قدرتي آفتن جو اچڻ ڪا نئين ۽ انوکي ڳالهھ ناھي، اھو ھڪ فطري عمل آھي ۽ ماضي ۾ پڻ انھيءَ قسم جون آفتون رونما ٿيديون رھيون آھن ۽ ھن ڌرتيءَ تي موجود انسانن ۽ جانورن پنھنجي صلاحيتن موجب قدرتي آفتن کي منھن ڏنو آھي. جڏھن کان انسان پنھنجي فني قابليت جا جوھر ڏيکاريا آھن ۽ ضرورت جون شيون وڏي مقدار ۾ ٺاھڻ لاءِ صنعتون لڳايون آھن. تڏھن کان قدرت پاران قائم ھڪ متوازن فضا ۾ ڪاربان جو تناسب وڌايو ۽ ٻين زھريلين گئسن جو پڻ فضا ۾ اضافو ٿيو آهي. ڌرتيءَ کي تيز شعاعن کان روڪيندڙ اوزون ليئر ٽٽڻ سبب موسمي تبديلين جي ڪري گرمي پد ۾ واڌ سبب ٻوڏن، زلزلن، واچوڙن، سوڪهڙن ۽ انيڪ وبائي بيمارين جو شڪار ٿيا آھيون.
موسمي تبديليءَ کي خطرناڪ حد تائين پھچائڻ ۾ ترقي يافتھ ملڪن جو حصو تمام گهڻو رھيو آھي. انھن ملڪن صنتعي معيشت ۾ اڳڀرو ٿيڻ لاءِ پنھنجا سمورا جائز ناجائز حربا استعمال ڪيا ۽ گرين ھائوس گئسز پيدا ڪرڻ واري ڏوهه ۾ سرفھرست رھيا. انھيءَ ڏوهه جي سزا جيڪي ترقي پذير ملڪ وڌيڪ ڀوڳي رھيا آھن ۽ انھن ملڪن ۾ پاڪستان پڻ شامل آھي. پاڪستان ماحولياتي بگاڙ آڻيندڙ گرين ھائوس گئسز ۾ ھڪ سيڪڙو کان به گھٽ حصو خارج ڪري ٿو.
ماحولياتي بگاڙ جي اثرن جي حوالي سان پاڪستان ۾ سنڌ صوبو پنھجي جاگرافيائي بيھڪ جي ڪري وڌيڪ متاثر ٿيندو رھيو آھي. 2010ع واري مھا ٻوڏ، 2011ع واري اربن فلڊنگ، 15-2014ع واري ڏڪار يا 2015ع واري ھيٽ ويوز ۽ ھاڻي يعني 2022ع واري سپر مھا ٻوڏ ڪيئي سالن جا رڪارڊ ٽوڙي سالياني شدت کان 522 سيڪڙو وڌيڪ وسي، ھن ديس جي ماروئڙن کان اجھا کسي، کليل آسمان ھيٺ ھڪ ويلي لاءِ پريشان زندگي گذارڻ ۽ سموري زندگيءَ جي ڪئي ڪمائي لوڙھي، جبري لڏپلاڻ تي مجبور ڪيو آھي.
سنڌو درياهه تبت جي اولهھ واري پھاڙي علائقن مان ھڪ طويل سفر جي شروعات ڪندي والاريل ڪشمير پار ڪري پاڪستان جي اترين علائقن ۾ اسڪردو وٽان داخل ٿئي ٿو. خيبر پختونخواهه، پنجاب ۽ سرائيڪي خطي کي سيراب ڪندو سنڌ اندر داخل ٿئي ٿو ۽ پنھنجي آخري منزل يعني ٺٽي جي ساحل ۾سمنڊ سان گڏ ٿئي ٿو.
انگريز سرڪار جڏھن سنڌوءَ کي قيد پئي ڪيو. يعني بئراج پئي ٺاھيا تھ پنجاب ۾ سيڙپڪاري پئي ڪئي. سنڌ ۾ بئراج ٺاھڻ لاءِ تيار نھ ھئا. انھيءَ جو سبب سنڌ ۾ زمين جي سطح بئراج ٺاھڻ لاءِ غيرمناسب ھئي. سنڌ جي ماڻھن جي ردعمل سبب سکر بئراج ٺاھڻو پئجي ويو ۽ بعد ۾ گڊو بئراج ۽ ڪوٽڙي بئراج پڻ ٺاھيا ويا. سکر بئراج جو فائدو مقامي جاگيردارن کي ڏنو ويو.
سنڌو قيد ٿيڻ کان اڳ ۾ بادشاھن وانگر پنھنجا رستا مٽائيندو ھو، سموري سنڌ پرين جو پاڇو ھئي. ڳوٺاڻا سنڌوءَ جي انھي رخ مٽائڻ کي پنھجي لاءِ سعادت سمجھندا ھئا ۽ وقتي تڪليف کي برداشت ڪري گهڻو فائدو حاصل ڪندا ھئا. سنڌوءَ جي گذرڻ سان خوشحالي ايندي ھئي. درياهه جي وسيلي مختلف ھنڌن تائين سفر ڪندا ھئا ۽ وڻج واپار پڻ وڌندو ھو. سنڌي اڄ بھ سنڌوءَ کي درياهه بادشاهه جي نالي سان سڏيندا آھن.
بئراج ٺھڻ کان پوءِ پاڻيءَ جي قدرتي وھڪرن تي قبضا شروع ٿيا. زمينون آباد ٿيون، پلون ۽ روڊ رستا ٺھي ويا. نتيجي ۾ ھاڻي جڏھن بھ گهڻي برسات پوي ٿي يا ڪو بند ٽٽي ٿو تھ پاڻيءَ جا وھڪرا بند ھجڻ جي ڪري غريبن جا گهر ۽ فصل ٻڏن ٿا.
سنڌوءَ جي ساڄي ۽ کاٻي پاسي کان برساتي پاڻيءَ جي نيڪال لاءِ سم نالا ٺاھيا ويا آھن پر انھن سم نالن جي ڊزائين ۾ فني خرابي ھجڻ ڪري برساتن کان پوءِ گهارا پوندا آھن ۽ ٻوڏ جو اھم سبب سڏيا ويندا آھن. کاٻي پاسي واري ڊرينيج ٺاھڻ وقت علي بندر بدين جي ويجھو نالي کي قدرتي وھڪري يعني شڪور ڍنڍ کان موڙي سمنڊ ڏانھن رخ ڪيو ويو. مقامي ماڻھن انھيءَ عمل تي سخت احتجاج ڪيو ۽ مطالبو ڪيو تھ ڊرينيج جو رخ قدرتي وھڪري موجب ڪيو وڃي پر انھيءَ آواز کي ٻڌڻ بدران دٻايو ويو.
2010ع جي ٻوڏ دوران غريب ماڻھن کي سندن گهر ٺاھي ڏيڻ توڙي روزگار جا موقعا پيدا ڪري ڏيڻ جھڙا سکڻا خواب ڏيکاريا. ماڻھن کي وڏن شھرن ڏانھن اچڻ جون آڇون ڪيون پر رليف واري مرحلي کان پوءِ ڪا واھر نھ ڪئي. ھن ٻوڏ ۾ ماڻھو ڪنھن بھ سرڪاري توڙي غيرسرڪاري ادارن جي واعدن ۽ تسلين تي اعتبار نٿا ڪن ۽ پنھنجا ڳوٺ نٿا ڇڏين. پاڻي جيڪڏهن گهڻو تنگ ڪري پيو تھ ڪنھن مٿاھين جڳھه يا بند تي پنھنجا عارضي پکا اڏي مشڪل حالتن کي منھن ڏين پيا. اجھا اڳ پاڻي پار ڪندي روزانو پنھنجن ٻڏل گهرن جي خبر وٺن پيا.
پاڻيءَ جي وھڪري واري ٻوڏ ۾ بندن تي سياسي ماڻھو پڙ ٺاھي ويھي رھندا آھن ۽ انھن جي ڪوشش ھوندي آھي تھ پنھنجن فصلن کي بچائجي ۽ غريب آبادين واري پاسي ڪٽ ڏيارجي. انھي رسا ڪشيءَ ۾ بي سھارا ماڻھن جو ڪو اوھي واھي نھ ھوندو آھي ۽ ڪٽ جو فيصلو سدائين سياسي بنيادن تي ڪيو ويندو آھي.
ھر ٻوڏ کان پوءِ سبق سکڻ وارو عمل گهٽ ھوندو آھي. بندن لاءِ رکيل رقم جو ڪو حساب ڪتاب ناھي. ڪروڙين روپيا خرچ ٿين ٿا پر مستقل حل لاءِ غور ويچار نٿو ڪيو وڃي. ھر ٻوڏ کان پوءِ ھيليڪاپٽر تي دورا ڪري اڀ مان سامان اڇلايو وڃي ٿو. 5 ھزار واري ديڳ 12 ھزار ۾ تيار ڪري غريبن کي کارائي وڃي ٿي. سياسي بنيادن تي تنبو ۽ کاڌ خوراڪ جا ٿيلھا ڏنا وڃن ٿا.
ھن سال واري ٻوڏ پٺيان سمورا رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا آھن. سرڪاري انگن اکرن موجب 62 لک ماڻھو دربدر ٿيا آھن. 80 سيڪڙو ماڻھن جا گهر ڊھي ويا آھن ۽ ربيع جي پوکيل فصلن کي 100 سيڪڙو نقصان ٿيو آھي ۽ خريف لاءِ پڻ فصل لاءِ زمين تيار ڪرڻ ناممڪن ٿو لڳي.
دنيا ۾ ھن قسم جي حالتن ۾ بين الاقوامي ادارا ھنگامي بنيادن تي ڪم ڪندا آھن پر بدقسمتيءَ سان اڌ کان وڌيڪ ادارا ڀڄائي ڇڏيا آھن ۽ باقي جيڪي ادارا موجود آھن، انھن کي پڻ ڪم ڪرڻ لاءِ موزون ماحول فراھم نھ ڪيو آھي.
پاڪستان دنيا جي انھن 10 ملڪن جي لسٽ ۾ شامل آهي، جيڪي موسمي تبديليءَ جي حوالي سان وڌيڪ نقصان ڀوڳيندڙ ملڪ آھن. گذريل ڪجهھ ڏھاڪن کان نھ فقط ٻوڏن جو سلسلو شروع ٿيو آھي پر پاڪستان ۾ ھيٽ ويوز يعني گرم ھوائن جا خطرناڪ اثر پڻ شروع ٿيا آھن. سنڌ جي ڪجھه علائقن ۾ تھ گرمي پد 52 ڊگري سينٽي گريڊ تائين پھچندو آھي. موسمي تبديلين جو اثر رجندڙ گليشيئر جي ڪري ڪوسٽل ايراضي وارن علائقن لاءِ ھڪ وڏي خطري کي جنم پڻ ڏئي رھيو آھي، جنھن بابت رپورٽون اھي آھن ته سال 2060ع ڌاري ڪراچي ۽ ان جي ڀروارا ٻيا ساحلي علائقا مڪمل طور تي سمنڊ جي پاڻي جي چاڙهه ۾ اچي سگھن ٿا. اھڙي عمل سان نه فقط انڊس ڊيلٽا متاثر ٿيندي پر منجھس جنم وٺندڙ ميرين لائيف ۽ ان تي ڀاڙيندڙ فشريز طبقو پڻ متاثر ٿيڻ جو خدشو ظاھر ڪريو پيو وڃي.
اھڙي صورتحال کي ذھن ۾ رکندي سنڌ حڪومت ۽ وفاقي حڪومت کي ھنگامي بنيادن تي فلڊ فائيٽنگ پلان تي ھڪ ڀيرو ٻيھر غور ويچار ڪرڻ گهرجي ۽ فوري طور تي سنڌو جا قديمي قدرتي وھڪرا بحال ڪرڻ لاءِ ڪا حڪمت عملي جوڙڻ گهرجي. موسمي بگاڙ کي روڪڻ لاءِ وڻڪاريءَ کي ھٿي وٺرائي. صوبي ۾ موجود سولر ۽ ونڊ انرجي جي پوٽينشل کي استعمال ۾ آڻي، ڪوئلي تي ھلندڙ پاور پلانٽس ۽ فاسل فيول جو متبادل ڳوليو وڃي. صوبائي ڊساسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽيءَ کي وڌيڪ مضبوط ڪري ضلعي ڊزاسٽر منئيجمينٽ اٿارٽيءَ جي آفيس ۽ عملو ضلعي انتظاميھ کان الڳ ڪيو وڃي. صوبائي ڪلائيميٽ پاليسيءَ تي صحيح معنيٰ ۾ عمل ڪرايو وڃي. اين جي اوز کي ريگيوليٽ ڪرڻ لاءِ مختلف قانون ۽ پاليسيز ٺاھڻ بدران صوبائي سطح تي ٺاھيل ڪميشن کي اختيار ڏنا وڃن ۽ ھڪ بھتر ماحول ڏئي غيرسرڪاري ادارن ۾ ڦھليل بي چينيءَ کي ختم ڪيو وڃي. بين الاقوامي ادارن کي پاڪستان ۾ ڪم ڪرڻ لاءِ آماده ڪيو وڃي ۽ کين ڪم ڪرڻ لاءِ سھوليتون پيدا ڪري ڏنيون وڃن.