ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

پنهنجي وڍئي جو ويڄ نه طبيب!

مون ذري گهٽ سمورن پاڪستاني حڪمرانن خلاف مذهبي جماعتن توڙي ايم آر ڊي جھڙن سياسي اتحادين پاران ھلايل عوامي تحريڪن ۽ مھينن تائين ٿيندڙ پرامن ۽ پر تشدد مظاهرن کي اکين سان ڏٺو ۽ انھن جي رپورٽنگ ڪئي آهي. پر اڄ کان اڳ ڪنهن به حاڪم کي ايترو ڊنل ۽ خوف ۾ وڪوڙيل نه ڏٺم جيترو عمران خان ڏسڻ ۾ اچي ٿو. ڪڏهن به ايئن نه ٿيو آهي ته ڪنهن پرامن احتجاجي جلوس کي اسلام آباد ۾ داخل ٿيڻ کان روڪڻ خاطر لاھور کان راولپنڊي تائين درياهن، واھن ۽ ڪينالن مٿان قديم زماني کان اڏيل پليون ڊاٺيون ويون ھجن، رستن ۽ چؤنڪن تي ڏھه ڏھه فوٽ ڊگهيون ديوارون رات وچ ۾ کڙيون ڪجن ۽ شاھراھن تي اونھائي واريون خندقون ۽ کڏون کوٽيون ويون ھجن ته جيئن جلوس ۾ شامل گاڏيون توڙي ماڻهو جھلم ندي ۽ واٽ تي ايندڙ ڍورا ۽ واھن جون شاخون ڪراس نه ڪري سگهن ۽ لاچار ٿي موٽي وڃن. خاص طور تي مون نوٽ ڪيو آهي ته طالبان ۽ فرقا پرست مذهبي جماعتون، انهن جا اڳواڻ توڙي ڪارڪن ۽ پوئلڳ جنهن به مشن کي جھاد سمجهي، ان ۾ جنبي پوندا آهن ته پوءِ اھي جنوني ماڻهو قائد اعظم محمد علي جناح جي ڀيڻ فاطمه جناح ھجي يا ذوالفقار علي ڀٽي جھڙو نوي ھزار جنگي قيدي ڇڏائيندڙ، ايٽم بم ۽ گڏيل راءِ سان منظور ڪرايل آئين جو تخليقڪار ھجي، ميزائيل ٽيڪنالاجي آڻيندڙ بينظير ڀٽو ھجي يا ايٽم بم جو ڪامياب تجربو ڪندڙ نواز شريف ھجي، انتھا پسند ڪنھن کي به نه بخشيندا آهن.
جيتوڻيڪ لاھور ٻاھران راوي نديءَ جي پل تي ٻه ڏينهن اڳ ھزار کان وڌيڪَ پوليس ۽ رينجرس جا جوان ڪالعدم تحريڪ لبيڪ پاڪستان جي ڪارڪنن کي روڪيندا رهيا پر انهن شدت پسندن ڪنهن جي به پرواهه نه ڪئي بلڪه ڪيترائي سپاهي مارڻ سان گڏوگڏ زخمي ڪري ڇڏيائون ۽ پل ڪراس ڪري وزير آباد شهر ڏانهن روانا ٿيا. پنجاب حڪومت وزيراعظم عمران خان جي حڪم تي چناب درياهه واري پل ۽ ان کان اڳتي جھلم ندي مٿان انگريزن جي دور کان ٺھيل پل به ڊاھي ڇڏي. پر ان ھوندي به مظاهري ۾ شريڪ ماڻهن جو وڏو لشڪر گجرانوالا جھڙي صنعتي شهر ۾ داخل ٿي ويو جتي مھانگائي ۽ بيروزگاريءَ جا سٽيل ھزارين مزدور به ريلي ۾ شامل ٿي چڪا آهن. جمعي ڏينهن اسلام آباد ۾ وزيراعظم عمران خان قومي سلامتيءَ واري ڪاميٽي جي گڏجاڻي ۾ اسڪرين تي ھزارين انسانن جو سمنڊ ڏسڻ مھل ڪيڏو نه پريشان ھو، ان کي ڇنڇر وارين اخبارن ۾ ڏسي سگهجي ٿو. کيس اھو منظر ڏسي پنھنجو 2014 آگسٽ ۾ ميان نواز شريف جي حڪومت کي ڊاهڻ لاءِ لاھور مان نڪتل جلوس ۽ 124 ڏينهن لڳاتار اسلام آباد جي ڊي چوڪ تي ھنيل ڌرڻو ضرور ياد آيو ھوندو. ان وقت مسلم ليگ سرڪار کي اڃا ھڪ سال به پورو نه ٿيو هو. عمران خان ته ٽن سالن کان وڌيڪَ وقت اقتدار ۾ رهيو آهي ۽ گذريل ٽيئي سال ڪروڙين ماڻهو ڏاڍا عذاب ڀوڳيندا رهيا آهن. شايد ھو سوچيندو ھجي ته تڏھوڪي اسٽيبلشمينٽ وارن جي اشاري تي اھڙو غير جمهوري قدم نه کڻي ھا ته اڄ کٿابين جي رٿيل ڌرڻي جي نؤبت نه اچي ھا. عمران خان جي مڇريل ڪارڪنن پاران ريڊيو پاڪستان اسلام آباد ۽ وفاقي ٽيليويزن اسٽيشن تي حملا ڪرڻ باوجود مسلم ليگ چار سال ٻيا به حڪومت ڪئي ۽ آئيني طرح مقرر ٿيل پنج سال پورا ڪري ورتائون.
(پر ھاڻي فلم شعلي واري حالت ٿي ويئي اٿس ۽ اھو ڊائلاگ ياد ڪري وڌيڪ پشيمان ٿي ويو ھوندو ته؛ تيرا ڪيا بنيگا ڪاليا؟) مون کي پنهنجن ذريعن وٽان پتو پيو آهي ته نوٽيفڪيشن رد ڪرائڻ لاءِ سندس پيرڻي زال به ڏاڍا شوڪارا ڀريا ۽ ڦوڪون ڏنائين پر ان ۾ ناڪامي تي ھن نجي گڏجاڻين ۾ اسٽيبلشمينٽ خلاف جيڪي ڇوھه ڇنڊيا آهن، انھن جي رڪارڊنگ اسٽيبلشمينٽ وٽ پھچڻ کان پوءِ هاڻي ته ماڳهين ڳالهه مان ڳالهوڙو ٺھي ويو آهي. سگھاري ڌر جي مالڪن بلوچستان ۾ ڄام ڪمال عالياڻي جي حڪومت ڊاھي، عمران خان جي ھڪڙي ٽنگ ڀڃي ڇڏي آهي. جھانگير ترين جي لنڊن ياترا پنجاب مان عثمان بوزدار جا ٽپڙ ويڙهڻ جي مقصد ۾ ڪامياب ٿي چڪي آهي. ان کان پوءِ رڳو چوڌري برادرس ۽ ايم ڪيو ايم کي اشارو ڪندا ته عمران خان جي خلاف عدم اعتماد لاءِ گھربل ووٽن جي واٽ ھموار ٿي ويندي. شاهه محمود قريشي ۽ جھانگير ترين پھريون ڀيرو ھڪڙي اصلي سرائيڪي سرڪار وفاق ۾ ڇھن مھينن لاءِ قومي اسيمبلي مان باقاعدي چونڊ ذريعي قائم ڪري، نئين سر عام چونڊون ڪرائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيندا. عدم اعتماد جو جمھوري گس وٺڻ سان ڪنهن تي به الزام ھڻڻ ۾ ڏکيائي ٿيندي. ان جو ڪارڻ ھي آھي ته گھڻي کان گھڻا ميمبر ته خود عمران خان جي پارٽي ۾ بغاوت ڪري ويٺا آهن. ھو دانھون ڪندا رهيا ته مھانگائي جي ڪري پنهنجي تڪ ۾ وڃي نه پيا سگهن، ڇاڪاڻ ته خدا جي خلق ڏمريل آهي.
انصار عباسي جهڙي ساکائتي صحافي منهنجي ڪالم لکڻ دوران پنهنجي ويڊيو پروگرام ۾ ڪجھه منٽ اڳ اھا ڳالهھ ورجائي آھي ته عمران حڪومت جي ھڪ وزير نواز شريف کي لنڊن فون ڪري خاطري ڏني آهي ته جيڪڏهن اوهان عدم اعتماد جي رٿ تي راضي ٿيو ته تحريڪ انصاف جا 15 قومي اسيمبليءَ جا ميمبر اوهان جي حق ۾ ووٽ ڏيڻ ۽ عمران خان مان جند ڇڏائڻ لاءِ ھر دم تيار آهن. اسان جو ھي باغي گروپ وزيراعظم عمران خان جي خلاف ووٽ ڏيندو ڇاڪاڻ ته حڪومت عوام کي ڪوبه رليف ڏيڻ ۾ ناڪام ٿي ويئي آهي تنهن ڪري تڪ جا ووٽر اسان کان نفرت ڪرڻ لڳا آهن.
ھن وقت پنجاب جي سمورن وڏن شهرن ۾ رستا ۽ گھٽيون بند ھجڻ سان گڏوگڏ نه رڳو اسڪول، ڪاليج ۽ يونيورسٽيون بند ٿي چڪيون آهن پر صنعتي پيداوار کي ڪراچي جي بندرگاهن تائين پهچائڻ جو سلسلو بند ٿيڻ سبب روزانو اربين روپين جو پرڏيهي واپار به رڪجي ويو آهي. مريضن کي اسپتالن ۾ رسائڻ واري ايمبولينس سروس ته پنڊي ۽ اسلام آباد ۾ جمعي ڏينهن کان بند پيل آهي تنهن ڪري لکين ماڻهو پريشان آهن. ڏھاڙي ڪمائيندڙ پورھيتن جو وڏو انگ فاقن جو شڪار ٿي چڪو آهي ۽ وٽن ٻچڙن کي کارائڻ واسطي ڪجهه به ناهي. ھنن سخت خراب حالتن ۾ موقعي پرست اتحادي ڌرين جي ڪلھن تي زوريءَ ٿاڦيل وزيراعظم عمران خان ڪيترو وقت اقتدار ۾ رهي سگهي ٿو، سو ته ملڪ جي ديوارن تي لکجي چڪو آهي. جيئن ئي عثمان بوزدار جي پنجاب حڪومت کي ڊاهي ڪرسيءَ جي ٻي ٽنگ ڀڃندا، ان کان پوءِ ته عمران خان جي ڪابينه جا ساٿي به سندس ساٿ ڇڏي موڪلائي ويندا. ايندڙ ڪالم ۾ ڪوشش ڪري لکندس ته محترمه فاطمه جناح کان اليڪشن کٽڻ خاطر جنرل ايوب خان ۽ سندس ساٿي جنرلن توڙي ذوالفقار علي ڀٽو جھڙن سويلين ساٿارين ڪيئن جماعت اسلامي جي باني امير مولانا ابوالاعليٰ مودودي کان عورت جي حڪمرانيءَ جي خلاف فتوائون جاري ڪري، ماڻهن جي مذهبي جذبن ۾ تنگ نظري پيدا ڪئي.
پڇاڙڪا لفظ:
آخري خبرون ھي پيا ٻڌون ته ديني عالمن جو 15 رڪني وفد وزيراعظم عمران خان سان ملاقات ڪري پي ايم هائوس ٻاهران ميڊيا وارن سان ڳالهائي اھا اميد ڏياري پيو ته حڪومت ڪالعدم تحريڪ لبيڪ پاڪستان جي ڪجھه مطالبن کي مڃڻ تي راضپو ڏيکاريو آهي. جيڪڏهن مظاهرو ڪندڙ ان کي قبول ڪن ٿا ته احتجاج ختم ٿي سگهي ٿو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button