پاڪستان ۾ ماحوليات جهڙو شعبو ڪنهن به ريت حڪومت جي ترجيحن تي ڪونه رهيو آهي. اسين هر آفت کي قدرت جو عذاب سمجهندا آهيون، جڏهن ڪابه آفت اچي تباهي مچائيندي آهي ته حڪمران عوام کي صبر ڪرڻ جو چوندا آهن. ان کان پوءِ عوام جي دربدري واري حالت ۾ امداد ورهائڻ جو سلسلو شروع ٿيندو آهي. اها امداد هڪ پاسي حڪومت پاران ورهائي ويندي آهي ته ٻئي پاسي انفرادي طور ماڻهو ورهائيندا آهن. هن وقت ٻوڏ جيڪا تباهي سنڌ ۾ مچائي آهي، ان جو بار فردن کان ڳرو آهي. اها رياست جي ذميواري آهي ته عوام کي هاڻوڪي ٻوڏ کان پوءِ ڪهڙي ريت بهتر سهولتون فراهم ڪري ٿي ۽ ڪهڙي ريت اها ان بحران مان نڪري پار ٿي پوي.
برساتن جو وسڻ هڪ فطري عمل آهي، جنهن کي روڪي نٿو سگهجي پر جڏهن برساتن سبب پاڻ جو مقدار وڌي وڃي ته ان کي وهائڻ، ان کي گس ڏيڻ ۽ ان جو ڇوڙ سمنڊ تائين ڪرڻ انسان جي هٿ وس آهي. پر هاڻوڪي ٻوڏ ۾ اهو ڏسڻ ۾ آيو ته ڪهڙي ريت مس مئنجمينٽ ڪري سنڌ کي ٻوڙيو ويو. هڪ پاسي پاڻيءَ جا فطري گس بند هئا، ٻئي پاسي هٿ سان ڪٽ هنيا ويا. جنهن جي ڪري نه رڳو اهي شهر به پاڻي هيٺ اچي ويا، جن کي بچائڻ ممڪن هو. ان کان سواءِ سنڌ حڪومت گهڻو وقت اهو ويچارڻ تي لڳائي ڇڏيو ته ڪٽ ڪٿان ۽ ڪيئن ڏنا وڃن. نيٺ به ڪٽ اهي ئي ڏنا ويا جيڪي ڏيڻا هئا. پر اهو فيصلو وقت سر نه ڪيو وڃي، جنهن جي ڪري تباهي ڪجهه وڌيڪ آئي. ان کان سواءِ بااثرن پنهنجون ٻنيون ٻارا بچائڻ لاءِ جيڪي ڪجهه ڪيو. ان سان عام ماڻهو کي تباهيءَ کي منهن ڏيڻو پيو.
سنڌ ۾ هاڻوڪي ٻوڏ کان پوءِ جيڪا معاشي تباهي ٿي آهي. ان جو ڪاٿو اربن ۾ لڳايو پيو وڃي. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ٻوڏ جي تباهي ڏسڻ لا پهتل گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل کي سنڌ ۾ ٿيل نقصانن بابت بريفنگ ڏيندي ٻڌايو آهي ته سنڌ جو بنيادي ڍانچو، زراعت، فصل، چوپايو مال، آبپاشي نظام سڀ ڪجهه تباهه ٿي چڪو آهي. هڪ ڪروڙ 20 لک ماڻهو بي گهر ٿي ويا آهن، تباهي کان پوءِ ٻيهر پيرن تي بيهارڻ لاءِ سنڌ کي 16 ارب ڊالرن جي ضرورت آهي. سکر ۾ انتونيو گوتريس کي ڏنل بريفنگ دوران وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته اُسريل ملڪن جي ڏوهن جي سزا اسان کي ملي آهي. اسان ٻوڏ سبب بي گهر ٿيل ماڻهن کي گهر، مالوندن کي چوپايو مال ۽ آبادگارن کي پوکيءَ لاءِ معاوضا ڏيڻ چاهيون ٿا. عالمي برادريءَ کي حرڪت ۾ آڻڻ لاءِ توهان پنهنجو ڪردار ادا ڪريو. وڏي وزير تفصيل ٻڌائيندي چيو ته سنڌو درياهه جي ساڄي پاسي وارو پاڻي منڇر ڍنڍ جي ذريعي نيڪال ڪري رهيا آهيون. جڏهن ته کاٻي پاسي وارن شهرن ۾ موجود پاڻي ڍورن ۽ سم نالن ۾ ڇوڙ ڪري واپس درياهه ذريعي نيڪال ڪنداسين. خيرپور جي اوڀرندي حصي، نوابشاهه، سانگهڙ ۽ ميرپورخاص جو پاڻي بدين جي رستي درياهه ۾ ڇوڙ ڪيو ويندو. پاڻي نيڪال ڪرڻ جو ان کانسواءِ ٻيو ڪو به دڳ ناهي. مراد علي شاهه وڌيڪ چيو ته سنڌ ۾ ٻن مهينن اندر 70 سيڪڙو پاڻي نيڪال ڪري فصلن جي پوکي ڪرائڻ چاهيون ٿا.
جيڪڏهن سنڌ کي 16 ارب ڊالر جي امداد ملي وڃي ٿي ته ڇا سنڌ حڪومت اهو سڄو پئسو سنڌ ۾ تباهه حال ۽ دربدر ٿيل عوام جي بحاليءَ تي خرچ ڪندي. ماضي جي ٻوڏ جو مثال اسان جي سامهون آهي. 2010ع واري مها ٻوڏ ۾ ذري گهٽ ساڳي صورتحال هئي. پر ان هوندي به اسان ڪجهه ڪونه سکيو. نه سنڌ جو انفرا اسٽرڪچر بهتر ڪري سگهياسين نه قبضا ڇڏائي سگهياسين ۽ نه ئي پاڻي جي فطري لنگهه بحال ٿي سگهيا. هي ان ڪوتاهيءَ جو نتيجو آهي، جو سنڌ هڪ ڀيرو وري ٻڏي آهي. تنهنڪري سنڌ جي بحالي امداد وسيلي هڪ حد تائين ٿي سگهي ٿي پر اها مستقل بنيادن تي ناهي. ڇاڪاڻ ته مستقل بنيادن تي سنڌ جي بحالي ان صورت ۾ ٿي سگهي ٿي. جڏهن ماحوليات کي نظر ۾ رکندي، اسين هر اهڙي آفت تائين تيار رهون ۽ ان جو حل ڪڍندا رهون، جيڪا اسان کي بهتر رٿابندي نه هئڻ ڪري اسان کي تباهه ڪندي رهندي آهي.
عالمي سطح جي امداد جو سلسلو وڏي وقت تائين جاري نٿو رهي سگهي. ان کان سواءِ جيڪڏهن دنيا پاڪستان کي امداد ڏيندي به رهي ته ان جي ڪا آڊٽ نه هوندي آهي. بيان بازي جي حد تائين لکين انگ اکر بيان ڪيا ويندا آهن. پر حقيقي طور اهي انگ اکر ڪٿي به نظر ڪونه ايندا آهن. اسين جنهن امداد لاءِ اڄ واجهائي رهيا آهن. ان کان ڪيترا ڀيرا گهٽ پئسي ۾ سنڌ جي انفرا اسٽرڪچر کي بهتر ڪري سگهجي ٿو. ماحوليات جهڙي اهم شعبي تي پئسو خرچ ڪري ماڻهن ۽ ٻي جيوت جي رهڻ لاءِ بهتر ماحول پيدا ڪري سگهجي ٿو. پر هتي ته صورتحال اهڙي آهي جو اسين ماحوليات کي نظر انداز ڪري سڄو زور ان ڳالهه تي ڏئي رهيا آهيون ته قدرتي آفت کي منهن ڏيڻ ممڪن ڪونهي.
سنڌ جا وزير مشير پنهنجي ناڪامين کي قبولڻ لاءِ تيار ڪونه آهن. شروعاتي ڏينهن ۾ آعا سراج دراني ته اهو چئي ڇڏيو هو ته هيءَ ٻوڏ اسان کي گناهن جو نتيجو آهي. عوام گناهه ڪيا آهن. ان ڪري ٻوڏ جو عذاب نازل ٿيو آهي. هو پاڻ کي به گنهگارن ۾ شامل ڪري ٿو. پر هن ٻوڏ ۾ نه سندس گهر ٻڏو آهي نه ڪو نقصان ٿيو آهي. ان کان وڏي نا اهلي ڪا ٻي نٿي ٿي سگهي ته عوام لاءِ ڪجهه ڪري نه سگهجي ۽ سڀڪجهه خدا جي کاتي ۾ وجهي ڇڏجي.
سنڌ ۾ اڄ به نهري نظام کي بهتر ڪرڻ جي گهڻي گنجائش موجود آهي. اسان جو نهري نظام ڪيترين ئي خامين جو شڪار آهي. جنهن تي پاڻي ماهرن ۽ ٽيڪنيڪل ايڪسپرٽس کان رايا وٺي مسئلا حل ڪري سگهجن ٿا. ٻوڏ اچڻ کان پوءِ پيدا ٿيل صورتحال ۾ پاڻي ماهرن جون صلاحون نه ورتيون ويون ۽ نه ئي ٽيڪنيڪل بنيادن تي ڪا مدد ورتي وئي. وزير پنهنجي مرضي موجب پاڻيءَ جي نيڪال لاءِ ڪٽ هڻندا رهيا. جنهن جي ڪري نه رڳو پاڻي شهرن ڏانهن هليو ويو پر ان سان اميدن کان وڌيڪ تباهي ٿي.
ان کان سواءِ اهو پڻ چيو پيو وڃي ته ٻوڏ سبب دربدر ٿيل ماڻهن جي بحاليءَ ۾ لڳ ڀڳ 6 مهينا لڳي سگهن ٿا. جيڪڏهن واقعي به ايترو وقت لڳي ٿو ته انهن ماڻهن سان جيڪي مسئلا ڪئمپن ۾ ٿيندا، انهن کي منهن ڏيڻ لاءِ ڪهڙيون تياريون ڪيون ويون آهن. اهو سڀڪجهه حڪومتي پلان ۾ شامل هجڻ گهرجي. پر حڪومت جو سڄو زور ان تي آهي ته سنڌ لاءِ امداد ڪيئن هٿ ڪئي وڃي. امداد تي ڀاڙيندڙ حڪومت ڪنهن به ريت عوام کي پاڻڀرو نٿي ڪري سگهي ۽ نه ئي ماڻهن جي بحالي وقت سر ڪري سگهي ٿي. ان ڪري ماحوليات جي شعبي کي اهميت ڏيڻي پوندي.