ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

سنڌ جي عوام جو سياسي گناھه ۽ سزا

Editorial-Article-Mumtaz Mangi

هن برساتن ۽ ٻوڏ ملڪ جي اڌ آبادي جنهن ۾ سنڌ، بلوچستان، ڪي پي ڪي ۽ ڏکڻ پنجاب کي رڳو متاثر ناهي ڪيو پر بري طرح برباد به ڪيو آهي. برباديءَ جا هيانءَ ڏاريندڙ منظر سنڌ ۽ بلوچستان ۾ وڌ کان وڌ نظر اچي رهيا آهن پر سنڌ جي صورتحال پوري ملڪ کان نه رڳو گھڻي بري آهي پر وڌيڪ ذلت واري به آهي.
2010 جي ذلتن جا منظر اڃان ذهن جي يادگيرين تان مٽيائي ناهن ته وري ٻيا ذلتي سلسلا شروع ٿيا آهن. سنڌ جي پوري تاريخ ۾ بربادين ۽ ذلتن جو ڪو به اهڙو دور نظر نه ايندو، جنهن دور مان هن وقت سنڌ گذري رهي آهي. موجوده بدحالي ۽ بربادي سنڌ جي عوام کي رڳو 23 ضلعن تائين متاثر ناهي ڪيو پر پوري سنڌ ۽ خاص ڪري سنڌي قوم انهيءَ جا ڌوڏا ۽ اثر محسوس پئي ڪري، ڀلي ڪو فرد سڌي طرح هن ٻوڏ جي ۽ برسات جي تباهي جو شڪار نه ٿيو هجي پر قومي لاڳاپن سان ۽ خانداني تعلقات ۽ رشتن سان هن جو متاثر ٿيڻ اڻٽر هوندو پر انهيءَ کان وڌيڪ سنڌ جي اندر خاص ڪري سنڌي عوام سان جيڪا تعصب پرستي ۽ بيهوده روش هڪ مخصوص گروهھ پنهنجي لساني ۽ تعصبي ذهنيت جي ڪري اختيار ڪري رهيو آهي اهو ڦٽن تي مرچ ٻرڪڻ برابر ٿئي پيو ۽ انهيءَ ۾ ڪا به تعجب يا حيرت جي ڳالهھ ناهي ته اهڙي روش جي خلاف يا مهم جي خلاف ان گروھه جا سياستدان يا سماجي ورڪر هڪ مجرمانه خاموشي اختيار ڪندي اڻ سڌي طرح سان انهن کي قبوليندي نظر پيا اچن.
ان ملڪ جي اندر جيڪي به الميا، لڏپلاڻون ٿيون آهن پوءِ اها افغان جنگ کان پوءِ لڏپلاڻ ٿيل هجي يا سوات ۾ دهشتگردي خلاف آپريشن ۾ ٿيندڙ لڏ پلاڻ پر انهن کي ان گروهھ اهڙي انداز ۾ طعنه تنڪا نه ڏنا جيئن سنڌي قوم کي پنهنجي ئي ڌرتي ۽ پنهنجي ئي وطن ۾ لڏپلاڻ يا عارضي پناهھ وٺڻ تي تنقيدي ۽ تعصبي انداز اختيار ڪيو ٿو وڃي. سنڌ جو اندر هن بربادي کان پوءِ ڪهڙو هوندو انهيءَ کي سمجھڻ جي لاءِ ڪنهن وڏي معاشي ۽ سماجي علمي مهارت جي ضرورت ناهي. ٿوري دير جي لاءِ سنجيدگي ۽ بردباري سان سوچيندڙ ڪو به فرد اندازو لڳائي سگھي ٿو جڏهن ڪنهن قوم جي اڪثريت جي جياپي جو سهارو پوک ۽ جانور نه رهن ۽ نه وري سنڌي عوام لاءِ ڪو صنعتي روزگار جو ذريعي هجي ۽ نه وري رياست جي ادارن ۾ ڪا اهڙي سگھه هجي جو ماڻهن کي گھر ۽ جياپي جا ذريعا بحال ڪرائڻ جي لاءِ ٻانهن ٻيلي ٿي بيهي اتي صرف ۽ صرف هڪ ئي سهارو بچي ٿو، جنهن جو نالو وقت جي حڪومت آهي اها حڪومت خاص ڪري پنهنجي سنڌ حڪومت جي حوالي سان ئي اها اميد آسرو يا عوام جو حق جڙي ٿو ته برباد ٿيل ماڻهن کي پنهنجن پيرن تي بيهارڻ جي لاءِ اعليٰ ظرفي ايمانداري ۽ عوامي ڪمٽمينٽ جو مظاهرو ڪندي پنهنجو ڪردار ادا ڪري ڀلي وسيلا ڪيترا به هجن محدود وسيلن جي باوجود ۽ ٻاهرين دنيا کان ملندڙ مدد جي سهاري پوري اجڙيل سنڌ کي نئين سري سان تعمير ڪرڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري سگھي ٿي پر ڇا اهڙي اميد ان حڪومت مان رکي سگھجي ٿي جنهن حڪومت ۽ ان حڪومتي پارٽي جي ڪردار مڪمل طور تي جاگيردارانه ۽ ڀوتارانه عوام دشمن ۽ ڦرمار جي ڪرپشن تي بيٺل هجي. سنڌ حڪومت سنڌ اسيمبلي جي اندر پنهنجي پارٽي پوزيشن ۾ وڏي اڪثريت سان طاقتور آهي پ پ پ جيڪا چوڏهن سالن کان سنڌ ۾ حڪومتي تسلسل سان هلي رهي آهي ان 2010 کان پوءِ پنهنجي نام نهاد بااثرن کان دريائي قبضا به خالي نه ڪرايا دريائي ڪچي جي اندر جيڪي زمينداري بند دريا کي سوڙهي ڪرڻ جي لاءِ ڏنا ويا آهن اهي ختم ڪرڻ جي لاءِ ڪڏهن به سنجيدگي سان عمل ناهي ڪيو ۽ نه وري ڪچي کان علاوه پڪي جي علائقي ۾ پاڻي جي لنگن تان قبضا ختم ڪرايا آهن.
پاڻ ڪيترائي ڀيرا پاڻي جي وهڪرن ۽ نيڪالن تي لکي به چڪا آهيون ۽ هر روز ميڊيا وڌ کان وڌ اهو بحث ڪري رهي آهي ته هي بااثر ڪردار جيڪي قومي ۽ عوامي دشمني ڪندي پاڻي جي نيڪالن تي قبضا ڪندي وڏي تڪبر سان سنڌ کي برباد ڪري رهيا آهن سنڌ حڪومت
هن وقت تائين جيڪي پاڻيءَ جا وهڪرا ۽ شاخون آهن انهن جي به سار سنڀار لهڻ جي بجاءِ سڀ ڪجھه ڪرپشن جي حوالي ڪري ڇڏيو آهي نه رڳو ايترو پر سنڌ جي تاريخ ۾ ڪڏهن به بلدياتي ادارن جي ايتري بدتر ۽ گندي ڪارڪردگي ناهي رهي جيڪا هاڻي ڏسڻ ۾ اچي ٿي هي ٻوڏون ۽ برساتون ته گذري وينديون پر هتي بري حڪمراني خود هڪ بدترين آفت جيان سنڌ جي مٿان ڇانيل آهي ۽ پ پ پ جي قيادت هر روز پوري فخر سان سنڌ حڪومت جي ڪارڪردگي کي وڌائي چڙهائي پيش پئي ڪري سنڌ حڪومت ۽ سندس ترجمان هڪڙي لمحي لاءِ به پنهنجي ڪارڪردگي تي سوچڻ جي بجاءِ اهڙيون ٻٽاڪون هڻندي ميڊيا تي نظر پيا اچن جو ٻڌندي سنڌ جي ماڻهن کي ڪوفت پئي چڙهي.
هر روز عمران خان تي اها تنقيد ڪري رهيا آهن ته هو پنهنجي سياسي مهم جوئي ۾ سنڌ کي نظر انداز ڪندي سنڌ جي بري وقت ان جو ساٿ نٿو ڏئي بلڪل ٺيڪ پر جن جي حڪومت آهي انهن جا چونڊيل نمائندا، پارٽي عهديدار يا انتظامي ڪامورا سنڌ جي هنن ڏتڙيل بي سهارا ۽ مظلوم ڪهڙو حشر پيا ڪن، انهيءَ جي هڪڙي ڪمزوري تي به اعتراف ڪندي نظر نٿا اچن. هڪڙي طرف سنڌ حڪومت آهي ان انتظاميه مشينري ۽ انهيءَ کان وڌيڪ پارٽي ۽ ٻئي طرف فلاحي ادارا جيڪي پنهنجي محدود وسيلن تي ڪم پيا ڪن خاص ڪري جماعت اسلامي جي الخدمت فائونڊيشن ٻوڏ متاثرن جي لاءِ جيڪي خيما بستيون قائم ڪيون آهن جن ۾ عورتن جي لاءِ پردي سان گڏوگڏ ٽوئليٽس جون سهولتون آرگنائيز ڪيون آهن.
پوري سنڌ ۾ سنڌ حڪومت ۽ پ پ پ ڪا هڪڙي ٽينٽ سٽي يا ڪيمپ انهن جي مقابلي ۾ ڏيکاري جي نه ته پوءِ انهيءَ کان وڌيڪ نااهلي ۽ شرمناڪي ٻي ڪهڙي ٿي سگھي ٿي پئي. اصل مسئلو هي آهي ته وسيلن کان وڌيڪ پارٽين، فردن ۽ ادارن جي ڪمٽمينٽ ۽ آنسٽي هوندي آهي جن ادارن ۽ حڪومتن ۾ يا پارٽين ۾ عوام سان ڪمٽمينٽ ناهي هوندي اتي انهن جو ڪردار مافيائي ڪردار بڻجي ٿو. مثال پ پ پ جنهن جي طبقاتي ڪردار تي تاريخي بحث ڪرڻ جي بجاءِ جيڪڏهن رڳو هي ڏسون ته انهيءَ جو موجوده سيٽ اپ ڪهڙو آهي هن وقت پ پ پ جي اندر انهيءَ جو پورو سيٽ اپ جاگيرداري ۽ ڀوتارڪي بنياد تي مضبوط کان مضبوط ٿيندو پيو وڃي جاگيردار ۽ ڀوتار پنهنجي پوري تاريخ ۾ نه رڳو سنڌ جي تاريخ پر پوري دنيا جي تاريخ ۾ ڪڏهن به عوام دوست ناهن رهيا جيستائين انهن جي سياسي سگھه طاقتور هوندي اوترو عوام تي جبر ظلم ڏاڍ ۽ استحصال ٿيندو. ڇو ته جاگيردار عوام کي مشين جو پرزو به ناهي سمجھندو، جيئن سرمائيدار مزدور کي يا عوام کي مشيني پرزن جيان سمجھندو آهي ۽ هو ان مشيني پرزن کي بهتر رکڻ جي لاءِ ڪمزور ناهي ڪندو پر جاگيردار جيئن ته عوام کي ۽ خاص ڪري هارين کي پنهنجو غلام ۽ جانورن کان به بدتر رويا رکندڙ هجي ٿو، هو جانور کي عوام کان بهتر ان ڪري سمجھندو آهي جو ان جو کير ۽ گوشت يا ان جي محنت کيس ڪتب اچي ٿي پر غلام پورهيت هن جي لاءِ هڪ اهڙو وجود آهي جيڪو جنهن به حالت ۾ جيئي پر ذليل ۽ خوار انداز ۾ جيئي هن کي عوام جي خودداري ۽ خوشحالي مان هر وقت هڪ طبقاتي ۽ سياسي خوف محسوس ٿيندو آهي. تنهن ڪري جاگيردار عوامي ترقي کي نفرت جي نگاھه سان ڏسڻ هن جي فطرت هجي ٿي. سنڌ جو عوام پ پ پ سان تاريخ ۾ جيڪي ڪجھه واقعا ٿيا ان بنيادن تي هن سان سياسي همدردي رکندي پنهنجو ووٽ ۽ سياسي طاقت کيس ڏيندو رهي ٿو ۽ موٽ ۾ پ پ پ عوام جي ان همدردي جو ناجائز فائدو وٺندي عوام مٿان جاگيردارن ۽ ڀوتارن کي مسلط ڪيو آهي جيڪي عوام جي ذلالت جو هر روز تماشو پيا ڪن مدد جي نالي خيرات جيان دال چانورن جون ڳوٿريون ورهايون ٿيون وڃن يا بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي نالي تي خاندان بجاءِ عورتن جي سادگي جو استعمال ڪندي کين پيسا ڏنا ٿا وڃن جن جو مقصد صرف اهو آهي ته عورتون ائين پيون سمجھن ته اهي پيسا انهن کي پ پ پ پئي ڏئي جنهن سان پ پ پ جو هڪ ووٽ بينڪ ٺهندو پيو وڃي هو ماڻهن کي حق سمجھي مدد ڪرڻ جي بجاءِ جانورن جي چاري جيان انهن جي ئي دولت وسيلا انهن کي ڏئي پنهنجي سياست پيا ڪن. ڇا اهو جاگيردار طبقو ۽ پ پ پ سنڌ جي بربادي کان پوءِ ان جي تعمير ۾ ڪردار ادا ڪندي يا هي سياسي ڀوتار سنڌ کي وڌيڪ برباد ڪندا ۽ بد کان بدتر ڪرپشن جي تاريخ لکندا. جيڪڏهن عوام پنهنجو سياسي ووٽ ساڳئي انداز سان ڏيندو رهندو ته اهو هڪ اهڙو سياسي گناھه ڪندو رهندو جنهن جي سزا هن کي هر بري وقت ۾ ته نظر ايندي ئي ايندي پر نارمل حالتن ۾ به هو پنهنجي بربادي ڏسن پيا هاڻي اهو عوام کي ئي سوچڻو آهي ته هو ان سياسي گناهھ کان بچندا يا اهو عمل دهرائيندي پنهنجو پاڻ کي برباد ڪندا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button