ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

ماحولياتي تبديلي ۽ انسان جو ڀوائتو مستقبل

Editorial-Article- Yameen Jatoi

دنيا ۾ ماحولياتي تبديليءَ جي ڪري، جيڪي ملڪ سخت خطري هيٺ آهن، پاڪستان به انهن ملڪن ۾ شامل آهي پاڪستان ۾ وري سنڌ سخت ماحولياتي خطري هيٺ قرار ڏني پئي وڃي. اها ڳالهه حقيقت تڏهن لڳڻ لڳي ٿي، جڏهن اسان سنڌ ۾ وڌندڙ گرمين ۽ هيلوڪين برساتن جي تباهين کي ڏسون ٿا. جڏهن ته انهن تباهين ۾ آيل شدت جو هڪ سبب سنڌ جي هن رياست جي ڍانچي اندر محڪومي ۽ هتان جي روايتي حڪمران طبقي جي بدترين ڪرپشن پڻ آهي. بهرحال، ماحولياتي تباهيءَ جي ڪري، اهو سڀ ڪجهه ان ڪري ٿي رهيو آهي جو مجموعي طور اڄ سرمائيداراڻي سامراجي نظام جي نفعي خوري سڄي انسانيت سوڌو ڌرتيءَ جي وجود کي خطري ۾ وجهي ڇڏيو آهي. اهو ئي سبب آهي جو هتي برساتن جي تباهڪارين کي ڏسڻ آيل گڏيل قومن جي جنرل سيڪريٽري انتونيو گوتريس به هن تباهيءَ جي ذميوار اسريل سامراجي رياستن سان مخاطب ٿي چيو آهي ته: “ماحولياتي تبديليءَ جو سبب بڻجندڙ ملڪ ٻوڏ متاثر ماڻهن جي بحاليءَ لاءِ مدد ڪن.” پر اهي ملڪ اڄ به سڌرڻ لاءِ تيار نه آهن.
انسانيت لاءِ ماحولياتي تبديلي ڪهڙا خطرا کڻي اچي رهي آهي. ان جي جهلڪ گذريل سال آءِ پي سي سي پاران جاري ڪيل رپورٽ مان به پسي سگهجي ٿي، جنهن کي پڙهڻ سان انسان جو خوفناڪ مستقبل سامهون اچي وڃي ٿو.
آگسٽ 2021 تي بين الاقوامي ميڊيا تي هڪ ڇرڪائيندڙ ۽ انسانيت جي مستقبل کي هڪ وڏي خطري کان آگاهه ڪندڙ رپورٽ شايع ٿي. اها رپورٽ انسانيت کي درپيش هڪ سنگين ۽ فوري خطري کان آگاهه ڪري ٿي. رپورٽ ۾ خبردار ڪيو ويو ته “جنهن حساب سان گيسن جو اخراج جاري آهي، هڪ ڏهاڪي ۾ گرمي پد جي حد جا سمورا رڪارڊ ٽٽي سگهن ٿا. هن صديءَ جي پڄاڻي تائين سمنڊ جي سطح ۾ ٻه ميٽر جي اضافي جي خدشي کي رد نٿو ڪري سگهجي.” اها يقينن ڳڻتي جوڳي صورتحال آهي. اڄ موحولياتي تباهيءَ جا جيڪي نتيجا نظر اچي رهيا آهن، جيڪڏهن هڪ ڏهاڪي ۾ ان سطح جو گرمي پد وڌي ٿو جو سمنڊ جي سطح ۾ به ٻه ميٽر تائين واڌ اچي ٿي ته پوءِ انسانذات کي ان سنگين مسئلي تي هاڻي يقينن سنجيدگي سان سوچڻ ۽ ان جو تڪڙو حل ڳولڻ گهرجي.
گڏيل قومن جي ماتحت ڪم ڪندڙ اداري انٽرگورنمينٽل پينل آن ڪلائميٽ چينج (آءِ پي سي سي) جي رپورٽ ۾ چيو ويو ته “عالمي برادري ڪوئلي يا ان نموني جي ٻئي ٻارڻ مان خارج ٿيندڙ گيسن جي روڪٿام ۾ ايتري دير ڪري ڇڏي آهي جو هاڻي 30 سالن دوران عالمي گرمي پد کي سخت ٿيڻ کان روڪڻ ممڪن نه رهيو آهي، پر هاڻي به مستقبل ۾ تباهي روڪڻ لاءِ ڪجهه وقت بچيل آهي.”
رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته “انسان زمين کي 19هين صديءَ جي ڀيٽ ۾ هاڻي هڪ ڏهائي هڪ ڊگري سينٽي گريڊ وڌيڪ گرم هنڌ بڻائي ڇڏيو آهي. جنهن جو وڏو ڪارڻ ٻارڻ لاءِ ڪوئلي، تيل ۽ گيس کي ساڙڻ آهي.” “جنهن جا نتيجا سڄي دنيا ۾ محسوس ڪري سگهجن ٿا. گذريل سال اونهاري ۾ ئي آمريڪا ۽ ڪينيڊا ۾ هيٽ ويو جي ڪري سوين ماڻهو فوت ٿيا، جرمنيءَ ۽ چين ۾ برساتن ۽ ٻوڏن جڏهن ته ترڪي، يونان ۽ سربيا ۾ ٻيلن جي باهه جهڙا واقعا سامهون آيا آهن. ماهرن موجب ماحولياتي نظام ۾ ڪجهه تبديليون هاڻي اڻٽر آهن. جن کي پوئتي نٿو ڪري سگهجي. هيءَ ته رڳو شروعات آهي، جيڪڏهن هاڻي ملڪن پاران تمام تيزيءَ سان زهريلي گيسن جي اخراج ۾ ڊرامائي تبديليون آنديون وڃن تڏهن به ايندڙ ٻن ڏهاڪن اندر عالمي گرمي پد هڪ ڏهائي 5 ڊگري سينٽي گريڊ تائين وڌي ويندو، يعني هڪ گرم مستقبل کي روڪڻ ممڪن ناهي. سائنسدانن موجب گرمي پد ۾ هڪ ڏهائي 5 سينٽي ريڊ اضافو انسانن لاءِ خطرناڪ هوندو. هڪ ارب ويجهو ماڻهن کي اڪثر موتمار هيٽ ويو کي منهن ڏيڻو پوندو، ڪروڙن کي سخت ڏڪار کي منهن ڏيڻو پوندو، جانورن ۽ نباتات جا ڪجهه نسل ختم ٿي ويندا. آءِ پي سي سي جي رپورٽ مرتب ڪندڙ سائنسدانن ۾ شامل پائرس فوسٽر ٻڌايو ته اسان کي ايندڙ 20 يا 30 سالن ۾ موسمياتي شدت ۾ واضح اضافي جي توقع آهي، حالتون اڄ جي ڀيٽ ۾ بدترين ٿي وينديون. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته هاڻي به سڀ ڪجهه ختم ناهي ٿيو ۽ انسانن وٽ هاڻي به زمين کي وڌيڪ گرم ٿيڻ کان بچائڻ جو موقعو موجود آهي، جنهن لاءِ سڀني ملڪن کي گڏجي 2050ع تائين فضا ۾ ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ جي مقدار ۾ اضافي کي روڪڻو پوندو ۽ ان لاءِ فوري طور روايتي ٻارڻ جو استعمال ڇڏڻو پوندو، جڏهن ته فضا ۾ موجود ڪاربان جي گهڻي مقدار کي صاف ڪرڻو پوندو جيڪڏهن ايئن ٿئي ٿو ته عالمي گرمي پد ۾ اضافو هڪ ڏهائي 5 ڊگري سينٽي گريڊ تائين روڪي سگهجي ٿو. تڏهن به ناڪاميءَ جي صورت ۾ عالمي گرمي پد ۾ اضافي جو سلسلو جاري رهندو جيڪو 2، 3 يا 4 ڊگري سينٽي گريڊ تائين به پهچي سگهي ٿو. گرمي پد ۾ هر ڊگريءَ جو اضافو مسئلن کي وڌائڻ جو سبب بڻجندو يعني هيٽ ويو، ٻوڏون، ڏڪار ۽ ٻيا مسئلا پيدا ٿيندا.
موسمياتي تبديليءَ تي آءِ پي سي سي پاران جاري ڪيل اهو اندازو 42 صفحن تي مشتمل دستاويز ۾ شامل آهي جنهن کي پاليسي سازيءَ لاءِ سمريءَ جو نالو ڏنو ويو. اهو 2013ع کان پوءِ هن مهل تائين موسمياتي تبديليءَ جي سائنس جو پهريون وڏو جائزو هو. جنهن کي گلاسگو ۾ ماحولياتي اجلاس سي او پي26 کان ٽي مهينا اڳ جاري ڪيو ويو. گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انٽونيو گوٽريس مطابق رپورٽ انسانيت لاءِ خطري جي گهنٽي آهي. هن چيو: “جيڪڏهن اسان هاڻي کان ئي مٿاڪٽ ڪيون ته تڏهن ئي وڏي پئماني تي ماحولياتي تباهيءَ کي منهن ڏئي سگهون ٿا، پر جيئن اڄوڪي رپورٽ مان ظاهر ٿئي ٿو ان معاملي ۾ نه دير جي گنجائش آهي نه غلطي جي.”
بي بي سي هيٺيان آءِ پي سي سي جي رپورٽ جا ڪجهه اهم نڪتا ڄاڻايا:
1-زمين جي سطح جو گرمي پد سن 1850ع کان 1900ع تائين ايترو گرم نه هو جيترو 2011 کان 2020ع وچ ۾ رهيو. ٻنهي دورن وچ ۾ هڪ ڏهائي 09 سينٽي گريڊ جو فرق آهي.
2-گذريل پنج سال 1850ع کان پوءِ تاريخ جا سڀ کان گرم ترين سال هئا.
3-تازن سالن ۾ سمنڊ جي سطح ۾ اضافو سن 1901ع کان 1971 ۾ رڪارڊ ٿيندڙ اضافي کان به وڌيڪ آهي.
4-سڄي دنيا ۾ گليشيئر ۽ اتر قطب ۾ موجود برف پگهرڻ جو سڀ کان وڏو ڪارڻ (90 سيڪڙو) انساني عمل آهن.
5- هيءَ ڳالهه طئي آهي ته سخت گرمي ٿيڻ هاڻي اڃا به عام ٿيندو ويندو جڏهن ته سخت سيءَ جي لهرن ۾ گهٽتائي ايندي ويندي.
نئين رپورٽ اهو به واضح ڪري ٿي ته اسان اڄ تائين جنهن گرميءَ جو تجربو ڪيو آهي، ان اسان جي ڪيترن ئي گرهن جي سپورٽ سسٽم ۾ تبديليون آنديون آهن جيڪي واپس نٿيون ٿي سگهن. رپورٽ موجب سمنڊ گرم ٿيندا رهندا، ۽ وڌيڪ تيزابيت جو شڪار ٿيندا ويندا، جابلو ۽ قطبي گليشيئر ڪيترن ئي ڏهاڪن يا صدين تائين پگهرندا رهندا. پروفيسر هاڪنس جو چوڻ هو ته “گرميءَ جي هر لهر جا نتيجا بدتر ٿيندا رهندا ۽ انهن مان ڪيترائي نتيجا/تبديليون واپس نٿيون ٿي سگهن.”
سمنڊ سطح ۾ اضافي جي ڳالهه ڪئي وڃي ته سائنسدانن مختلف سطحن جي اخراج جي امڪاني حد جو نمونو ٺاهيو آهي، تڏهن به هن صديءَ جي پڄاڻيءَ تائين اٽڪل ٻه ميٽر اضافي ۽ سن 2150ع تائين پنج ميٽر اضافي جي امڪان کي رد نٿو ڪري سگهجي.
ان نموني جا نتيجا (جن جو امڪان جيتوڻيڪ گهٽ آهي) سن 2100 تائين ٻوڏ جي ڪري ساحلي علائقن ۾ وڌيڪ لکين ماڻهن لاءِ خطرو بڻجي ويندا. رپورٽ جو هڪ اهم پاسو گرمي پد ۾ اضافي جي متوقع شرح آهي، ان سان گڏ اهو به ٻڌايو ويو ته انسانيت جي حفاظت لاءِ ان اضافي جو مطلب ڪهڙو آهي. ان رپورٽ جي ليکڪن جو خيال آهي ته سڀني منظرنامن جي جائزي سان واضح آهي ته سن 2040 تائين عالمي گرمي پد ۾ هڪ ڏهائي 5 ڊگريءَ تائين اضافو ٿي ويندو. جيڪڏهن ايندڙ ڪجهه سالن ۾ گيسن جي اخراج ۾ گهٽتائي نه ڪئي وئي ته ايئن 2040ع کان اڳ به ٿي سگهي ٿو.
آءِ پي سي سي جي ان رپورٽ جي منظوري 195 حڪومتن ڏني ۽ ان جا نتيجا 14 هزار تحقيقاتي رپورٽن تي ٻڌل هئا. رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو ته گذريل ڏهاڪو انساني تاريخ جي هڪ لک 25 هزار سالن جو گرم ترين ڏهاڪو هو. عالمي گليشيئر تيزيءَ سان پگهري رهيا آهن. سمنڊ جي سطح ۾ هڪ صديءَ دوران سراسري 8 انچ اضافو ٿيو ۽ ان اضافي جي شرح 2006ع کان هن مهل تائين ٻيڻي ٿي وئي آهي.
ان رپورٽ جي پيرائي ۾ اسان سنڌ ۾ ماحولياتي تبديليءَ جا هاڃيڪار نتيجا ڏسي سگهون ٿا. گرمين ۾ ڏينهون ڏينهن ايندڙ شدت، ٻوڏون ۽ طوفان ڪنهن وڏي تباهيءَ جون علامتون آهن. جڏهن ته هن سال يورپ ۾ سخت گرمين، يورپي کنڊ ۾ 5 سئو سالن ۾ بدترين خشڪي به ان ڳالهه جي ثابتي آهي ته هڪ اونداهو ۽ ڀوائتو مستقبل انسان جو انتظار ڪري رهيو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button