ترڪي جي مشهور ڊرامي ڪورلش عثمان ۾ مالهون خاتون جو ڪردار ادا ڪندڙ اداڪارا يلديز جاگري اتڪسوئي شادي جي ٻنڌڻن ۾ ٻڌجي وئي آهي. ميڊيا مطابق يلديز جاگري ساٿي اداڪار براڪ اوڪتي سان پرڻو ڪيو آهي.
رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي تھ اداڪار جوڙي وڏو عرصو دوستي ۾ رهڻ بعد جي مڱڻي ڪجهه وقت اڳ ڪئي، جن هاڻ شادي بھ ڪري ورتي آهي. جڏهن تھ يلديز جاگري ۽ براڪ اوڪتي جي ڪاڄ ۾ ساٿي اداڪارن جي شرڪت ڪئي آهي.