سنڌ هن وقت تمام گهڻي اذيت مان گذري رهي آهي. سنڌ لاءِ هڪ هڪ ڏينهن عذاب آهي. ڇو ته لکين سنڌي ماڻهو پنهنجا گهر گهاٽ ۽ گذر سفر جا وسيلا وڃائي امدادي ڪيمپن ۾ ڌڪا کائي رهيا آهن ۽ انهن مان ڪيترائي سفيد پوش پنهنجن غريب ماڻهن جي گهرن ۾ رهيل آهن، اهڙي طرح سنڌ ۾ ٻوڏ ستايل صرف اهي ناهن، جن جا گهر ٻڏا آهن پر اهي به آهن، جيڪي ٻڏل گهرن وارن کي پنهنجن گهرن ۾ پناهه ڏيڻ جي حوالي سان مجبور آهن. ان صورتحال ۾ سڀ کان اهم سوال اهو آهي ته سنڌ جي شهرن ۽ ڳوٺن مان پاڻي ڪڏهن نڪرندو ۽ زندگي پنهنجي معمول تي ڪڏهن موٽندي؟
هن وقت سوشل ميڊيا تي هر طرف صرف اها دانهن آهي ته ماڻهن کي ماني پهچايو ۽ هڪ حد تائين ماڻهن جي علاج جي سهولت ڏيو. ظاهر آهي ته اهي ٻيئي ڪم تمام گهڻا ضروري آهي. انسان هڪ ڏينهن جي بک برداشت ڪري نه ٿو سگهي پر اهو سلسلو ڪيترو وقت هلندو؟ دنيا جي ڪا به حڪومت لکن ماڻهن کي تمام گهڻي عرصي تائين خوراڪ مهيا ڪري نه ٿي سگهي. ان جي لاءِ حڪومت وٽ رٿابندي هجڻ گهرجي. پر جيڪا حڪومت عوام جي احتساب کان پاڻ لڪندي پئي وتي. جيڪا حڪومت پاڻ خوف جو شڪار هجي. جيڪا حڪومت پاڻ عوام کان روپوش رهڻ تي مجبور هجي. اها حڪومت عوام جا مسئلا ڪيئن حل ڪري سگهندي؟ خاص طور تي ان صورت ۾ جڏهن عوام ۾ تمام گهڻي ڪاوڙ هجي. جڏهن حڪومت وٽ ڪا به حڪمت عملي نه هجي. جڏهن سرڪاري خزانا خالي ٻڌايا وڃن. جڏهن غير ملڪي امداد صرف آسرن جي حد تائين هجي. جڏهن حڪومت وٽ ماهرن جي تمام گهڻي کوٽ هجي. ان صورت ۾ ته زندگيءَ جي بحاليءَ جون اميدون تمام گهڻيون گهٽجي وڃن ٿيون. اسان کي ان سلسلي ۾ سوچڻ گهرجي ته نيٺ اسان اجتماعي ۽ قومي طرح سان ڪهڙي طرف وڌي رهيا آهيون.
اسان جا حوصلا ڀلي بلند هجن پر هن وقت انهن جا حوصلا بلند آهن، جيڪي ماڻهو متاثر نه ٿيا آهن. جيڪي ماڻهو برسات ۽ ٻوڏ ۾ متاثر ٿيا آهن، انهن جو ته سڀ ڪجهه ويو آهي. اسان انهن ماڻهن کي ڪيتري آٿت ڏئي سگهنداسين؟ اسان کي ان سلسلي ۾ سچائي پسند ٿيڻو پوندو. ڇو ته آخر ۾ ڪم به حقيقت پسندي ايندي آهي. هي ڪوئي سياسي جلسو ناهي، جنهن ۾ پهاڙ پرزا ڪرڻ واريون تقريرون ڪرڻ ۾ مزو ايندو آهي ۽ ويٺل ماڻهو به وڏي مزي سان تاڙيون وڄائيندا آهن. هي ته حقيقي طور تي ماڻهن جا اهنج ۽ عذاب آهن. ماڻهو انهن مان هر صورت ۾ نڪرڻ چاهين ٿا پر انهن کي هن وقت تائين اهڙي ڪا واٽ نظر نه ٿي اچي، جنهن تان گذري هو ڪنهن اهڙي پاسي ٿي سگهن، جنهن پاسي تي قوم جو زوال نه هجي.
سنڌي ٻوليءَ جو مشهور پهاڪو آهي ته وڇ ڪلي آهر ڪڏندي آهي. اسان جو ڪلو اسان جي حڪومت آهي. اسان جي حڪومت جو حال اهو آهي ته اها هڪ ته عوام سان منهن ڏئي نه ٿي سگهي ۽ ٻيو ته جيڪو نقصان ٿيو آهي، ان جو ازالو ڪري نه ٿي سگهي ۽ وڏي ڳالهه ته ان سلسلي ۾ هن وٽ نه ته ڪا حڪمت عملي آهي ۽ نه وري اهڙو ڪو حوصلو جنهن مان متاثر ماڻهو ڪنهن حد تائين اتساهه حاصل ڪري سگهن. هن وقت حڪومت جو حال اهو آهي ته اها پاڻ اهو تسليم ڪري رهي آهي ته پاڻي نڪرڻ ۾ گهٽ ۾ گهٽ ڇهه مهينا لڳي ويندا. ڇا ڇهن مهينن تائين ماڻهو گهرن کان محروم رهندا؟ ڇا ڇهن مهينن تائين ماڻهو ڪيمپن ۾ ڌڪا کائيندا؟ ڇا ڇهن مهينن تائين ماڻهو خيراتي مانيءَ تي گذارو ڪندا؟
حڪومت جي لاءِ هن وقت سڀ کان اهم ڪم اهو آهي ته اها سمورو زور پاڻيءَ جي نيڪال تي لڳائي. ان سلسلي ۾ نه صرف سنڌ حڪومت پر وفاقي حڪومت کي به گهرجي ته ماڻهن جا ٻڏي ويل شهر ۽ ڳوٺ پاڻيءَ کان آجا ڪري. ان صورت ۾ ماڻهو پاڻ به ڪجهه ڪوشش ڪندا. آخر انهن کي به پنهنجي زندگيءَ جو سلسلو اڳتي وڌائڻو آهي. ڇو ته ڪيمپن جي زندگي ته تذليل ڀري زندگي آهي ۽ ڪنهن به عزت واري ماڻهوءَ جي لاءِ اها زندگي قابل قبول نه هوندي آهي. جيڪڏهن مصيبت آهي ته پوءِ ٻه چار ڏينهن ماڻهو فٽ پاٿ تي به ڪاٽي ويندو آهي. پر ان جو اهو مطلب هرگز نه وٺڻ گهرجي ته ماڻهو سڀ ڪجهه وساري، پنهنجي عزت نفس کي پائمال ڪري جيئڻ شروع ڪندا. ان حوالي سان اسان کي اها ڳالهه به ذهن نشين ڪرڻ گهرجي ته جيڪو ڪجهه به ٿي رهيو آهي، اهو عارضي نوعيت وارو ڪم آهي. ماڻهن کي هميشه وڏي پئماني تي وڏي سوچ ۽ فڪر وارو ڪم ڪرڻ ۾ ئي سڪون ملندو آهي. جڏهن ته هن مهل ماڻهن جي لاءِ اها مصيبت به تمام وڏي آهي ته هو هن عذاب واري حالت ۾ اڪيلا ناهن. انهن سان گڏ انهن جا معصوم ٻار ۽ انهن جون عورتون به آهن. اهي به ڪنهن نه ڪنهن طرح سان انهن جي لاءِ هڪ قسم جو بار آهن. انهن کي اهو بار ته هر صورت ۾ کڻڻو ئي پوندو. آخر ڪيمپن ۾ ته پوري زندگي ڪاٽي نه ٿي سگهجي.
زندگيءَ جي بنيادي ضرورت ڀلي ماني هجي پر صرف مانيءَ تائين زندگي محدود ناهي. زندگيءَ جون ضرورتون تمام گهڻيون آهن. وڏي ڳالهه اها آهي ته انسان پنهنجي خانداني زندگي ڪنهن به طرح سان ڪيمپن ۾ گذاري نه ٿو سگهي. ان کي هر صورت ۾ ان ماحول مان نڪرڻو پوندو ۽ ان جي لاءِ هن کي حڪومت جو هر حال ۾ تعاون گهربل آهي. جڏهن ته هن حڪومت جو اهو حال ئي ناهي، جيڪو ماڻهن کي مدد کي يقيني بڻائي سگهي. ان جي لاءِ ضروري آهي ته ملڪ جا سمورا ادارا پنهنجا ڪم ٿوري وقت جي لاءِ پوئتي ڇڏي اڳتي اچن ۽ اهڙو ڪجهه ڪري ڏيکارين، جنهن کي هنگامي بنيادن تي ڪم ڪرڻ چئبو آهي. ڇو ته ڀلي هن مهل هر ڪنهن جا ڪم الڳ الڳ هجن پر جڏهن ماڻهو مصيبت ۾ آهن ته پوءِ ملڪ جا سمورا ادارا متاثر ٿيندا. عوام کي عذاب مان ڪڍي، وري پنهنجن پيرن تي بيهارڻ جو ڪم ٿيندو ته ملڪ ۾ نارمل حالتون به ٿينديون. ان کان سواءِ ٻيو ڪجهه به نه ٿي سگهندو.
ماني ماڻهوءَ جي بنيادي ضرورت آهي. ان کان سواءِ ته جياپو ئي ممڪن ناهي. بک کان وڏو عذاب ٻيو ڪو به نه ناهي. اهو ئي سبب آهي ته شيخ اياز پنهنجي هڪ بيت ۾ چيو آهي:
“آهي هر ڪنهن ساهه کي ڳڀي جي ڳولا
ڍوَ بنا ڍولا، ناهي ساڃهه سونهن جي”
اهو سچ آهي ته انسان جي بنيادي ضرورت ماني آهي پر اها به حقيقت آهي ته اها ضرورت پوري ٿيڻ کان پوءِ ٻيون ضرورتون جنم وٺن ٿيون. انسان صرف ماني کائڻ تائين محدود ڪري نه ٿو سگهجي. ماني ضروري ۽ بيحد ضروري آهي پر صرف ماني ڪافي ناهي. مانيءَ کان پوءِ انسان زندگيءَ جي ٻين ضرورتن جو پتو به پڇي ٿو. هن وقت جيڪو ڪجهه شاديون ڪيمپن ۾ ٿيون آهن، انهن مان به اسان کي سکڻ گهرجي. اسان کي سکڻ گهرجي ته انسان هر حال ۾ پنهنجي خانداني زندگيءَ جو سلسلو اڳتي وڌائڻ جي ڪوشش ڪندو رهي ٿو. جڏهن اسان ڏسون ٿا ته ماڻهو ڪيمپن ۾ به شاديون ڪن ٿا ته ڇا هو شاديون ڪري اتي ئي رهڻ چاهيندا؟ ظاهر آهي ته ڪو به خاندان اهو برداشت نه ٿو ڪري سگهي ته هو ڪيمپ ۾ پنهنجي پوري زنگي گذاري ڇڏي. هڪ ته اهو ممڪن ناهي ۽ ٻيو ته اهو به ممڪن ناهي جو هي ملڪ لکن ماڻهن کي پوري زندگي ڪيمپن ۾ رکي سگهي. ماڻهن جون ضرورتون تمام گهڻيون آهن ۽ اهي ضرورتون ماڻهو پاڻ ئي پوريون ڪري سگهن ٿا. ان حوالي سان اسان کي اهو به ذهن نشين ڪرڻ گهرجي ته ماڻهو ڪنهن به طور تي ڪنهن جو غلام رهي نه ٿو سگهي. هن کي پنهنجي آزادي ۽ پنهنجي مرضيءَ واري زندگي گذارڻ جو پورو پورو حق هجڻ به گهرجي ۽ هو ان حق کان سواءِ خوش رهي به نه ٿو سگهي. انسان کي پنهنجي فطرت جو سڀ کان وڌيڪ دٻاءُ هوندو آهي. هو ڪنهن به طرح سان فطرت کان بغاوت ڪري نه ٿو سگهي.
سوشل ميڊيا اسان جي لاءِ هڪ اهڙي دري آهي، جنهن مان اسان گهڻو ڪجهه ڏسي سگهون ٿا. ان سلسلي ۾ اسان کي اهو به پتو پوندو رهي ٿو ته ڪيترائي ٻار ڪيمپن ۾ جنم وٺن ٿا. پر ڇا اهي پوري زندگي ڪيمپن ۾ رهندا؟ انهن کي پنهنجو ڳوٺ، پنهنجو شهر ۽ پنهنجو گهر گهرجي. انهن کي هر صورت ۾ واپس ورڻو آهي. جڏهن ته هن مهل تائين سرڪار ان سلسلي ۾ ڪک به ڀڃي ٻيڻو نه ڪيو آهي. هن وقت تائين ته اڃا ڪٽ لڳي رهيا آهن ۽ نوان شهر ٻڏي رهيا آهن. هن مهل تائين حڪومت پاڻيءَ جو زور ٽوڙي نه سگهي آهي. جڏهن ته اسان کي اهو به خوف ورائي ويو آهي ته جيڪڏهن برساتن جو ٻيو سلسلو آيو ته پوءِ ڇا ٿيندو؟ هيءَ حڪومت ته هن پاڻيءَ مان جند آجي نه ڪري سگهي آهي. جيڪڏهن ٻيو پاڻي آيو ته پوءِ ڇا ٿيندو؟
حڪومتن جا اهي فرض هوندا آهن ته اهي پلاننگ ۽ رٿابندي ڪن ته جيئن زندگي معمول تي موٽي سگهي. جيستائين ڪنهن حڪومت ۾ اهو گڻ ناهي، اها حڪومت حڪومت ڪرڻ جو حق نه ٿي رکي. ڇو ته ملڪ جو مالڪ ٿي ويهڻ ۾ جيڪو مزو آهي، ان مزي جي قيمت اهڙن موقعن تي ادا ڪرڻي پوندي آهي. ان جي لاءِ حڪومت کي مشاورت گهرجي ته هوءَ مشورا وٺي ۽ جيڪڏهن هن کي عالمي مدد گهرجي ۽ ظاهر آهي ته گهرجي ۽ اها مدد هر صورت ۾ حاصل ڪري. ڇو ته هن مهل اسان کي صرف پئسا ۽ مال دولت جي نه پر هر قسم جي مدد جي ضرورت آهي. ان گهڻ طرفي مدد لاءِ اسان کي عالمي برادريءَ جو در کڙڪائڻ گهرجي پر هن وقت تائين اسان جا حڪمران صرف پئسو گهري رهيا آهن. پئسو ضروري آهي ۽ تمام گهڻو ضروري آهي پر پئسو سڀ ڪجهه ناهي. معاشرا تمام گهڻو ڪجهه گهرندا آهن. انهن ۾ پئسو به شامل آهي. عوام کي زندگيءَ جي هر ضرورت گهرجي.