گلزار پنھنجي ھڪ ترويني ۾ چوي ٿو تھ؛
ڪوئي چادر ڪي طرح کھينچي چلا جاتا ھي
ڪون سويا ھي تلي اس ڪي، جسي ڊھونڊ رھي ھين،
ڊوبني والي ڪو بھي چين سي سوني نھين ديتي!
گلزار جي ترويني ھوبھو انھيءَ ڳالهھ جي عڪاسي آھي، جيڪا ڳالهھ جھڏي مان ايوب کوسي ٻھ ڏينھن اڳ ٻڌائي تھ رات جو سيپٽمبر واري برسات ۾ جڏھن ٻوڏ ستايل ماڻھن جي عارضي اجھن ۾ برسات راڱا ڪري وسڻ لڳي تھ انھن ٻوڏ ستايل ماڻھن جي ٻارڙن ۽ عورتن ۾ رڙيون پئجي ويون ۽ انھن دانھون ڪري روئڻ شروع ڪيو، جو وٽن ان کانسواءِ ٻيو ڪو بھ آپشن نھ ھو. رات جو ھڪ تھ اھي شاخن يا بندن جي ڪڙ تي ويٺا ھئا. ٻيو چئني طرفن کان پاڻي ئي پاڻي ھو. وري مٿان زوردار مينھن وسڻ شروع ڪيو. انھي سموري تباھيءَ جي پٺيان ڪھڙا ھٿ ھئا؟ اھي ھٿ اسان کي ٽن لفظن واري ڪھاڻيءَ ۾ جن دوستن ٻڌايا. انھن تخليقڪارن ۾ ڊاڪٽر طفيل چانڊيو، شيراز احمد، عمر تيوڻو، بلال تبسم، امر کھاوڙ، ديال صحرائي، حزب اللھ سومرو، نديم چاولا، غوث محمد، علي لاشاري، محمد عثمان پلھه، زھرا جوڻيجو، مرتضيٰ ناز، ممتاز جروار، علي حسن احسن چڍڙ ۽ ٻيا شامل آھن.
طفيل چانڊيو لکي ٿو تھ “وڏيرو، ڪامورو ذميوار”، شيراز احمد لکيو تھ “اسان کي ٻوڙيو ويو”، بلال تبسم تھ ھڪ تز ڪھاڻي ۾ ٻڌايو “پاڪستان پيپلز پارٽي”، عمر تيوڻي ٻڌايو تھ “۽ ھنن ٻوڙي ڇڏيو”. امر کھاوڙ لکيو تھ “پنھنجن ٻوڙي ڇڏيو”، مرتضيٰ ناز لکيو تھ “پنھنجا غدار آھن”. ايئن مٿي ذڪر ڪيل تقريبن سڀني ماڻھن لکيو تھ اھا قدرتي آفت يا مصيبت بدران پنھنجن ٻوڙيو آھي. شايد انھن کي پنھنجو چوڻ بھ غلط ٿئي ڇو تھ جيڪي پنھنجي ھوندا آھن، اھي فقط اڄ جو نھ سڀاڻي جو اونو بھ ڪندا آھن، جيئن چوندا آھن تھ اھڙو ڪجھه ڪجي جو وسندي مينھن ۾ ڪم اچي. اھي حڪمران ان ڪري بھ ذميوار آھن جو سنڌ جا سمورا وسيلا گذريل ڪيترن ڏھاڪن کان انھن جي ھٿ وس رھيا آھن. اھي چاھين ھا تھ ھر اداري جي بجيٽ ان اداري تي خرچ ڪن ھا ۽ ماڻھو اجھا، رستا، زمينون، درياهه، پاڻيءَ جا لنگھه اھڙا بڻائين ھا جو ھر مشڪل ۾ ڪم اچي ھا پر انھن ايئن نھ ڪيو. انھن سنڌ کي وکر سمجھي پئي وڪيائون ۽ آخر ۾ ھر ماڻھو پنھنجي حال تي پيو جيئندو ۽ مرندو رھيو.
غلامي: غلامي اھم موضوع آھي جنھن جي نسبت اسان پنھنجي ماضي، پنھنجو حال ۽ پنھنجو مستقبل ڏسي سگھون ٿا. اسان ڇو پنھنجي وسيلن جا وارث نھ آھيون؟ اسان پنھنجن وسيلن کي پنھنجي ڌرتيءَ تي خرچ ڇو نٿا ڪري سگھون؟ اھا اسان جي سماجي غلامي، سياسي غلامي، علمي غلامي ۽ عملي غلامي ئي ڪنھن نھ ڪنھن صورت سامھون اچي ويندي آھي. ٽن لفظن واري ڪھاڻي ۾ حاڪم علي لغاري لکيو تھ “سنڌ قبضي ھيٺ”، ظاھر آھي وڏيرڪي يعني اندروني قبضھ خور ھر ھنڌ وڏيرڪي شڪل ۾ موجود آھن، جيڪي جاگيردار وڏيرا آھن. مير آھن، پير آھن. جيڪي ذھني طور سنڌ کي غلام رکيو ويٺا آھن. ٻيو شھري زندگيءَ کي يوپي ۽ سي پي مان آيل ڌاريا قبضا خور آھن جن کي ھن ملڪ جي وارثن پاران طاقت ۽ اختيار ڏنا ويا آھن تھ توھان ڌرتي ڌڻين کي آزار ۾ وجھي سنڌ جي وسيلن تي قبضا ڪريو. اندروني قبضي خورن سان گڏ ٻاھريون قبضا خور ھن ملڪ جي اشرافيا بھ آھي. ساڳئي نموني محمد يوسف جويي لکيو تھ “ھاءِ غلام سنڌ!!!”. جويو صاحب جو اظھار انتھائي طاقتور اظھار آھي. سنڌ جي مظلوم ۽ غريب ماڻھن جي تصوير ئي سماجي، سياسي ۽ معاشي غلامي واري آھي. گلزار چواڻي؛
جو لکھو گي، گواھي دي دون گا
ميري قيمت تو منھ پر لکھي ھي
“پوسٽل پوسٽ ڪارڊ” ھون مين تو.
سنڌي ماڻھن جو منھن بھ پوسٽل پوسٽ ڪارڊ وانگر آھي، جنھن تي سڄو ڪجھه تحرير ٿيل آھي. جيستائين اجتماعي طور ھيءَ قوم انھيءَ حالت کي پڙھي وٺي ۽ مفھوم سمجھي وٺي تھ ان مفھوم جو عملي ردعمل بھ سامھون ايندو ھڪ ڏينھن.
پيڙائون: ھنن برساتن ۽ ٻوڏ ۾ سنڌي ماڻھن جون پيڙائون اڻ ڳڻيون آھن ۽ ان حوالي سان ٽن لفظن ۾ اڻ ڳڻيون ڪھاڻيون بھ مليون آھن، جن جو جيڪڏھن ويھي ڇيد ڪجي تھ پورا ڪتاب يا ناول لکي سگھجن ٿا. مثال طور شبير پياڪ ٽن لفظن واري ڪھاڻيءَ جو ھڪڙو تسلسل لکيو آھي تھ:
امان مري وئي
بابو ٻڏي ويو
ڀاءُ وڃائجي ويو
آئون بچي ويس
انھن چار ٽن لفظي ڪھاڻين ۾ ھڪ وڏي ڪھاڻي محفوظ ٿيل آھي. جيڪڏھن مٿيان المياتي حادثا ٿيا آھن تھ بچي وڃڻ وارو وجود بچيو ھوندو؟ اھو بچڻ بھ بچڻ آھي يا سو دفعا مري وري جيئڻ آھي؟ ان جو المياتي تصور ئي لڱ ڪانڊاريندڙ آھي جنھن جو مھذب دنيا ۾ تصور ئي نٿو ڪري سگھجي پر اسان وٽ اھي نھ فقط جيئريون جاڳنديون ڪھاڻيون آھن پر اھي اُھي واقعا آھن، جيڪي تازو اسان پنھنجي اکين سان ڏٺا آھن، اسان جي سنڌين اھو درد محسوس ڪيو آھي، انھي درد جي سُرڪ پيتي آھي، انھي ڪرب مان رات ڏينھن گذريا آھن. ايئن عين سحر جي ڪھاڻي “رت ڳوڙھا زندگي”، جيا سيتائي جي ڪھاڻي “سنڌ تڙپندي ڏٺي”، غلام رسول چانڊيي جي ڪھاڻي “سَتُر رُلي ويا”، نوشين اڄڻ جي ڪھاڻي “سور سلجي ڪيترو”، سنجھا پروين طارق جون ڪھاڻيون “زندگي درد ئي درد” ۽ “اڃا جيئون پيا”، ڊاڪٽر طفيل چانڊيي جي ڪھاڻي “لھر لھر لاش” جھڙيون ڪھاڻيون وڏا داستان آھن. انھن مختصر ڪھاڻين جو جيڪو پسمنظر آھي اھو ڇرڪائيندڙ آھي. انھن ڪھاڻين کي جيڪڏھن پيٽنگز ۾ تراشي دنيا ۾ نمائش لاءِ رکجي تھ سڌريل دنيا يقين ئي نھ ڪندي تھ ھيتري سڌريل دنيا ۾ ھھڙا ڪلور بھ اڃا ٿين پيا ۽ ماڻھن جا حال اڃا ھھڙا بھ آھن. اھو بھ انھيءَ قوم جو حال جنھن وٽ تيل بھ آھي، گئس بھ آھي، زرخيز زمينون بھ آھن، دادلو دريا بھ آھي، سھڻو سنڌي سمنڊ بھ آھي. ميدان بھ آھن تھ جبل ۽ ڪارونجھر جون چوٽيون بھ آھن. ٿر جي واريءَ جا سونا ذرا بھ آھن. ڍنڍون بھ آھن، چيڪي مٽي بھ آھي تھ سھڻا منظر بھ آھن. ڪھڙي شيءِ جي کوٽ آھي. جنھن ڪري ھيءَ قوم خوشحال نٿي ٿي سگھي؟ ڪيتريون ڳالھيون ڳڻي ڪيتريون ڳڻجن. وڌيڪ دوستن ٽن لفظن جي ڪھاڻين ۾ زمان جمالي “بک، عشق ادب”، معشوق قاضي “ڌرتي ڌڻي دربدر”، سيد قوت علي “غربت نھ ھجي” سومرو اعجاز “سنڌ سڏڪي پئي” منير احمد جوکيو “اکين ۾ پاڻي” عاصمھ کرل “سنڌ ۽ سور” سارنگ پيرزادو “ٻوڏ امداد روزگار”، سيد منصور “منھنجوگھر ھيو” حاجي ساند “بک وڪامي ٿي”، زاھد گل جمالي “ڇتون نيڻ ٽمن” وغيرو لکي درد ۽ پيڙا جو اظھار ڪيو آھي. ٻين ڪيترن ئي دوستن جھڙوڪ عبدالحفيظ دايو، شنڪر ساگر ميگھواڙ، صوفي منور بليدي وغيره بھ انھي پيڙا کي جيئن چٽيو آھي جو اھا پيڙا اکين اڳيان اچي بيھي ٿي ۽ انسان بي اختيار ٿي وڃي ٿو.
سھائتا: ٻوڏ يا برسات متاثرن جي سھائتا ڪنھن ڪئي ۽ ڪاڏي وئي جي حوالي سان بھ ڪافي دوستن اظھاريو آھي. جھڙوڪ روپ ڪمار لکيو “راشن ڪامورن کاڌو” طفيل چانڊيي بھ ساڳئي نموني سھائتا جي ڳڙڪائڻ جي ڳالهھ ڪئي ۽ سموري سنڌ ان ڳالهھ جي گواه آھي تھ برسات ۽ ٻوڏ جي ڏينھن ۾ جڏھن سنڌ حڪومت سنڌ کي آفت سٽيل قرار ڏنو تھ پنھنجا امدادي خزانا کولي ڇڏيا پر اھي خزانا ڪرپٽ ڪاموري شاھي ۽ وڏيرا شاھي جي حوالي ٿي وئي. راشن جي ھڪڙي ٿيلھي يا بريانيءَ جي ھڪڙي پليٽ لاءِ ماڻھن کي وڙھندي ڏٺو ويو. ھڪٻئي کي ڌڪا ڏيندي ڏٺو ويو ۽ ماڻھن کي دربدري کانسواءِ اڄ ڏينھن تائين ڪجھه بھ ناھي مليو. ماڻھن پاران انھن ماڻھن تي تنقيد بھ ڪئي وئي تھ اھي راشن يا برياني تي ڇو ٿا وڙھن؟ تاريخي طور تي انھن ماڻھن کي ايئن بکيو ۽ بدحال اڇليو ۽ رکيو ويو آھي جو ماڻھن کي ھڪ وقت ويلي ملڻ کانپوءِ ٻئي ويلي جي پڪ نھ ھوندي آھي تھ ڪي اسان جا حڪمران منصف آھن جو سڀاڻي بھ ڳڻي ڏيندا. ان ڪري انھن ماڻھن حڪمرانن جي روش ڪري پنھنجي مذھب پاران ٻڌايل واٽ تھ “روزي يا ماني جو ضامن خدا آھي” تي بھ ڀروسو نھ رھيو آھي، تنھنڪري انھن کي جانورن جيان ٽريٽ ڪيو ويندو رھيو ۽ ماڻھن جي جبلت يعني بک جي جبلت اڀري ٿي آئي جن کي نھ تھذيب جا ڀاشن سٺا ٿا لڳن نڪي انھن نصيحتن تي ڪو ڀروسو رھيو آھي. سنڌ جو شعور دعاڳو آھي تھ اھا بک شل حڪمرانن کي ڳچي ۾ وٺڻ جي انھن ماڻھن ۾ جرئت پيدا ڪري.
اميد ۽ تبديلي: ڪجھه دوستن انھي پسمنظر ۾ اميد ۽ تبديلي جي ڳالهھ بھ ڪئي. جھڙوڪ محمد علي گبول لکيو “نيٺ تھ مرڪندي”، طفيل چانڊيي لکيو “ھاڻي ھنکي ڊاهه”، امتياز پلھه “ھوءَ نيٺ تھ اچڻي آ”، امتياز علي ميمڻ “جوڙيو نئين سنڌ” احمد علي گبول “اڃا جيئون پيا”، وڪرم شيرواڻي “سنڌ جاڳي پئي”، ثمينھ ابڙو “پنو نھ ڪمايو” وغيره انھي اميد جون ڪھاڻيون آھن جن مان ٿورڙي اميد جاڳي آھي تھ شايد ماڻھن کي ھي پيڙا، ھي دربدري، ھي ويڳاڻپ ھي بک ۽ بدحالي ڀانءَ اچي ۽ اھي پنھنجي غلامي جي تجربي مان سکو نئون رستو اختيار ڪري، خود مختيار ٿئي، سياسي، سماجي، معاشي ۽ مذھبي غلامي مان ڇوٽڪاري جو رستو لھي ۽ اڳتي وڌي جيئن آئنده سنڌ واسين کي ھيئن دربدري نھ ڏسڻي پئي. جيتوڻيڪ انقلاب ۽ تبديليءَ لاءِ تمام گھڻي قرباني گھربل آھي پر عزت نفس جي ھي تباھي ۽ قرباني بھ گھڻو سبق سيکاري وئي آھي. شال اسان سنڌ پنھنجي ڌرتي، پنھنجن وسيلن ۽ پنھنجي حق حڪمراني تي ھڪ صفحي تي بيھون ۽ ھڪ آزاد ۽ خودمختيار قوم ٿي، ھن ٻوڏ ۽ تباھي مان اسري جاپاني قوم کان بھ اڳتي وڌون.
(پورو ٿيو)