ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

موسمياتي تبديلي ٻوڏن جو ڪارڻ

Editorial-Article-Rashid Leghari

پاڪستان ۾ ٻوڏ جي تباهه ڪارين سنڌ ۾ زندگيءَ کي مفلوج ڪري ڇڏيو آهي. ان مفلوج زندگيءَ جي تباهيءَ جو ذميوار حڪمرانن ۽ حڪومت ۾ ويٺل وزيرن، مشيرن ۽ ڪامورن کي ڏنو پيو وڃي. تنقيد ڪندڙن ۾ سياسي، سماجي ڪارڪن، سوشل ميڊيا تي سرگرم رهندڙ ماڻهو به شامل آهن. ٻوڏ جي تباهيءَ ۾ پاڪستان جهڙا ٽين دنيا جا غير ترقي يافته ملڪ وڌيڪ ڀوڳيندا رهيا آهن.
ان جو تازو مثال هاڻوڪي ٻوڏ ۽ 2010ع جي ٻوڏ آهي. ٻن نسلن ٻن ٻوڏ کي ڏٺو به آهي ۽ ڪروڙين ماڻهن ڀوڳيو به آهي. هڪ هٽي قائم ڪندڙ سرمائيدارن ۽ سامراجي ملڪن کي اڃا تائين تفصيل سان ڪنهن تنقيد جو نشانو نه بڻايو آهي، جيتوڻيڪ ماحوليات تي ڪم ڪندڙ ادارا ۽ ماهر توڙي ماحولياتي جرنلسٽ ماحوليات ۾ بگاڙ پيدا ڪندڙ صنعتي ملڪن کي سخت تنقيد جو نشانو بڻائي رهيا آهن. جيڪا حقيقت به آهي. اها حقيقت سادي ٻوليءَ ۾ بيان ڪري عوام کي سمجهائڻ جي ضرورت آهي. ماحوليات جا ماهر ۽ ايڪو سسٽم جي تباهه ڪارين تي پريشان صحافي ۽ ميڊيا هائوسز اڳ ئي ٻڌائي رهيا هئا ته تيزيءَ سان خارج ٿيندڙ گئسن ۽ عالمي ماحولياتي گدلاڻ سان ايشيا ۾ گرمي پد وڌڻ سان خطرناڪ برساتون پونديون. هن اڳڪٿيءَ کي هتان جي حڪومت ۽ رياستي مشينري سنجيدگيءَ سان نه ورتو هو، جنهن جي سزا اسين اڄ ڀوڳي رهيا آهيون. اسان پڙهيو آهي ته موسمياتي تبديلين تي دنيا جون نظر کپل رهيون آهن. زمين جي گرمي پد ۾ مسلسل واڌ سان جتي گليشيئر رجي رهيا آهن ته اتي وري ٻيلن کي باهه لڳندي به ڏٺي وئي آهي.
جيتوڻيڪ زهريلي گئسن جي خارج ٿيڻ سان گڏ هتي ايئرڪنڊيشنڊ جي گهڻي استعمال به ماحوليات کي خراب ڪيو آهي. ايئرڪنڊيشنڊ مان نڪرندڙ گئسون به گرمي پد ۾ اضافو ڪري رهيون آهن. ماهر چون ٿا ته 2050ع تائين ايئرڪنڊيشنڊ جو انگ اڳ جي ڀيٽ ۾ ٽي ڀيرا وڌي ويندو. انجنيئر ۽ آرڪيٽيڪچر اهڙن گهرن ۽ عمارت جي تعمير تي غور ڪري رهيا آهن، جيڪي هوادار هجن. ماضي ۾ جڏهن بجلي نه هئي، پکا، ايئر ڪولر ۽ ايئرڪنڊيشنڊ نه هئا ته گهرن ۽ عمارتن جي تعمير هوا کي ڏسي ڪئي ويندي هئي، ان جو هڪ مثال ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ ورهاڱي کان اڳ جون عمارتون آهن، جتي هوادان ۽ دريون ايئن ڊزائن ڪيون ويون آهن، جتي اوهان کي ايئرڪنڊيشنڊ جي ضرورت محسوس نٿي ٿئي. حيدرآباد ۾ سيشن ڪورٽ جي عمارت به اهڙي طرز تي ٺهيل آهي. جيڪا عمارت ماضي ۾ راڻي ايلزيبٿ جي محل طور به مشهور هئي، جتي هن وقت به عمارت جي مٿان راڻي ايلزيبٿ جو تاج لڳل آهي. جتي عمارت جي تعمير جو سال به لکيل آهي. ماضي ۾ اهڙين عمارت جي تعمير کانپو ٻاهر گرمي پد 40 آهي ته عمارت ۾ 29 ڊگري رڪارڊ ڪيو ويندو هو. ماهر ٻڌائين ته گهرن کان ٿڌو رکڻ لا کوهه کوٽي عمارت مان پاڻي گذاري سگهجي ٿو، پاڻيءَ جي گذرڻ سان گرمي پد گهٽجي ٿو. ترقيءَ جي نالي تي اسين شهر تعمير ڪري رهيا آهيون پر اهي شهر نه پٿرن ۽ سرن جو هڪ جهنگ آهن. جنهن ۾ پاڻ سڀ پنهنجون ۽ پنهنجي نسل جي تباهيءَ جو بنياد وجهي رهيا آهيون. هن وقت شهر ۾ گاڏين مان نڪرندڙ دونهون ۽ فيڪٽريءَ ۾ مشينن جي استعمال جي ڏينهن به ڏينهن گرمي پد وڌي رهيو آهي. دنيا ۾ ٻيلا لڳائي گرين ڪاريڊور ٺاهيا پيا وڃن، اسان وري وڻ وٺي زراعت جي زمين تي هائوسنگ اسڪيمون تعمير ڪري رهيا آهيون. سائنسدان ٻڌائين ٿا ته دنيا ۾ هڪ ڏهائي 5 ڊگري سينٽي گريڊ جي حد کي روڪڻو آهي. جنهن لا اسان کي پنهنجي زندگين ۾ وڏيون تبديليون آڻڻيون پونديون. رپورٽ جي اچڻ تي دنيا جا ملڪ موسمياتي تبديلين جي حوالي سان حيرت ۾ پئجي ويا هئا. دنيا جا سائنسدان ۽ ماحولياتي ماهر ڏکڻ ڪوريا ۾ گڏ ٿي ان ڳالهه تي بحث ۾ رڌل رهيا ته هن صديءَ ۾ عالمي گرمي پد کي هڪ ڏهائي 5 کان گهٽ گرمي پد تي ڪيئن آڻجي. سائنسدان ٻڌائين ٿا ته 1850ع کانپو دنيا ۾ عالمي گرمي پد ۾ هڪ سيٽي گريڊ جي واڌ ٿي چڪي آهي. سائنسدانن اهو ٻڌايو هو ته دنيا ۾ گرمي پد هڪ ڏهائي 5 کان وڌي ويو ته گهڻائي ملڪ پاڻي هيٺ اچي ويندا. هيءَ گڏجاڻي پورو هفتو جاري رهي. دنيا جي سرمائيدار ملڪن کي تنبهه ڪئي وئي ته اهي گرمي پد گهٽ ڪرڻ ۾ ڪردار ادا ڪن. ٻي صورت ۾ موسمياتي تبديليون عوام کان زندگي کسي وٺنديون. اسان اهو به ڏٺو آهي ته ترقي يافته صنعتي ملڪن جي گندگي پاڪستان جهڙا ملڪ ڀوڳي رهيا آهن. اڳ ۾ پاڪستان ۾ سنڌ اندر پاڻيءَ جي کوٽ جو وڏو مسئلو پڻ رهيو آهي. هاڻ وري پاڻي ٻوڙي رهيو آهي. پاڪستان ماحولياتي تبديلين جو وڏو شڪار ٿيو آهي، ماهرن اڳڪٿي ڪئي هئي ته پاڪستان اهڙن ملڪن مان هڪ آهي، جتي ماحولياتي تبديلين ۽ ٻوڏن سان ماڻهو وڏي پئماني تي لڏپلاڻ ڪري سگهن ٿا. ماحولياتي تبديلي دوران متاثر ٿيندڙ ۽ خطرن هيٺ آيل ملڪن جي لسٽ ۾ پاڪستان ستين نمبر تي آهي. 2010ع جي مها ٻوڏ کانپو اسان ڏٺو ته پاڪستان ڏڪار، ٻوڏ، سخت گرمي، سمنڊ جو زمين کي ڳڙڪائڻ، خراب پاڻيءَ جي صورتحال ۾ گذرندو رهيو آهي. اڳوڻي ماحوليات جي وزير مشاهد الله جو اهو بيان ڪنهن کي ياد آهي جنهن چيو هو ته پاڪستان کي ماحولياتي خطرن کي منهن ڏيڻ لا 40 ارب ساليانو 14 ارب ڊالر رڳو تبديلي لاڳو ڪرڻ لا گهربل آهن. صنعتي دنيا جي ڦهلايل گند جي سزا اسان کي ملي رهي آهي. بحران کي منهن ڏيڻ ۽ ماڻهن کي بي گهر ٿيڻ کان بچائڻ ئي وڏو چئلينج آهي.
گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس پاڪستان جي دوري وقت آگاهه ڪيو ته پاڪستان ۾ موسمياتي تبديلين جي ڪري ٻوڏ جهڙي قدرتي آفت درپيش آهي. ان صورتحال مان نڪرڻ لاءِ وڏي امداد جي ضرورت آهي. عالمي برادريءَ کي ٻوڏ متاثرن جي مدد لاءِ پاڪستان سان ڀرپور سهڪار ڪرڻ گهرجي. اڄ هيءَ صورتحال پاڪستان ۾ آهي ته سڀاڻي ڪو ٻيو ملڪ به موسمياتي تبديلين کان متاثر ٿي سگهي ٿو. هن چيو ته ايڏي وڏي قدرتي آفت اڳ ناهي ڏٺي، موسمياتي تبديلين جي اثرن سان لکين پاڪستاني متاثر ٿيا آهن. ماڻهن جا گهر، روزگار، فصل تباهه ٿي ويا آهن، پاڪستان کي ان وڏي قدرتي آفت کي منهن ڏيڻ لاءِ وڏا وسيلا گهربل هوندا. 30 ارب ڊالر جو ان ٻوڏ سان نقصان ٿيو آهي. هن چيو ته موسمياتي تبديلين سان جيتري قدر پاڪستان متاثر ٿيو آهي. دنيا ۾ ان جو مثال نه ٿو ملي، پاڪستان پاران موسمياتي تبديلين کان بچاءُ لاءِ جيڪي اپاءَ کنيا ويا آهن. عالمي برادري ان جي ساراهه ڪري ٿي، پاڪستان انهن ملڪن ۾ شامل آهي جيڪي موسمياتي تبديلين جي حوالي سان ڪم ڪري رهيا آهن. هن چيو ته هن مشڪل صورتحال مان نڪرڻ لاءِ وڏن وسيلن جي ضرورت آهي. متاثرن جي ريسڪيو ۽ رليف جي مرحلي کانپوءِ بحالي ۽ نئين سر تعمير جي مرحلي ۾ عالمي برادري ڀرپور سهڪار ڪري. هن وڌيڪ چيو آهي ته پاڪستان جي ڪري ماحولياتي تبديلي تي ڪي خاص ناڪاري اثر ناهن پيا. جڏهن ته هي ان کان سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيندڙ ملڪن مان هڪ آهي. ضروري آهي ته عالمي برادري خاص ڪري ماحولياتي تبديليءَ جو سبب بڻجندڙ ملڪ ان ڳالهه کي قبول ڪن ۽ هاڻي اهي نئين سر تعمير، متاثر ماڻهن جي بحالي ۾ مدد ڪري سگهن ٿا.
موسمياتي تبديلين کي ڏسجي ته گڏيل قومن جا اڳواڻ به پريشان آهن. اها پريشاني سامراجي ملڪ ئي پيدا ڪري رهيا آهن. جن جي منافعي سان هر ماڻهو ڪارپوريٽ سماج جو حصو بڻجي ٿو وري ساڳئي فيڪٽرين مان پنهنجي موت جو سامان به ماحول دشمنيءَ جي صورت ۾ خريد ڪري رهيو هوندو آهي، جنهن جي هن کي ڄاڻ به نه هوندي آهي. ان ڪري ماڻهن کي ريسڪيو سڀ ڪري رهيا آهن. هن وقت کين آفتن جي سائنس به سمجهائڻي آهي. جيڪا آفت عوام کي هڪ ڏهاڪي کانپو دربدري ۽ ذلالت جي زندگي گذارڻ تي مجبور پئي ڪري.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button