
پاڪستان جي مشهور ٽڪ ٽاڪر ڪنول آفتاب جي اميد سان ٿيڻ بعد سندس هنج ڀرائي واري رسم ادا ڪئي وئي آهي، جنهن جون تصويرون ۽ وڊيوز وائرل ٿي ويون آهن. ميڊيا مطابق ڪنول آفتاب ۽ سندس مڙس ذوالقرنين هنج ڀرائي واري رسم جون تصويرون ۽ وڊيوز پاڻ ئي شيئر ڪيون، جيڪي مداحن تمام گهڻيون پسند ڪيون آهن. هوڏانهن جوڙي کي سندن مداحن پاران مبارڪون ڏيڻ وارو سلسلو پڻ جاري آهي.