هو ڪير آهي؟ هن جو آخر ڪهڙو تعارف آهي؟ هو جنهن جو سمورو وجود ويراڳ جي مالها مثال آهي ۽ ان مالها جي هر موتيءَ ۾ هڪ محفل مڙهيل آهي. هر محفل ۾ هڪ زمانو پنهان آهي ۽ هر زماني کي پنهنجي پنهنجي خوشي توڻي پيڙاهه آهي.
جڏهن جڏهن به خاموشي، قطب تاري جي روشنيءَ جيان، وصل جي واٽ جي ڳولها ۾ جڳن کان جهاڳيندڙ سندس جوڳي ُجسي مٿان وسندي آهي، تڏهن ويراڳ جي مالها مثال سندس وجود ۾ موجود ڪنهن نه ڪنهن محفل جو مڻيو وڄڻ شروع ٿيو وڃي ۽ انهي محفل سان منسوب ڪونه ڪو زمانو قديم لکت جيان ورق ورق ٿي سندس سامهون کلندو ويندو آهي، جنهن کان پوءِ هي سمورو ساز بڻجي ويندو آهي.
اهڙي ريت ڪالھه کان سندس وجود ۾ جنهن محفل جا آلاپ آهن، سا ندي ڀرسان اماوس جي رات واري اها محفل هئي، جنهن ۾ هن اٺاويهينءَ جي آسمان جا سڀئي ستارا پنهنجا ازلي سنگي محسوس ڪيا هئا ۽ هيٺ نديءَ ڪناري جيڪي سندس ڀڪشو ساٿي هئا، سي پڻ سڀ جا سڀ هڪ ئي ويراڳي ڪافيءَ جي لئه واري لڙهيءَ ۾ سمائجي، پنهنجي شعوري ارتقا جو اهڙو آئينو بڻجي پيا هئا، جنهن آئيني ۾ سڀني کي فقط هڪ ئي صورت نظر ٿي آئي. ها اها صورت، جيڪا “صورتِ يار” هئي. ڪيف ورڇيندڙ ڪافي ڪاتيءَ جيان سڀني جا ڪنڌ ڪوري وري اڏيءَ ڀرسان اڃا ڪنهن امڪان ۾ رهيل ٻئي ايندڙ پل جي انتظار ۾ وڃي ساڪن ٿي هئي ۽ سڀني لمحي ۾ حلال ٿيندڙن هڪ آواز ٿي چن يار جو اهو ڪلمو ٿي پڙهيو:
پاڻ سان لاتُم نينهن وو يار
پاڻ کي ڊاهي پاڻ کي ٺاهيم.
هائو بلڪل، ڊهڻ کان سواءِ ٺهڻ ڪيئن ممڪن آهي!؟ جيسين جهنگ نٿو وڍجي، تيسين گُلاب جي پوکي نٿي ٿئي. ايئن انهي رات بس سمورن ڀڪشوئن تي اهو ئي اسرار عيان ٿيو هو اهي سڀ ڀڪشو جيڪي ان نئين لمحي ۾ موجود هئا. جيتوڻيڪ کيس اها خبر ناهي ته ان لمحي ۾ موجود هجڻ وارن مان ڪيترن ان لمحي کي پاڻ ۾ سمائيو، البت هي اڄ تائين ان لمحي جي فريم ئي رهي ٿو.
اهو لمحو جنهن ۾ سندس سنگين مان پونا واري پوڙهي کي پيار ڪندڙ هڪ رولاڪ، رمضان فقير جي ُسُرندي مٿان ساهه ڏنو هو ۽ اهو لقاءُ ڏسي کيس جهونا ڳڙهه واري ڳُجهارت پهريون ڀيرو واضح طور سمجهه ۾ آئي هئي.
“سنها ڀانءِ مَ سپ” واري تشبيھه سان ٺهي بيهندڙ سندس رولاڪ دوست، سُرندي ڌڻيءَ کان جڏهن ساز جي تارن کي ڇُهڻ جي اجازت گهري هئي، تڏهن ُسُرندي ڌڻيءَ ڏانهس ساز وڌائيندي مُرڪي کيس چيو هئس:
“مالڪ!! ظاهر ۾ ته هي فقط هڪ ساز آهي پر باطن جي اصل ۾ هي هڪ جنم جو سودو آهي.” واقعي فقط هڪ ساز کي سمجهڻ لاءِ، ان کي پنهنجو ڪرڻ لاءِ ۽ ان جو ٿي وڃڻ لاءِ پورو هڪ جنم گهرجي ٿو. ته پوءِ هي ڪجھه ماڻهو سمورن سازن جي علم جي دعويٰ ڪيئن ٿا ڪن!؟
هن پنهنجي پاڻ کان اهو سوال پڇيو ته جواب مليس:
“ساز تي ڳالهائڻ ۽ پاڻ ساز ٿي وڃڻ ۾ زمين آسمان جو فرق آهي.” ۽ پوءِ هن جڏهن دنيا تي نهار ڪئي ته تمام وڏي گهڻائي رڳو سازن تي ڳالهائڻ وارن جي ڏٺائين، جڏهن ته تمام ٿورڙا، بلڪل آڱرين تي ڳڻڻ جيترا هن کي خود ساز ۾ تبديل ٿيندڙ نظر آيا ۽ اهي وري سڀ جا سڀ الوپ رهڻ وارا ئي هئا!! ڳولهي لهڻ کان سواءِ انهن جو پتو ۽ پرو نٿو پوي. جڏهن ته هن سماج ۾ پنڌ ڪرڻ لاءِ ڪو تيار ئي ناهي ته الُوپ درشن ڪٿان ٿيندا؟
هن کي سرخ گلابن جهڙي اها گهڙي به ته نٿي وسري، جڏهن هن هڪ شام بئنجو ۾ جذب ٿي، پهريون ڀيرو پنهنجي ذات کي ڪامل سُر ۾ تبديل ٿيندي محسوس ڪيو هو. سُر جيڪو چن يار جي هنن ٻولن جي صورت ۾ هو:
ڳُجها وڃي ڪيا آهن ويراڳين واهيرا
اڃا به هنجن جا آهن آکيرا.
جڏهن هن اها ڪافي ٻڌي هئي، تڏهن واقعي به هنج جي تصور سان سندس بلڪل نئين شناسائي ٿي هئي ۽ هن ان گهڙي معرفت جي محراب ۾ شڪر جو سجدو ادا ڪيو هو. جيتوڻيڪ هن ڪبير کان اهو اڳ به ٻڌو ته هو جنهن ۾ ڪبير اهو سمجهايو هو ته “پريت نڀائڻ ۾ هنج سڀ کان وڏو مثال آهي. پوءِ ڀل جو کڻي ان کي پٿرن سان گذارڻو پئجي وڃي.” پر انهن هنجن کي ڪيئن ڳولجي؟ انهن کي ڪيئن سڃاڻجي؟ اها پروڙ کيس ان ڪامل سُر سان شناسائيءَ کان پوءِ پئي، جنهن کان پوءِ هو بئنجو جي تارن جيان جيئن وڄڻ شروع ٿيو ته اڄ ڏينهن تائين ان آلاپ کي هو عظيم احسان طور ساهه سان سانڍي جيئي ٿو. ان ڪيفيت کان پوءِ هو بس هاڻ ڄڻ ته هڪ ساز آهي، ٻيو ڪجهه به ناهي. جي نه ته انهي ڪامل سُر جي معرفت کان اڳ هن پاڻ کي ڦِٽل کوهھ پاسي ڀڳل گهڙي جيان ٿي محسوس ڪيو. پر شايد جيستائين ڪوئي ڊهي نٿو ته ٺهي به نٿو ۽ ڀڄي نٿو ته جُڙي به نٿو. ايئن جيئن مرشد فرمايو آهي:
سگهن سُڌ نه سُور جي..!!
۽ بس پوءِ هن جيئن جيئن پنهنجي ساز کي ڪنايو ته کيس ٻڌڻ ۾ آيو:
سڀ خدائي ساز آهي
۽ اهو آواز آهي
جنهن ۾ ازل جي يار ڳائي
گيت جو جهونگاريو
ڄڻ ته ٺريل هر حيات
لاءِ مچ ڪو ٻاريو
۽ ان سيڻ جهڙي سيڪ تي
ِ زندگي جاڳي اٿي
ڪانه هئي ڪافي گُٿي
جهوم جهومان هئي جتي
اقرار ۽ اسرار جا
ها وچن وعدا جڙيا
ساز عيوض ڪنڌ هو
پر نه ها مانجهي مُڙيا
بس انهي کان اڄ تائين
ساز ۽ آواز جي
چئوڏسائن ۾ آ وائي.
جنهن ڪنائي، تنهن ٻُڌائي
بس! اسان کي هاڻي هاڻي
آ سڻڻ ۾ ساز آيو
۽ اهو آواز آيو
جنهن سان پنهنجي پيار جي
هي ڪهاڻي ۽ حيات
جنهن ۾ آهي ڪنڌ ۽ ڪات
اول نفي پوءِ اثبات
جنهن کان پوءِ
ذات ئي ذات
لات ئي لات.
۽ پوءِ ايئن هو سراپا ڪامل سُر ۾ تحليل ٿي نديءَ جي ڇولين مان ٻولڻ لڳو، وڻن جي ٽارين ۾ وڄڻ لڳو، ڌڻن جي ٽلين ۾ ٽُرڻ لڳو ۽ پکين جا ٻول ٿي ويو. خاموشي سندس ويس ٿي وئي ۽ درد هن جو ديس ٿي ويو. پن ڇڻن ۾ پئي ڇڻيو ۽ بهارن ۾ ڦُٽو. رڻ ٿي، درياهھ ٿي ويو، سِڪ ٿي پوءِ ساهه ٿي ويو، گُل ٿي پوءِ گاهھ ٿي ويو. جهار ٿي ويو، ڳاهه ٿي ويو. بس ايئن جُهڙ ۾، ڪڏهن جَهپ ۾، ڪڏهن لُڙ ۾، ڌڌڙ ڌوڙئون ڌوڙ ۾ جوڳ جو ڪو گس ٿي ويو، وس ٿي ويو. لس ٿي ويو، روڳ ٿي ويو، رس ٿي ويو. سڙهه ٿي ويو سيِر ٿي ويو. مڪڙين جو مَک ٿي ويو، ڪيچ ٿي ويو، ڪنواٽ ٿي ويو. ڪيف ٿي ويو، ڪاڪ ٿي ويو. لِڪ ٿي ويو، هاڪ ٿي ويو، خاڪ ٿي پوءِ چاڪ ٿي ويو ۽ ايئن ئي ٿيندي ٿيندي ڪجهھ به نه جي ُڪُن ۾، ڪنهن ڌوڙاٽيل ڌُن ۾ ايئن ڳائيندو ويو:
مون کي ڄاڻو
سوجھي سُڃاڻو
ڪير مان آهيان
ڪير وو يار…!!