هڪ انقلابي نظرئي سان هٿياربند ڪارڪن ۽ روايتي حڪمران سياسي پارٽين سان سلهاريل سياسي ڪارڪن ۾ فرق اهو هوندو آهي ته هڪ ته انقلابي ڪارڪن جي نقطه نظر پويان هڪ منظم ۽ باشعور سمجهه موجود هوندي آهي، ٻيو ته هو تاريخي ضرورت جي تفهيم ڪري سگهڻ جو اهل هوندو آهي، جيڪا کيس حقيقي معنيٰ ۾ آزاد ڪري ڇڏيندي آهي، تڏهن ئي هو رياستي جبر ۽ ٽارچر سيلن ۾ تشدد کي برداشت ڪري نذير عباسي جيان شهادت قبولڻ کان به ناهي ڪيٻائيندو ته عاصم آخوند جيان ملڪيتدار طبقي سان تعلق هئڻ باوجود پاڻ کي ڊي ڪلاس ڪري هارين ۽ مزدورن جي نجات لا جدوجهد ۾ شامل ٿيڻ کان به ناهي گهٻرائيندو. 2 سيپٽمبر تي ان عاصم آخوند جي 14هين ورسي هئي، جنهن پنهنجي زميندار طبقي سان بغاوت ڪندي، مارڪسزم-ليننزم جي بينر هيٺ مزدورن ۽ هارين جي حاڪميت لا جدوجهد ڪئي. عاصم دراصل مارڪسزم-ليننزم جو عاشق هو، کيس ڪميونزم سان عشق هو.
عاصم جي زندگي نظرئي ۽ عمل جي تجسيم هئي. سندس نظرئي مارڪسزم-ليننزم سان وابستگي ڪيتري مضبوط هئي، ان جو ان مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته، جڏهن هو زندگيءَ جي آخري گهڙين ۾ هو ته، پنهنجن ساٿين کي اها ئي تلقين ڪندو رهيو ته، مارڪسزم جي پارت اٿو. ڇو ته سنڌ ۾ مارڪسي تحريڪ کي پوين 15-20 سالن کان پنهنجن پيرن تي بيهارڻ وارو انقلابين سان گڏ عاصم به هو. ڇاڪاڻ ته سنڌ اندر 90ع جي ڏهاڪي جي شروعاتي سالن ۾ عالمي سطح تي پورهيت رياستن جي ڀڃ ڊاهه کان پوءِ هڪ مايوسي واري صورتحال پيدا ٿي. ان کان پوءِ ماضيءَ جا “انقلابي” مارڪسزم تان دستبردار ٿيا ۽ توبهه تائب ٿي هنن اهو چيو ته، هنن ماضيءَ ۾ جيڪو ڪجهه ڪيو، اهو اجايو هو، سندن جدوجهد رائيگان وئي. بنهه ٿورڙا ماڻهو هئا، جن انقلابي مايوسيءَ واري ان دور ۾ انقلاب جي ڳالهه ڪئي ته، مارڪسزم جي موجوده حالتن سان لاڳاپيل هجڻ جي به پروپئگنڊا ڪئي. پر سنڌ اندر مارڪسزم جي واڌ ويجهه ۽ مارڪسي تحريڪ کي معياري سطح تائين پهچائڻ ۾ ٻين انقلابين سان گڏ ڪامريڊ عاصم جو به اهم ڪردار هو. 90ع جو سڄو ڏهاڪو عاصم جي پروپئگنڊا جو محور مارڪسي نظريو هو. اهو ئي سبب هو جو هن ڪيترن ئي پروگرامن، اسٽڊي سرڪلز، ليڪچرن ۽ ذاتي ڪچهرين ۾ مارڪسزم جي پروپئگنڊا کي عام ڪيو. بعد ۾ نئين صديءَ جي شروعات ٿي ته، هن ڪجهه هم خيال ساٿين سان گڏجي آدرش نالي هڪ اهڙي نظرياتي رسالي جا بنياد وڌا، جنهن مارڪسي فڪر کي سنڌ اندر خاص طور نوجوانن ۾ عام ڪيو. اهو بنهه مختصر تعارف آهي عاصم جو. ڇاڪاڻ ته عاصم جي فڪر ۽ عمل جي دائرن ۾ ڪيل جدوجهد وسيع آهي جنهن سان هڪ ننڍڙي آرٽيڪل ۾ انصاف به نٿو ڪري سگهجي.
عاصم سان منهنجي پهرين ملاقات بهار 2006ع ۾ ٿئي ٿي. ڪميونسٽ ساٿي نثار لغاري فون ڪري چوي ٿو ته، اڄ ڪامريڊ عاصم جي حيدرآباد واري گهر ۾ اسٽڊي سرڪل رکيل آهي، جنهن ۾ پاڻ کي شرڪت ڪرڻي آهي. عاصم جيڪو مارڪسي رسالي آدرش وسيلي مون سان اڳ ۾ ئي متعارف ٿيل هو. کيس جسماني طور ڏسڻ جو اهو موقعو مون هٿان وڃائڻ نه ڏنو ۽ مون ساٿي نثار سان گڏ وڃڻ جي حامي ڀرڻ ۾ دير نه ڪئي. اسان عاصم جي گهر وٽ پهتاسين ۽ عاصم کي پنهنجي گهر ٻاهران سندس ساٿين لاءِ بيچئني سان انتظار ڪندي ڏٺو. سندس انتظار جو مقصد اهو ئي هو ته، جلد ۾ جلد ۽ گهڻي ۾ گهڻا دوست پهچن ته، اسٽڊي سرڪل هلائي سگهجي.
اسٽڊي سرڪل مارڪس ۽ اينگلز جي ڪتاب جرمن نظريو (جرمن آئيڊيولجي) تي رکيل هو. ان اسٽڊي سرڪل ۾ ڪامريڊ عاصم جي مارڪسي فلسفي جي هڪ اهم جز تاريخ جي ماديت پسند تصور جي مختلف رخن تي فڪري ڳالهه ٻولهه دوران سندس فڪري گهرائي جو عملي تجربو ٿيو. هونئن ته “آدرش” رسالي ۾ سندس لکڻيون تمام گهڻيون فڪري هونديون هيون، پر منهنجو رايو آهي ته، عاصم جيترو سٺو لکندو هو، ان کان وڌيڪ سٺو ڳالهائي سگهندو هو، عملي سياست تي عمومي طور ۽ نظرياتي ۽ فلسفياڻن موضوعن تي خصوصي طور سندس ڳالهه ٻولهه ڪپڙن جي تاڪئي جيان کلندي ويندي هئي. اها سندس نظرياتي پختگي ئي هئي جو، هو سوويت يونين جي انهدام کي مجموعي طور مارڪسزم ۽ سوشلزم جي ناڪامي نه سمجهندو هو، هن ڪچهرين ۽ آرٽيڪلن ۾ اهو ئي چيو ۽ لکيو ته، ويهين صديءَ ۾ سوشلزم جي ناڪامي عارضي ناڪامي آهي، انساني سماج کي اڳي پوءِ سوشلسٽ معيشت ڏانهن ئي وڌڻو آهي، نه ته بربريت سندس مقدر آهي، مارڪسزم جو دور اوس شروع ٿيڻو آهي. جيئن مون کانئس هڪ انٽرويو ڪيو هو، جنهن ۾ مون کانئس اهو سوال ڪيو هو ته، موجوده سرمائيداري نظام ۾ سوشلست تحريڪ پنهنجي مقصد ڏانهن وڃي پئي ۽ ڇا اها سرمائيداري نظام سان گهربل ويڙهه ۾ آهي؟ ته ان جو جواب ڏيندي عاصم چيو هو: “ڳالهه اها آهي ته، سرمائيداري هن وقت وڏي بحران ۾ آهي، اهو اهو آهي ته سامراجي ملڪ اسان تي جيڪي سامراجي پاليسيون مڙهين ٿا پيا، جنهن ۾ پرائيويٽائيزيشن آهي، انهن سان به ماڻهن جو تضاد تيزي سان وڌي پيو، جيڪو اسان مختلف ملڪن ۾ ڏسون پيا. مثلن پاڪستان ۾ اسٽيل مل وارو واقعو کڻي ڏسون، پي ٽي سي ايل ۽ ڪراچيءَ ۾ ٻيٽن وارو مامرو آهي، اهي سمورا تضاد بنيادي طرح سان سرمائيداريءَ جي خلاف آهن ۽ اهي تضاد جيئن جيئن انهن خلاف لڙايون ڪندا، نتيجي طور، تيزيءَ سان سوشلزم ۽ سوشلسٽ ادب، فڪر ۽ ڪارڪنن ڏانهن ماڻهو مائل ٿيندا. ڇو ته انهن ماڻهن وٽ معاشي نظام جو متبادل ڪونهي. سرمائيداري نظام سان جيڪو اڄوڪو تضاد آهي، جيڪي به تضاد پيدا ٿين ٿا، مزدور وٽ فڪر ڪونهي ۽ مزدور طبقو يا جيڪي سامراج دشمن قومي تحريڪون آهن، انهن وٽ سرمائيداري نظام کي پڄاڻي تائين پهچائڻ لاءِ ڪو نقطه نظر ڪونهي. نتيجي طور، پهرين دائري ۾ ان سڄي فڪر ڏانهن واپسي ٿيندي. ٻئي دائري ۾ ان مايوسيءَ مان قيادت ۽ خود ڪارڪن نڪرندا. ڇاڪاڻ جو هر سياسي تحريڪ پاڻ سان گڏ پنهنجا ڪارڪن کڻي ايندي آهي.” (عاصم آخوند: ڪتاب آزاديءَ جو فڪر)
هڪ ٻي ڪچهريءَ جو احوال هيئن آهي ته، اسان ڪجهه دوست عاصم جي گهر ۾ ويٺا هئاسين. اهي اهي ڏينهن هئا، جڏهن پاڪستان اندر وڪيلن جي تحريڪ عروج تي پهتل هئي. ڪچهري ۾ ويٺل مختلف دوست ان جي مختلف پاسن تي ڳالهائي رهيا هئا. خاص طور، ان جو جمهوري پاسو تمام گهڻو بحث هيٺ هو. ان وچ ۾ عاصم پنهنجي راءِ ڏيندي هڪ ٻئي مسئلي ڏانهن ڌيان ڇڪائيندي چيو ته وڪيلن جي تحريڪ ته ٺيڪ آهي، پر پاڪستان جي قبائلي علائقن ۾ وڏي گڙ ٻڙ آهي. اتي وڏو ممڻ مچي رهيو آهي ۽ ان سلسلي ۾ ٻيون به ڪيتريون ئي ڳالهيون رکيائين پر ساٿي جيڪي وڪيلن جي تحريڪ جي سحر ۾ ورتل هئا، عاصم جي اٿاريل ان اهم سوال ڏانهن ڌيان ئي نه ڏنو. بعد ۾ دنيا ڏٺو ته، پاڪستان جا قبائلي علائقا سڄي دنيا جي نگاهن جو مرڪز بڻجي ويا. اتي فوجي آپريشنن جي شروعات ٿي ۽ دهشتگرديءَ جي وڏن وڏن نيٽ ورڪن ۽ ڪرتن ڌرتن جا انڪشاف ٿيا. مقصد اهو آهي ته، عاصم تمام اڳتي ڏسي سگهندڙ ماڻهو هو. ان جو سبب سندس اها فڪري گهرائي ۽ نظرياتي سمجهه هئي، جنهن منجهس ان سطح جي سياسي بصيرت کي جنم ڏنو، جو جڏهن بحث جا موضوع روايتي مسئلا ۽ معاملا هوندا هئا ته، عاصم سدائين انهن مسئلن جي نشاندهي ڪندو هو، جيڪي بظاهر نظرن کان ته اوجهل هوندا هئا، پر موجود هوندا هئا.
بهرحال، حرص، هٻڇ ۽ لوڀ ۽ نجي مفاد تي ٻڌل سرمائيداري ڪرپٽ ۽ انسان دشمن صحت جي نظام نوجوان ڪميونسٽ انقلابي کان 32 سالن جي ڄمار ۾ حياتي کسي ورتي ۽ هو 2 سيپٽمبر 2008ع ۾ اسان کان موڪلائي ويو.