شوبز

ڪنول آفتاب ۽ ذوالقرنين ٻوڏ جي گهر لکين رپين جي چوري

پاڪستان جي مشهور ٽڪ ٽاڪ جوڙي ڪنول آفتاب ۽ ذوالقرنين ٻوڏ جي گهر لکين رپين جي چوري ٿي وئي آهي. ميڊيا مطابق پاڪستاني ٽڪ ٽاڪر جوڙي ٻوڏ متاثرن جي مدد لا خيرپور ويا ۽ گهر ٻوهارجي ويو آهي. ذوالقرنين ٻڌايو تھ اسان ٻوڏ متاثرن جي مدد لا خيرپور وياسين تھ پويان گهر ٻوهارجي ويو آهي. هن جو چوڻ هو تھ جوابدارن گهر مان ڪنول آفتاب جي زيورن ۽ قيمتي سامان کنيو، ايستائين جو اهي يو پي ايس چوري ڪري ويا آهن. ڪنول آفتاب ۽ ذوالقرنين چيو تھ ڏينهن توڙي رات وارن چوڪيدارن کان پڇيو تھ اهي واردات کان اڻڄاڻ هئا، جنهن تي پوليس کي ٻڌايو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button