ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

جنسي تشدد بابت پڌري ٿيل رپورٽ

Editorial

رياست جي ڪن ٻين ذميوارين مان هڪ ذميواري شهرين کي تحفظ ڏيڻ پڻ آهي. پر پاڪستان ۾ شهري ان کان محروم آهن. پوليس توڙي ٻيا قانون لاڳو ڪندڙ شهرين کي تحفظ ڏيڻ کان محروم لڳا پيا آهن. ٻار هڪ اهڙو طبقو آهي، جنهن کي تحفظ جي وڌيڪ ضرورت هوندي آهي. پر اسان وٽ سڀ کان وڌيڪ غيرمحفوظ ٻار ئي آهن. اهي جنسي تشدد جو شڪار ٿين ٿا، انهن تي جسماني تشدد ڪيو وڃي ٿو ۽ ان کان سواءِ اهي ذهني تشدد کي پڻ ڀوڳين ٿا. اهڙي ريت اهي ٻارڙا هر حوالي سان عدم تحفظ جو شڪار رهن ٿا. سنڌ ۽ ملڪ جي ٻين ڪيترن ئي حصن ۾ ٻار جنسي تشدد جو آسانيءَ سان شڪار ٿي ويندا آهن. جنسي ڏاڍائيءَ کان پوءِ انهن کي قتل ڪرڻ جا واقعا به رپورٽ ٿيندا رهندا آهن. پر ان کان پوءِ ڇا ٿيندو آهي؟ اهي واقعا رپورٽ ته ٿيندا آهن پر جيڪي انهن واقعن جا ذميوار هوندا آهن، انهن لاءِ ڄڻ ته قانون آهي ئي ڪونه. ڪي ايڪڙ ٻيڪڙ ڪيس هوندا آهن، جن ۾ ڏوهارين کي سزا ملندي آهي پر گهڻي ڀاڱي اهڙا ڪيس هوندا آهن، جن ۾ ڏوهارين کي ڇوٽ ملي ويندي آهي. ڪالهه اهڙي ئي هڪ ڇرڪائيندڙ رپورٽ سامهون آئي آهي، جنهن ۾ جنسي تشدد جو شڪار ٿيل ٻارڙن جا انگ اکر ڏنا ويا آهن.
پاڪستان ۾ ٻارڙن تي جنسي تشدد جا واقعا وڌي رهيا آهن. هلندڙ سال جي گذريل 6 مهينن ۾ 2 هزار کان وڌيڪ ٻارڙن تي جنسي تشدد ڪيو ويو. ٻارڙن تي جنسي تشدد کي ٻنجو ڏيڻ لاءِ ڪم ڪندڙ هڪ غيرسرڪاري تنظيم جي رپورٽ موجب جنوريءَ کان جون 2022ع دوران 2211 ٻارڙن تي جنسي تشدد ڪيو ويو. 1207 ٻارڙيون جڏهن ته 1004 ٻارڙا جنسي تشدد جو شڪار ٿيا. ٻارڙن تي روزانو جنسي تشدد جا 12 واقعا پيش آيا. 21 ٻارڙن ۽ ٻارڙين تي مدرسن ۾ جنسي تشدد ڪيو ويو، اسپتال، هوٽل، ڪار، ڪلينڪ، ڪاليج، فيڪٽري، جيل پوليس اسٽيشن، شادي هال، قبرستان ۽ ٻين ڪيترن ئي هنڌن تي ٻارڙن جنسي تشدد ڪيو ويو، هلندڙ سال جي پهرئين ڇهن مهينن اندر ٻارڙن تي جنسي تشدد جا سڀ کان وڌيڪ واقعا پنجاب صوبي ۾ 1564، سنڌ ۾ 338، بلوچستان ۾ 23، اسلام آباد ۾ 199، خيبرپختونخواه ۾ 77، جڏهن ته آزاد ڪشمير ۾ 10 رپورٽ ٿيا. متاثرن ۾ 55 سيڪڙو ٻارڙيون جڏهن ته 45 سيڪڙو ٻارڙا آهن. 39 واقعن ۾ ويجها مائٽ، 409 واقعن ۾ اڻ سڃاتل ماڻهو ملوث هئا. جڏهن ته 63 واقعن ۾ ويجهن مائٽن ٻارڙن تي جنسي تشدد ڪيو. جنسي تشدد جي واقعن ۾ 11 کان 15 سالن جي عمر جا 715 ٻار، جڏهن ته 401 واقعن ۾ 6 کان 10 سالن جي عمر جا ٻار نشانو بڻيا، ٻارڙن تي جنسي تشدد جا 1961 واقعا پوليس وٽ رپورٽ ٿيا آهن. رڳو ڇهن مهينن ۾ 2211 ٻارن جو جنسي تشدد جو شڪار ٿيڻ هڪ وڏو انگ آهي. ان جو مطلب اهو آهي ته هن سال جي پڄاڻي تائين اڃا هزارين ٻار جنسي ڏاڍائيءَ جو شڪار ٿي سگهن ٿا. هن رپورٽ مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته ملڪ جا سڀئي ٻار ڪيترا غيرمحفوظ آهن، اهي نه گهرن ۾ محفوظ آهن، نه مدرسي ۾ ۽ نه ئي وري ڪنهن ٻئي تعليمي اداري ۾ پاڻ کي جنسي تشدد کان بچائي سگهن ٿا. حڪومت پاران قانون ته جوڙيل آهن پر انهن قانونن وسيلي ٻارڙن کي ڪهڙي ريت بچائي سگهجي ٿو. ڪهڙي ريت انهن کي تحفظ فراهم ڪري سگهجي ٿو. هن صورتحال ۾ حڪومت کي اکيون پٽڻ گهرجن. هي انساني زندگين جو معاملو آهي. تنهنڪري انهن واقعن کي روڪڻ لاءِ قانون تي عملداري ضروري آهي. پر لڳي ائين ٿو ته حڪومت ٻارن تي ٿيندڙ جنسي تشدد کان لاتعلق آهي.

اسين سمجهون ٿا ته هيءَ هڪ سنجيده معاملو آهي. ٻارن کي جنسي تشدد کان بچائي سندن زندگيون بچايون وڃن. ٻي صورت ۾ اهو سلسلو جيئن جو تيئن هلندو رهندو ۽ جنسي ڏاڍائيءَ جو شڪار ٿيندڙ ٻارڙن جو انگ پڻ وڌندو ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button