سنڌ ۾ 25 سالن کان به اڳ اخبارن ۾ ان بحث جنم ورتو هو، جنهن جو عنوان هو ”نيٺ ڇا ڪجي؟“
اهو بحث اٿيو. ان ۾ ڪيترائي ڪارائتا ۽ دلبر دليل آڏو آيا. پر اهو بحث ڪو نتيجو ڏيڻ کان سواءِ ائين ختم ٿي ويو، جيئن مند گذرڻ کان پوءِ وڻ ۾ ٽنگيل ميوو مرج پوندو آهي. پر ڇا اهو ”مند“ وارو مثال درست آهي؟ منهنجي خيال ۾ نه. ڇو ته سنڌ ۾ سالن کان وٺي هڪ ئي سماجي ۽ سياسي موسم موجود آهي. سيارا ۽ اونهارا ايندا ويندا رهيا. پر حالتن جي حوالي سان اڄ به ان موسم جي آغوش ۾ آهيون، جنهن موسم جي اکين ۾ آنسو ۽ چپن تي اهو سوال آهي ته ”نيٺ ڇا ڪجي؟“
اڳين ڀيري يعني 25 يا 27 سال اڳ ۾ ته اهو هڪ دانشوراڻو بحث هو پر هاڻي ته سنڌي عوام جي موجوده صورتحال ان سوال جو عڪس بڻجي وئي آهي ته ”نيٺ ڇا ڪجي؟“
هن وقت اهو سوال ايترو ته اڻٽر ٿي ويو آهي جو اسان چاهڻ جي باوجود به ان سوال کان پنهنجي سوچ جو گريبان ڇڏائي نه ٿا سگهون. ڇو ته هن وقت هڪ ڪروڙ کان وڌيڪ سنڌي ماڻهو دربدر آهن. هو رڳو دربدر ناهن پر اهي بي گهر بکايل به آهن. انهن ماڻهن جي لڄن جي لڱن مٿان پسيل، ڦاٽل ۽ چيهون ٿيل چوليون آهن. انهن جا ٻار ٻري ۾ ٻري رهيا آهن. انهن جيڪو پنهنجي گذر بسر جو نسل در نسل سلسلو جوڙي رکيو هو. اهو ڪجهه ڏينهن ۾ پاڻيءَ ۾ لڙهي ويو. هو پنهنجيون عزتون، پنهنجن وڏن جون قبرون ۽ پنهنجي هجڻ جون نشانيون ڇڏي صرف سر بچائي ٻاهر نڪتا آهن ۽ جتي پهتا آهن، اتي به سواءِ ظلم ۽ ذلت جي ڪجهه ناهي. انهن کي ڪيمپن ۾ ائين رهايو ويو آهي، جيئن جانور به نه رهن.
اها حقيقت آهي ته ڪٿي ڪٿي هلندڙ ڪيمپون بهتر طرح سان آپريٽ ڪري رهيون آهن پر انهن جو تعداد ۽ انهن جو مقدار اٽي ۾ لوڻ برابر به ناهي. سنڌ ۾ سوين نه، هزارين به نه پر لکين سهاڳ خاتون ۽ نشائون آهن. پر اهي بدقسمتيءَ سان سوشل ميڊيا تي اچي سنڌ جي اندر ۾ چهنڊي بڻجي نه سگهيون آهن. ان ڪري انهن جي لاءِ نه ڪنهن اجرڪ آندو آهي ۽ نه انهن کي ڪنهن پوتي پارائي آهي. نه بسڪوٽ نه ٽافي ۽ نه ڪيمپ جي تنبوءَ ۾ دل وندارئڻ جي لاءِ ڪا پلاسٽڪ جي گڏي!
هڪ طرف قوم جي متاثر ماڻهن جو اهو حال آهي ۽ ٻي طرف تعليم جهڙي اهم شيءَ مستقل طور تي برباد ٿي رهي آهي. ٻوڏ سٽيل ماڻهو سرڪاري اسڪولن ۾ ويٺا آهن ۽ ٻار ڪتاب وسارڻ لڳا آهن. استادن جون تنظيمون شرمناڪ خوشيءَ ۾ خاموش آهن. اهي جيڪي پنهنجي تر جيتري مفاد لاءِ سي ايم هائوس سامهون سٽبا ڪٽبا آهن، اهي تعليم کي پهچندڙ ايتري عظيم نقصان تي ائين ماٺ آهن، جيئن انهن جو ته اچي نه وڃي.
ان زخم مٿان سنڌ سرڪار جي سرواڻ پنهنجي پر ۾ حقيقت پسنديءَ جو لوڻ ٻرڪيندي چيو آهي ته پاڻي نڪرڻ ۾ ٽن کان ڇهه مهينا لڳي ويندا. جڏهن سرڪار فرمايو آهي ته ٽي کان ڇهه مهينا ته معنيٰ پڪ سان سال سوا! ان جو مطلب اهو ٿيو ته هي ماڻهو سمورو سال سرڪاري گهٽ خيراتي ٽڪرن تي پنهنجي وقار کي وڃائي پيٽ پاليندا؟ ان وقت تائين ته اهي پني کائڻ جا عادي ٿي ويندا. ڇا سرڪار سنڌ جهڙي باوقار ۽ شاندار تاريخ جي مالڪ قوم کي گداگرن واري قوم ۾ تبديل ڪرڻ جو پڪو پهه ڪري رکيو آهي؟ ڇا سال سوا تائين اسڪولن مان نڪتل ٻار انڌي منڊي تعليم کان به عاري بڻجي جهالت جي تاريڪ غفائن ۾ غرق ٿيڻ لاءِ ڇڏيا ويندا؟ ڇا اهو ڪجهه ٿيندو رهندو ۽ آهستي آهستي اسان به ان جا عادي ٿي وينداسين؟ هي سڀ ڪجهه اهو ٿي رهيو آهي، جيڪو سنڌي قوم سان تاريخ ۾ ڪڏهن به ڪو نه ٿيو هو. تاريخ ۾ سنڌي قوم سدائين حملن جي هيٺ رهي آهي پر هر ڀيري وري ٻيهر وقار سان پنهنجا پير پنهنجي ڌرتيءَ تي کپائي جيئڻ جا ڪامياب جتن ڪندي رهي آهي. پر هن ڀيري واري صورتحال ايتري ته ڀيانڪ آهي جو اسان ان باري ۾ سوچي به پريشان ٿي وڃون ٿا. هن ڀيري سنڌ جي مٿان هر طرف کان وار ٿي رهيا آهن. هن مهل سنڌ:”کائون ڪدهر جي چوٽ، بچائون ڪدهر ڪي چوٽ؟“ واري حالت ۾ آهي. اڳ ۾ ته صرف دانشورن جي دماغ ۾ اهو سوال گونجيو هو ته ”نيٺ ڇا ڪجي؟“ هن وقت ته هر طرف کان اهو سوال پوري شدت سان پڪاري رهيو آهي ته ”نيٺ ڇا ڪجي؟“
سنڌي عوام جو وجود جهڙي طرح هن وقت خطري ۾ آيو آهي، اهڙي مشڪل گهڙي هن مٿان ڪڏهن نه آئي هئي ۽ وڏي ڳالهه ڪنهن کي اهڙي آفت جو ڪو انديشو به نه هو، جڏهن ته هجڻ کپندو هو. ڇو ته ڪنهن به قوم جي مٿان ڪا مشڪل مهل اچي سگهي ٿي. دنيا جون هوشيار ۽ سمجهدار قومون ان جو به بندوبست ڪري ويٺيون آهن ته جيڪڏهن ڌرتيءَ مٿان ڪا فطري آفت اچي ته ڪجهه سالن جي لاءِ تهه خانن ۾ گهڙي جياپي جو سهارو ڪيئن حاصل ڪجي؟ جڏهن ته اسان جي حڪمرانن وٽ سڀاڻي جي سوچ به نه هوندي آهي. ساڳيو حال عوام جو آهي. جيڪڏهن عوام جو اهو حال نه هجي ها ته هن جو اهڙو حشر به نه ٿئي ها. اڳين دور جون حالتون ڪجهه ٻيون به هيون پر هن دور ۾ بري سرڪار عوام کي سندس ملندڙ غلطيءَ جي سزا سمجهڻ گهرجي. جيڪڏهن گذريل 14 سالن کان وٺي سنڌ جا ماڻهو موجوده حڪومت جي ڀاري پيرن هيٺان چيچلائي رهيا آهن ته ان جو طعنو تاريخ پاران انهن کي ئي ملندو.
هن دور جو حشر اهو آهي ته جڏهن سوشل ميڊيا تي ڪي سيبتا ماڻهو سياسي طور تي سنڌي ماڻهن کي ڪي بهتر صلاحون ڏين ٿا ته ڪجهه نه پر ڪافي هوشيار سنڌي انهن کي سڌو سنئون چون ٿا ته ”جڏهن چونڊون اينديون ته ووٽ وري به ساڳي سرڪاري پارٽيءَ جي پاند ۾ پوندو“ ڇا ان کان وڌيڪ رحم جوڳي حالت ڪنهن به قوم جي ٿي سگهي ٿي؟
هن وقت جڏهن عوام جو حشر اهو آهي ۽ جڏهن هن مٿان حڪومت جو حال اهڙو آهي ته ان صورت ۾ ”نيٺ ڇا ڪجي؟“ وارو سوال ڪيترو نه بامعنيٰ بڻجي وڃي ٿو؟ هن ڀيري اهو سوال ايترو ته اهم ٿي ويو آهي، جيترو اهم اڳ ڪڏهن به نه ٿيو هو. ڇو ته اهڙو حشر هن قوم جو ڪڏهن ٿيو به نه هو ۽ جڏهن ته ان کان وڌيڪ برو حشر ٿيڻ جا بندوبست رستي ۾ هجن ته پوءِ ”نيٺ ڇا ڪجي؟“ وارو سوال هنگامي بنيادن تي سوچڻ ۽ نه صرف سوچڻ پر تمام اهم ۽ بنيادي نوعيت جا فيصلا ڪرڻ جي لاءِ اسان جي مٿان پورو دٻاءُ وجهي ٿو.
اسان کي ان سلسلي ۾ اهو به سمجهڻ گهرجي ته جهڙي ريت پاڻ ان سوال تي پنهنجي ماڻهن جي حوالي سان سوچي رهيا آهيون، ساڳي طرح سان اسان جا سفاڪ حڪمران پنهنجي ٻڏندڙ سياست کي تارڻ جي سلسلي ۾ به ساڳي سوال تي سوچي رهيا آهن ته ”نيٺ ڇا ڪجي؟“ ان جو مطلب اهو ٿيو ته هن وقت حالتن اسان کي اهڙي موڙ تي پهچايو آهي جو عوام ۽ حڪمران ٻيئي ساڳي سوال سان واڳجي ويا آهن. هن وقت سچ پچ ته اهڙي صورتحال آهي، جهڙي صورتحال جو منظر اياز پنهنجي هن هائيڪو ۾ پيش ڪيو هو ته:
”ڏکڻ کان طوفان اچي ٿو
آقا ٻانهو ٻيئي ڏڪن ٿا
ڏسجي ڪير بچي ٿو؟“
هڪ طرف اسان کي پنهنجي عوام ۽ پنهنجي قوم جي جياپي جو فڪر آهي ۽ ٻي طرف حڪمران طبقا پنهنجي سفاڪ سياست کي بچائڻ جي لاءِ هٿ پير هڻندي سوچي رهيا آهن ته ”نيٺ ڇا ڪجي؟“
ماڻهن جي مزاج کي سمجهڻ جي لاءِ هن ڀيري حڪمران ڌر هڪ شوشو ڇڏيو آهي ته ”سنڌ جي موجوده وڏي وزير کي تبديل ڪيو پيو وڃي“ ان شوشي تي عجيب شور برپا ٿي ويو آهي ۽ مجموعي طور تي ماحول مراد شاهه جي حق ۾ محسوس نه پيو ٿئي.
ڇا اهڙي حالت ۾ ان قسم جي خيال جي حمايت ڪرڻ گهرجي ته سنڌ جو چيف منسٽر مٽايو وڃي؟ ان جو مطلب اهو ٿيو ته سنڌ سان جيڪو ڪجهه به ٿيو آهي، ان ۾ حڪمران پارٽيءَ جو ڪو هٿ پير نه آهي، سمورو ڏوهه مراد علي شاهه جو آهي. ان ڪري مراد علي شاهه کي صفائيءَ سان نڪرڻ جو رستو ڏئي هن کي به بچائجي ۽ پاڻ کي بچائجي ۽ پنهنجي سياست به بچائجي! معنيٰ ته هڪ ڌڪ سان ٽي نشانا چٽي وٺجن.
هوشيار ۽ حرفتي حڪمران هميشه ائين ڪندا رهندا آهن. هو سدائين پنهنجي پاپن جو بار به ڪنهن هڪ ماڻهوءَ مٿان وجهي، هن کي قربانيءَ جو ٻڪرو بڻائي پاڻ کي بچائي وٺندا آهن. ان حوالي سان هن ڀيري حڪمران قوت کي ڪنهن به اهڙي چالاڪيءَ جو دڳ نه ڏيڻ گهرجي. ڇو ته مراد علي شاهه پنهنجي ڪرپٽ ۽ نااهل ڪرت ۾ اڪيلو ۽ تنها نه آهي. هن جو هر عمل حڪمران ڌر جي اشاري تي ٿيل آهي. ان جا ثبوت به آهن. مراد علي شاهه ته ماسڪ آهي، ان نقاب جي پويان اصل قوت ته اها ئي آهي، جنهن جي لاءِ وڏي فخر سان نعرو هڻي چيو ويندو هو ته ”هو سڀ تي ڀاري آهي“
سنڌ سان جيڪو ڪجهه به ٿيو آهي ان جو الزام صرف هڪ فرد تي هڻڻ بذات خود تمام وڏي چالاڪي ۽ عياري آهي. اصل ۾ هو سڀ هڪ آهن. هو سڀ ان صورتحال جا ذميوار آهن. سنڌ جو جيترو به نقصان ٿيو آهي، ان ۾ هر ظاهر ۽ ڳجهو حڪمران ملوث آهي ۽ انهن سڀني جو سياسي احتساب ٿيڻ ضروري آهي ۽ ٿيڻ گهرجي. باقي جيستائين ان سوال جو تعلق آهي ته ”نيٺ ڇا ٿيڻ گهرجي؟“ ته ان سلسلي ۾ حالتن جي تقاضا اهائي آهي ته جتان جتان اها ان سوال جي صدا اڀري ٿي ته ”نيٺ ڇا ڪجي“ اتي اتي جي صورتحال جي پيش نظر سوچي سمجهي فيصلا ڪرڻ گهرجن. مجموعي طور تي ڪنهن به ڪوڙي ۽ ڪرپٽ مٿان رحم نه کائڻ گهرجي. ڇو ته عوام جي پنهنجي حالت بنهه رحم جوڳي آهي.