سوشل ميڊيا تي ٻھ سال اڳ مون ھڪ اسٽيٽس رکيو ھو تھ ٽن لفظن جي ڏکاري ڪھاڻي لکو. اھو ھڪڙو غير شعوري پر انتھائي داخلي ڪيفيت وارو سوال ھو، جيڪو سنڌ جھڙي خطي ۾ رھندي پاڻمرادو اڀري ايندو آھي نھ تھ دنيا جو نيٽ ورڪ کولي ڏسو تھ تخليقي ادب لاءِ چيو ويندو آھي تھ ٽن لفظن جي خوشي واري ڪھاڻي لکو پر اسان وٽ اھو لقاءَ ٻئي نموني ٿيندو آھي. دنيا ۾ ھيمنگوي جھڙي ليکڪ ڇھن لفظن واري ڪھاڻيءَ جي شروعات ڪئي. جنھن جي مختصر ڪھاڻي “For sale, Baby shoes, Never worn.” “وڪري لاءِ: ٻاراڻا جوتا، جيڪي ڪڏهن نه پاتا ويا.” جھڙي مختصر ڪھاڻي لکي سموري صورتحال کي واضح ڪيو ويو. ان کان پوءِ تمام وڏن ليکڪن ڇھن توڻي ٽن لفظن واريون ڪھاڻيون لکيون. جيتوڻيڪ ساخت ۾ ٽن لفظن واري ڪھاڻيءَ کي نھ مڃجي يا نينو ڪھاڻي يا فليش فڪشن کي بھ رد ڪري ڇڏجي پر ڪڏھن ڪڏھن مختصر ڪھاڻي تمام وڏو پيغام کڻي ايندي آھي.
عالمي سطح تي ڏسجي تھ مارگريٽ ايٽووڊ Margaret Atwood کان ويندي Steven Meretzky، Stephen Baxter، Jeffrey Kent Eugenides، Rudy Rucker وغيره جي وڏي لسٽ آهي جنهن ۾ عالمي سطح جي مڃيل افسانه نگار کي دعوت ڏئي، ڇهن، اٺن ۽ ڏهن لفظن واريون ڪهاڻيون لکرايون وينديون رھيون آهن. اها مشق اسان وٽ موجود “طرحي مشاعري” وانگر آهي، جنهن ۾ هڪڙي ميدان جي هڪڙن دائرن اندر رهي پنهنجا جوهر ڏيکاريا ويندا آهن. اها وڏي درجي جي مهارتن مان هڪ اهم فني ۽ ادبي مهارت آهي. ان کانپوءِ ٽن لفظن واري ڪھاڻي بھ اچي وئي. ڪھاڻيءَ جي ساخت جو بحث ھڪ پاسي رکندي اسان ڏسنداسين تھ اھو ھڪ اھم مورچو آھي تھ ماڻھو رڳو ٽن لفظن ۾ پنھنجي درد ڪٿا بيان ڪري ٿا وڃن. ٻھ سال اڳ ان سڏ تي 225 ماڻھن ٽن لفظن ۾ درد ڪھاڻيون بيان ڪيون ۽ ارادو اھو ھو تھ انھن دردن کي ڪنھن درد جي ٿيوريءَ جي درجابنديءَ تي کڻي وڃي بحث ڪجي پر وقت جي مصروفيتن سبب اھو ڪم اڃا اڌورو ئي ھو تھ 2022ع ۾ برساتن ۽ ٻوڏ سنڌ جي انھن دردن کي ٻيڻو ڪري پيش ڪيو. مثال طور گذريل سال جي دردن ۽ ھن سال جي دردن ۾ درجابندي ڪجي تھ ھڪڙي ڪلاسيفڪيشن اھا ٿيندي تھ ان وقت ڪجھه بيان ڪندڙن جا ڏک داخلي ھئا. جيئن عشق، محبت، بيوفائي، دوستن يارن جي دغا، گھر ڀاتين جي بيوفائي يا پاڻ پنھنجي زندگيءَ کان بيزار يا زندگي بي معنيٰ وغيره پر ھن ڀيري واري درجابندي ھيئن ٿيندي تھ ٻوڏ کانپوءِ تقريبن درد ڪٿا خارجي آھي. ٻيو تھ ان درد ۾ سنڌ شامل اول آھي باقي پيڙائون پوءِ جون آھن. داخلي پيڙائون بھ اجتماعي پيڙائن ۾ شامل ٿي ويون آھن.
ھن ڀيري يعني 8 سيپٽمبر تي ٽن لفظن واري درد ڪھاڻيءَ جي اينورسري موٽي آئي تھ ظاھر آھي سنڌ جي ھن درد ناڪ سانحي کي ڪيئن وساري سگھجي ھا. ان تسلسل کي برقرار رکندي دوستن کي دعوت ڏني وئي تھ ٽن لفظن ۾ سنڌ ۾ آيل ٻوڏ جي حوالي سان ڪھاڻيون لکيون وڃن تھ دوستن جي پيڙا اٻڙڪا ڏئي ٻاھر نڪري آئي ۽ دل کولي اظھار ڪرڻ لڳا. ظاھر آھي جيڪي دوست علم ۽ ادب سان سلھاڙيل آھن ۽ لکن پڙھن ٿا. اھي حساس ھجڻ ڪري ھن درد کي انهن وڌيڪ گھرائي ۽ پيڙا مان محسوس ڪيو آھي. ان ڪري سموري درد ڪھاڻي جيڪا ٽن لفظن تي مشتمل ھئي، ان کي وري درجا بنديءَ ۾ رکڻ جي ضرورت محسوس ٿي جنھن کي اسان 1. سنڌ ۾ ٻوڏ ۽ برساتن جي تباھڪاري، 2. ھن تباھڪاريءَ جا ذميوار 3. غلامي 4. پيڙا 5. سھائتا 6. اميد ۽ تبديليءَ جو سڏ جي موضوعن ۾ ورھايو آھي. جن موضوعن تي دوستن جو چڀندڙ ڪھاڻيون يا درد ڪٿا آھن، انھن جو جائزو ورتو ويو آھي. ان ۾ سڀ کان پھرين موضوعاتي درجابندي سنڌ ۾ ٻھ ھزار ٻاويھه جي برساتن ۽ ٻوڏ جي حوالي سان آھي.
- سنڌ ۾ برساتون ۽ ٻوڏ
ھن موضوع تي ڪيترن ئي دوستن ٽن لفظن جي ڪھاڻين جي ڀيٽا پيش ڪئي آھي جنھن ۾ ٿلھي ليکي گھڻن دوستن “سنڌ ٻڏي وئي” جي نالي سان اظھار ڪيو آھي. ڪھاڻيءَ جي ٽن لفظن جي پيٽرن تي بھ پورو ٿي آيو تھ اھو اظھار اظھاريو بھ گھڻن دوستن جن ۾ عين سحر، علي لاشاري، زاھد ڀٽو، جتوئي نويد، ارشاد سومرو، يحييٰ ٻپڙ، روماسا بلوچ، اسماعيل مھر ۽ ڪن ٻين ٽن لفظن جي ڪھاڻي ۾ لکيو تھ “سنڌ ٻڏي وئي”. ان کان وڌيڪ ڪو تز اظھار شايد نٿو ٿي سگھي جو انھي درد پيڙا کي انھن ٽن لفظن کان اڳتي وٺي وڃجي. اھي ٽي لفظ سمورو منظر ڏيکارين ٿا. پر ھن موضوع تي ان کان سواءِ بھ اھم اظھار سامھون آيا آھن. جھڙوڪ احسان دانش لکيو آھي تھ آئون انھي ڏَس ۾ ٻن لفظن واري ڪھاڻي لکان ٿو اھا آھي “لڙڪ، پاڻي”. پاڻي ۽ لڙڪ پاڻ ۾ ھڪجھڙائي رکندڙ عنصر آھن. لڙڪ پاڻيءَ ۾ ڪِرن ٿا تھ خبر نٿي پوي ۽ ساڳئي ريت پاڻي ڄڻ لڙڪن جو درياهه ٿو ٺاھي. سنڌ ٻنھي عنصرن لڙڪن ۽ پاڻيءَ ۾ اڄ تر آھي. اڄ پاڻي ئي پاڻي آھي. ڊاڪٽر احسان دانش وري ٽن لفظن واري ڪھاڻي بھ ھيئن لکي تھ “سنڌ، لڙڪ، پاڻي”. اھي ٽيئي لفظ بھ انھي سموري درد ڪٿا جو اظھار آھن. ساڳئي موضوع تي ڊاڪٽر محمد خان سانگي ھڪ درديلي ڪھاڻي لکي آھي تھ “اسانجو ڳوٺ ھو”. الا الا، انھي ماجرا ۽ ٽريجڊي مان جيڪي گذريا انھن کي اھا ڄاڻ ھوندي تھ ڪيئن ھڪڙو اجھو ٺھندو آھي ۽ پوءِ اھو اجھو تھ ويو پر سمورو ڳوٺ ئي پٽ پئجي وڃي تھ اھو درد بيان ڪرڻ کان ٻاھر آھي. سڪندر علي جي ڪھاڻي “برسات، برباد، دربدر” اسان کي روڊن جي ٻنھي پاسي ويٺل ماڻھن جو عڪس ٿي ڏيکاري تھ ڪيئن برسات پڄاڻان سنڌي ماڻھن جي بربادي ٿي ۽ ڪيئن دربدري ٿي، جيڪي روز راشن لاءِ واجھائيندا ويٺا آھن ۽ قطارن ۾ ڌڪا پيا کائين. محمد ابراھيم کوکر جي مختصر ڪھاڻي “ٻاويھن واري ٻوڏ” بھ ھڪ تاريخي اظھار آھي. ان حوالي سان ھڪ بھترين ناول “ٻھ ھزار ٻاويھه” جي نالي سان لکي سگھجي ٿو. جنھن ۾ سنڌ جي پيڙا. ذميوار، غلامي جو طوق، سھائتا ۾ خردبرد، پيڙائن جو ذڪر ۽ اميد يا مستقبل جا آثار بھ ڏئي سگھجن ٿا. محمد ابراھيم جو اظھار ٻاويھن واري ٻوڏ ھڪ تاريخي علامت طور ياد رکيو ويندو. ساڳئي نموني بخشل باغي جي ڪھاڻي “پاڻي ئي پاڻي”، سائل مھراڻ جون ٽن لفظن واريون ڪھاڻيون “سنڌ، ٻوڏ، زندگي” يا “سنڌ، موت، زندگي” بھ المياتي اظھار آھن. صدام بجير جي ڪھاڻي “سڀ لڙھي ويو”، نازڪ شيدائيءَ جي ڪھاڻي “تعبير لڙھي وئي” ۽ زائرا نسيم جي ڪھاڻي “ڳوٺ ٻڏي ويو” بھ علامتي اظھار آھن، جن سان سنڌ کي ايندڙ تاريخ ۾ پسي سگھجي ٿو. ٻوڏ واري منظرنامي ۾ جيڪا چٽ ڪاري سڪندر علي جي آھي، اھا بنھه اھم آھي. جنھن جي ٽن لفظن جي ڪھاڻي “برسات، بربادي، دربدر” اھا تصوير آھي جيڪا اسان ھن مھل تائين ڏسي چڪا آھيون. ھي ڪھاڻيون برسات ۽ ٻوڏ جي پسمنظر ۾ اھي چٽساليون آھن جنھن ۾ اسان ھن دور کي ڏسي سگھون ٿا. - ذميوار
ھاڻي ٻي درجا بندي ڏانھن ھلجي تھ جيڪا مٿئين تصوير ڪشي ٽن لفظن جي ڪھاڻي ذريعي ٿي آھي. ان کي ڏسجي تھ ان ۾ تقريبن سڀني تخليقڪارن انھي تباھيءَ جو ذميوار حڪمرانن، پ پ ۽ زرداريءَ کي قرار ڏنو آھي. انھن تخليقڪارن ۾ سڀ کان اول نالو ڊاڪٽر طفيل چانڊيي جو آھي جنھن لکيو تھ “تباھي قدرتي ناھي”. ھڪ انڪار اظھار جو اھم پاسو آھي جيئن ھڪ نئريٽو تخليق ڪيو ويو مٿين ۽ حڪمران طبقي ذريعي تھ ھي قدرتي آفت يا مصيبت آھي پر ايئن ناھي. انھن تخليقڪارن ۾ ڊاڪٽر طفيل چانڊيو، شيراز احمد، عمر تيوڻو، بلال تبسم، امر کھاوڙ، ديال صحرائي، حزب اللھ سومرو، نديم چاولا، غوث محمد، علي لاشاري، محمد عثمان پلھه، زھرا جوڻيجو، مرتضيٰ ناز، ممتاز جروار، علي حسن احسن چڍڙ ۽ ٻيا شامل آھن.
(ھلندڙ(