دنيا جي قديم تھذيب ميسوپوٽيميا ۾ جيئن ته ڪا وڏي رياست نه هئي، ان ڪري شھر ئي رياستن جو نمونو هئا پر ان کان پوءِ ميسوپوٽيميا جي اوڀر ۾ “بابلي” نالي هڪ قوم جنم ورتو ۽ اها هڪ تهذيب طور سڃاپجڻ لڳي. هنن شهري رياستن جا تختا اونڌا ڪري هڪ بادشاهت جو بنياد وڌو. اهو 1792 ق.م جو دور هو، اهڙي سلطنت جو بنياد رکندڙ پهريون بادشاهه “حمورابي” هو. (هن تهذيب کي بابلي ان ڪري چيو وڃي ٿو ته هن جي گاديءَ جو هنڌ “بابل” شھر هو).
دجله جي ڪناري ان وقت نينو ۽ نمرود نالي مشھور شھر موجود هئا، جيڪي پڻ هن رياست جو حصو ٿيا.
جيتوڻيڪ بابلي تهذيب سميري تهذيب کي قبول ڪندي اڳتي وڌي ۽ حمورابي جي دور ۾ طاقتور تهذيب ٿي اڀري پر ان جي موت پڄاڻان ان تهذيب کي تهس نهس ڪيو ويو. ان تهذيب جي باقيات مان جيڪا اهم شيءِ ملي آھي، اها حمورابي قانون آھي جيڪو اڃان تائين لکت جي صورت ۾ موجود آھي.
دنيا ۾ ڪيترائي اهڙا قانون آھن، جن جو تعلق مذهب سان يا کڻي بادشاهن سان هو، اهي لکت جي صورت ۾ ملن ٿا پر حمورابي جي قانون کي دنيا جو سڀ کان پهريون قانون چيو وڃي ٿو. حمورابي پنهنجي تهذيب ۾ انصاف ڪرڻ ٿي گهريو ۽ ان ڪري ئي هن اعلان ڪرايو هو ته “جنهن به ماڻهوءَ سان ظلم ٿئي ۽ هو ان خلاف آواز اٿارڻ چاهي ته اهو منهنجي خيمي اڳيان لڳل قانوني چارٽر پڙھي.”
سائين جي ايم سيد پنهنجي جڳ مشھور ڪتاب “جيئن ڏٺو آھي مون” ۾ مذهبي تاريخ تي تبصرو ڪندي لکي ٿو ته ماڻھو وحشيانه دور کان ڪجهه شين بابت وسوسن ۽ ڊپ وارو عقيدو رکندا هئا ته وري ڪن شين ۾ چڱائيءَ جو عقيدو پڻ رکندا هئا ۽ پوءِ وقت سان گڏ ان دور جو مذهب به ماڻھن کي سائيڪالاجيڪل طور مطمئن رکڻ لاءِ انهن شين کي يا حلال يا حرام جو درجو ڏيندو هو ۽ ائين ماڻھو انهن ساڳين وسوسن کي مذھب جو حصو سمجهندا رهيا ۽ اهي شيون پوءِ ڪير به مذھب کان ڌار نه ڪري سگهيو. سائين جي ايم سيد اتي سوئر جي حرام هجڻ ۽ ڪجهه ٻين شين جا مثال ڏئي ڳالهه سمجهائي پڻ آھي.
۽ ڊاڪٽر مبارڪ جي ڪتاب “تهذيب ڪي ڪهاني ڪانسي ڪا زمانه” ۾ جڏھن حمورابي جي لکيل قانون تي نظر وجهنداسين ته اتي به سائين جي ايم سيد واري ڳالهه جي ڪنهن قدر تصديق ٿيندي نظر ايندي.
حمورابي جي قانون ۾ ماڻھن کي غلام بڻائي قرضن عيوض وڪڻڻ کي جائز رکڻ کان وٺي، قتل جو بدلو قتل، اک جي بدلي اک ۽ ٻيا ڪيترائي قانون آھن، جيڪي پوءِ ايندڙ مذهبن پنهنجو حصو ڪري ڇڏيا.
جيئن ته ان وقت ڪرتا ڌرتا جا مالڪ بادشاهه هوندا هئا. ان ڪري قانون به انهن جي مرضي موافق ٺھندا هئا، پر تاريخ ۾ اها ڳالهه معلوم ٿئي ٿي ته ان هٺ ڌرمي کي ميگنا ڪارٽا واري چارٽر مليا ميٽ ڪري ڇڏيو. اهو چارٽر 1215ع ڌاري ڪنگ جوهن جي دور ۾َ لکيو ويو ۽ اهو عوام تي ٿاڦيل اجاين ٽيڪسن ۽ بادشاهه جو حرف آخر هجڻ خلاف بغاوت جو نتيجو هو،
بهرحال حمورابي جي قانون تي سرسري نظر وجهبي ته ان ۾ ملازمن جي پگهارن، شادين ۽ طلاقن، طبيبن جي فين، واپاري ڏي وٺ، زمينن جي ورهاست کان ويندي غلامن جي ورهاست ۽ قرضن بابت به قانون سازي ٿيل هئي.
اهو قانون 282 شقن تي مشتمل هو. جنهن مان ڪجهه شقون هتي مثال طور ڏجن ٿيون:
1: ڪا عمارت اڏاوتي ڪم دوران ڪري پئي ته رازو اها عمارت ٻيهر پنهنجي خرچ سان ٺاهي ڏيڻ جو پابند هوندو.
2:جيڪڏهن قاضي/ جج فيصلو غلط ڪندو ته اهو سدائين ملازمت کان فارغ ڪيو ويندو.
3:ڪوڙي شاهدي ڏيندڙ کي قتل ڪيو ويندو.
4:جيڪڏھن مقروض قرض نه ٿو ڏئي سگهي ته ان جي زال ۽ اولاد غلام بڻايا ويندا.
5:چوري جي سزا موت آھي.
ڊاڪٽر مبارڪ لکي ٿو ته حمورابي جي انهن مقرر ڪيل سزائن ۾ سختي فقط عام ماڻھن لاءِ هئي، بادشاهه ۽ ان جي چوڌاري رھندڙ ماڻھن تي اهو قانون لاڳو هوندو هو ۽ ان قانون ۾ ملڪيت جي ورثي جو مالڪ فقط مرد کي ڏيکاريو ويو هو، عورتون مڪمل طور نظر انداز ٿينديون رهيون.
بابلين تعليم تي وڌيڪ ڌيان ڏنو ۽ مندرن جي پاسي ۾ اسڪول به قائم ڪيا هئا، جتي ڇوڪريون توڙي ڇوڪرا تعليم حاصل ڪري سگهندا هئا.
ڊاڪٽر مبارڪ ميسوپوٽيميا جي هنن ٻنهي تھذيبن تي مختصر تبصرو ڪندي لکي ٿو ته “هن دور جي وڏي ڪاميابي اها هئي جو هنن رسم الخط تي ڌيان ڏنو ۽ ان سان هنن جي تهذيبي تاريخ محفوظ ٿي وئي ۽ انهن ابتدائي قانون پڻ ٺاهيا جن ۾ سماج جي اهم ۽ بنيادي مسئلن جو حل موجود هو.
اها بابلي تهذيب ئي هئي جنهن علم فلڪيات تي ڌيان ڏنو ۽ ان جو ئي نتيجو هو جو انهن 1000 ق .م ۾ چنڊ گرهڻ جي اڳڪٿي به ڪئي هئي.
ڊاڪٽر مبارڪ علي هن ڪتاب ۾ مصري تهذيب بابت به هڪ باب رکيو آھي.
مصر تي 1798ع ۾ جڏھن نيپولين ڪاهه ڪئي ۽ فتح حاصل ڪيو ته هو آثار قديمه جي ماهرن ۽ تاريخدانن کي مصر وٺي آيو ۽ مصر جي قديم تهذيب جي ڳولا لاءِ کوٽائي شروع ڪرائي ۽ اتان جيڪي مهرون يا تاريخي نودارات هٿ آيا سي پاڻ سان گڏ فرانس کڻي ويو ۽ اهي پيرس جي ميوزم ۾ اڃان به محفوظ ٿيل آھن،
ڊاڪٽر مبارڪ موجب مصر ۾ اڃان به پراڻا آثار ڳولڻ لاءِ کوٽائي ڪئي وڃي ٿي ۽ جتي به ڪا اهڙي جڳهه ملي ٿي ان کي يا ته محفوظ ڪيو وڃي ٿو يا نئون شهر آباد ڪري ماڻھن کي رهايو وڃي ٿو. مصر کي عام طور تي نيل درياهه جو تحفو چيو وڃي ٿو ڇو ته اتي زراعت گهڻي ٿيندي هئي ۽ ان حوالي سان اها تھذيب شاهوڪار تهذيب ليکي وڃي ٿي پر ڏٺو وڃي ته درياهه کان وڌيڪ انهن ماڻھن جي جفاڪشيءَ جو ان تهذيب ۾ وڏو هٿ هو.
مصر ۾ ٽامو جام ملندو هو پر ان وقت جا ماڻھو ان کان واقف نه هجڻ ڪري ان کي پٿر تصور ڪندا هئا. مصر ۾ پڻ بادشاهي راڄ ھو ۽ اتي بادشاهه کي فرعون جو لقب ڏنو ويندو هو، ڊاڪٽر مبارڪ جي بقول مصر جا بادشاهه غريب ماڻھن تي وڏو ظلم ڪندا هئا ۽ اهي پاڻ کي خدا تصور ڪندا هئا. ڏٺو وڃي ته قرآن پاڪ ۾ به انهيءَ ڳالهه ڏانهن اشارو ملي ٿو ۽ وقت جي فرعون جو بني اسرائيل تي ظلم ۽ پوءِ حضرت موسيٰ عليه السلام جي بغاوت جو پڻ قرآن ۾ تفصيل سان بيان موجود آھي.
(هلندڙ)