ به بچائي نه سگهيو آهي. جنهن تڪ مان هن ووٽ وٺي وزارت اعليٰ جي ڪرسي ماڻي آهي، ان تڪ کي ته هو هر حال ۾ بچائي. پر هو ان ۾ به ناڪام رهيو آهي. هن جي ناڪاميءَ جي سزا دادوءَ جي عام ۽ مسڪين ماڻهن کي ملي رهي آهي. مراد شاهه ته دادوءَ ۾ رهي ڪو نه ٿو. هن جا بنگلا ڪراچيءَ ۾ آهن. هن جو هڪ پير پاڪستان ۾ ۽ ٻيو آمريڪا ۾ آهي. پر جن انسانن وٽ پنهنجي ڳوٺ جي ڪچي گهر کان سواءِ ٻيو ڪجهه ڪونهي، اهي هن مهل ڪنهن جي گهر پناهه وٺن؟ اهي ڪنهن جي در تي دانهن ڏين؟ ڪنهن سان پنهنجا سور سلين!!!!

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button