سنڌ جي غريب هارين، مزدورن ۽ پورهيتن مٿان اميرن ۽ حڪمرانن پاران انهن جي مرضيءَ سان مڙهيل ٻوڏ واري مصيبت ۾ جتي گهڻا ئي شعبدي باز، چور، چالاڪ، ٺڳ، واپاري، واندا، واٺا، پيٽ ڍاوا، پلستر، مير، پير، ملان، مجاور ۽ خيراتي خاڪسار پنهنجا دڪان کولي ويٺل آهن، اتي پراڻا سياسي سانڊا، پاڻ هرتو سڄاڻ صحافي ۽ ڀانت ڀانت جي مخلوق به پنهنجو آفاقي input آڇي رهي آهي. جيترا وات اوتريون ڳالهيون. بحث، صلاحون ۽ تجزيا پڻ پيش ٿي رهيا آهن. هرڪو پنهنجا ويچار ونڊي ٻڏندڙن کي ٻوڙن ۾ هٿ وجهي هاتڪ ٿيڻ جا مشورا ڏيئي رهيو آهي.
پر ڪنهن به هن مهل تائين ڪنهن عملي ڪم جي شروعات نه ڪئي آهي. فقط ايڪڙ ٻيڪڙ سياسي تنظيمون آهن، جيڪي پنهنجي هيڻي حال موجب ٻوڏ ستايلن جي مدد ۾ مصروف آهن، باقي ست خير لڳا پيا آهن. انهن مان ڪيتريون تنظيمون اهڙيون آهن جيڪي خيراتي ۽ فلاحي ادارن کي مدد جون فقط اپيلون پيون ڪن ۽ پنهنجي هڙان وڙان هنن ڪا اڳڀرائي نه ڪئي آهي. جڏهن ته هنن کي سنڌ ۾ سياست ڪندي ڪيترائي ورھيه گذري ويا آھن. سمجهھ ۾ نٿو اچي ته انهن جي سياست سنڌي ماڻهن لاءِ آهي يا فقط سنڌ جو نالو وٺي پنهنجن مفادن جي پوئواري ڪرڻ لاءِ آهي.
ياد رکو انهن مان کوڙ ڇٺل ڪارتوس آهن ۽ گهڻائي بندوق جي انهي ناليءَ وانگر آهي جنهن جي نشاني تي سدائين توهان جو سينو رهيو آهي. صدين کان انساني سماج ۾ فقط ٻه طبقا رهيا آهن. هڪ ظالم طبقو ۽ ٻيو مظلوم طبقو. ان کان سواءِ جيڪو ڪجھه آھي سڀ ڪوڙ آهي. دوکو ۽ فريب آهي. سالن کان سنڌي ماڻهن کي اهڙن فريبن ۾ ڦاسائي انهن کي پوئتي ڌڪيو ويو آهي پر هن مينهن ۽ ٻوڏ اهو چٽو ڪري ڇڏيو آهي ته سماج ۾ فقط ظالم ۽ مظلوم جي ورڇ هوندي آهي. ٻيو ڪوبه سنڌو نه ٿيندو آهي. جيڪڏھن ڪو ٽيون رستو ڪڍڻ جي ڪوشش ڪري ٿو ته اهو ظالم جو ساٿاري آهي. تنهنڪري اسان کي اها ڳالهھ چٽي نموني سمجهڻ گهرجي ته سنڌ ۾ جيڪو هاري مزدور ۽ پورهيت جي ڳالھه نٿو ڪري اهو هارين مزدورن ۽ پورهيتن جو دوست ناهي ۽ وقت اچي ويو آهي ته سنڌ جا ماڻهو ان فرق کي سمجهن جنهن کي هن ٻوڏ واضح ڪري سمجهايو آهي.
جيڪڏھن هو هن ڏکي وقت ۾ به مجبور ماڻهن جي مدد نه ڪندا ته پو ڪڏهن ڪندا. ڪي ڌريون چون ٿيون ته هنن ماڻهن پ پ کي ووٽ ڏنا آهن ته ڀلي لوڙين. انهن کان اهو پڇجي ته اوهان ڪيتري محنت ڪئي آهي. ماڻهن سان ڪيترو گڏيا آهيو. انهن جي روزمره جي بنيادي مسئلن کي حل ڪرائڻ لا ڪيترا مددگار ثابت ٿيا آهيو؟؟ ڇا فقط اليڪشن جي ڏينهن ۾ ووٽن لا ورڪ ڪرڻ کي ڪم چئبو آهي. پو ڇو هو اوهان کي ووٽ ڏين؟ ڇا سنڌ جي سياسي اڳواڻن يا ڪارڪنن کان اهو ٿيو جو ڪنهن بند تي وڃي هنن جا ڀرجهلا ٿين ها. سنڌي ماڻهو هنن کان ڪوڏرون ڪونه هڻن ها. نه ڪا مٽي کڻائين ها پر اڳواڻن جي اتي پهچڻ سان هنن کي حوصلو ۽ سگھه ملي ها. عوامي سياست ڏيتي ليتي تي هلندي آهي!
پاڻ مان نوجوان نينگر ۽ ناريون چونڊي انهن کي اڳواڻ ڪن. پوڙها انهن جي پوئواري ڪن. اهي هنن سان ساڻ هجن. ان ڪم جي شروعات يونين ڪائونسل سطح کان ٿيڻ گهرجي. ايئن هر هڪ ضلعي ۾ جيڪي به ٻوڏ متاثر آهن، انھن جو پاڻ ۾ اتحاد ٿيڻ گھرجي. پاڪستان جي آئين ۾ ڏنل شهرين کي بنيادي حقن لاءِ ڀرپور ۽ لاڳيتي پر پرامن جدوجهد جي شروعات ڪرڻ گهرجي. اسان کي نئين نوجوان باصلاحيت قيادت جي ضرورت آهي، جيڪا بنا ڪنهن رنگ نسل، ذات پات ۽ مذهبي فرق جي فقط انسانيت جي بنياد تي جڙيل هجي. اهڙي تنظيم ئي مسڪين ماڻهن کي مشڪلاتن مان ڪڍي، هڪ نئين ترقي پسند سنڌ ڏانهن وکون وڌائي سگهي ٿي. جنهن سان بهتر سنڌ اڏڻ جو خواب ساڀيان ٿي سگهي ٿو.
جيڪي قوتون سهڻي بڻجي مقتدر قوت کي ميهار وانگر سڏي رهيون آهن، اهي فقط سهڻيون ٻوڙائينديون. مقتدر قوت ميهار وانگر سهڻيءَ تي سر ڪانه ڏيندي. سنڌ جي مسڪينن جو سرعام قتل ٿي رهيو آهي. اهو انتها درجي جو ظلم آهي ۽ ظالم ڏند ٽيڙي رهيو آهي.
ظالم ذهني مريض ٿيندو آهي. ظالم بدمست هاٿي هوندو آهي. ظالم جي ڪا اخلاقيات نه ٿيندي آهي. ظالم جي ڪائي ذات نه ٿيندي آهي. ظالم جي ڪائي قوم نه ٿيندي آهي. ظالم جو ڪو مذهب نه ٿيندو آهي! ظالم جو ڪو وطن نه ٿيندو آهي. ظالم جو ڪو رشتو نه ٿيندو آهي. ظالم غليظ ۽ حريص ٿيندو آهي. ظالم فطرت ۽ حسن جو قاتل هوندو آهي. ظالم تهذيب جو دشمن هوندو آهي. ظالم شيطان جو روپ هوندو آهي. ظالم فقط تباهي ڪندو آهي. ظالم انسانيت کي چيچلائي ماريندو آهي.
ظالم امن ۽ ترقي جو ويري هوندو آهي. سڄي سنڌ ۾ اها دانهن آهي ته ظالمن ظلم ڪيو آهي. هنن اسان جا ٻار ٻچا ماريا آهن. هنن اسان جا گهر اجاڙيا آهن. هنن اسان جا فصل تباهه ڪيا آهن. هنن اسان جو مال متاع برباد ڪيو آهي. هنن اسان کي دربدر خاڪ بسر ڪيو آهي. هنن اسان کي مجبور، لاچار ۽ پينو ڪيو آهي. هنن اسان کي مظلوم ۽ محڪوم ڪيو آهي. ياد رکو ظالم ۽ ظلم کان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ جو فقط هڪڙو ئي رستو آهي. سڀ مظلوم مڙي مٺ ٿين. سڀ هاري گڏجي هڪ ٿين! سڀ مزدور پاڻ ۾ ساٿي ٿين. سڀ پورهيت گڏجي سگها ٿين.
هي وقت آهي جو ظالم حرص ۽ هوڏ جي نشي ۾ غرق ٿي غلطي ڪئي آهي. ان هڪ موقعو ڏنو آهي. تاريخ ۾ اهڙا موقعا ڪڏهن ڪڏهن ملندا آهن. جيڪڏھن اسان هن وقت جو فائدو نه ورتو، ظالمن سان حساب ڪتاب نه ڪيو، ٺڳن، پيرن ۽ ميرن جي ميڙمنٿ دڙڪي دهمان ۾ اچي چئن ڏوڪڙن جي عيوض سڀ ڪجھه وساري ڇڏيوسين، جيئن وساريندا آيا آهيون ۽ وڏن جون غلطيون ورجايون ته ياد رکو اسان ٻيهر مظلوم ۽ محڪوم ٿي وينداسين.