ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

سياسي منظر نامو

Editorial-Article- Asar Imam

سنڌ ۾ هن وقت به ٻرندڙ مسئلو مِينهن ۽ ٻوڏ جون تباهيون آهن پر مرڪز ۾ اهو مسئلو ايترو اهم ڪونهي جيترو عمران خان، پي ڊي ايم حڪومت، نومبر مهينو، آمريڪي اهلڪارن جون پاڪستاني اهلڪارن خاص ڪري تحريڪِ انصاف جي اهم قيادت سان ملاقاتون آهن. جن کان پوءِ عمران خان صاحب هڪ ڀيرو ٻيهر يو ٽرن ورتو آهي. ٽي ڪروڙ ٽيهه لک کان وڌيڪ ماڻهو متاثر ٿيا آهن. ملڪ جا 81 ضلعا متاثر ٿيا آهن. لڳ ڀڳ 1400 ماڻهو مارجي ويا آهن. سوا لک کن ماڻهو زخمي ٿيا آهن. ساڍا ست لک کان وڌيڪ چوپايو مال ٻڏي مري ويو آهي. 5 لک 65 هزار گهر ڪري پيا آهن. لڳ ڀڳ 12 لک گهر جزوي طور تي ڊٺا آهن. 35 لک ايڪڙن تي بيٺل فصل تباه ٿي ويو آهي. پر پاڪستان جهڙي ملڪ ۾ اها ڪا وڏي تباهي ڪانهي. ڇاڪاڻ ته هتي حڪمرانن کي سدائين اها ڳڻتي رهي آهي ته ڪا نه ڪا تباهي اچي جنهن جي نتيجي ۾ دنيا اسان کي امداد ڏئي ۽ پوءِ ان امداد ۾ ڪرپشن ڪري مزا ماڻيون. اهو ئي سبب آهي جو وڏو وزير فرمائي ٿو ته سنڌ منجهان مينهن جو پاڻي نيڪال ڪرڻ ۾ اڃان ڇهه مهينا لڳي سگهن ٿا. جيڪڏهن اها ڳالهه واقعي درست آهي ته پوءِ ڇهن مهينن کان پوءِ ته ٻيهر مينهن اچي ويندو. يعني حڪمرانن جا مزا ئي مزا. اسان جي حڪمرانن 2010ع جي ٻوڏ ۾ به مينهن جي پاڻيءَ کي مختلف هنڌن تان ڪٽ ڏئي، ڳوٺ ۽ شهر ٻوڙائي درياهه ۾ نيڪال ڪرايو هو، هن ڀيري به ساڳي حالت آهي. 2010ع ۾ گڏيل قومن پاران انجلينا جوليءَ پاڪستان جو دورو ڪيو هو. 2022ع ۾ گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل دورو ڪيو آهي. 2010ع ۾ انجلينا جوليءَ ڪمينٽس ڏنا هئا ته وزيرِ اعظم ۽ سندس آڪهه آيل مهمان سان گڏ فوٽو ڪڍرائڻ لاءِ اتاولا هئا. سٺا ڪپڙا ۽ ڳهه ڳٺا پائي ساڻس ملڻ آيا. هر ڪنهن کي انجلينا سان گڏ سيلفيءَ جو شوق ۽ ڳڻتي هئي.
عمران خان اسٽيبلشمينٽ کي اهو چئي ڌمڪائيندو رهيو آهي ته جيڪڏهن کيس ڀِتِ سان لڳايو ويو ته هُو وڌيڪ خطرناڪ بڻجي ويندو. بعد ۾ هُن اهو به چئي ڏنو ته آصف زرداري ۽ نواز شريف نومبر مهيني ۾ پنهنجي مرضيءَ جو آرمي چيف مقرر ڪرائڻ چاهين ٿا، جيڪو سندن ڪرپشن کي نه روڪي. جيڪو انهن ٻنهي پاران لٽيل ۽ ڦريل دولت بابت پڇا ڳاڇا نه ڪري. جيڪو سندن احتساب نه ڪري. حقيقت اها آهي ته پنهنجي پسند جو آرمي چيف مقرر ڪرڻ جي خواهش هر ڪنهن کي آهي. عمران خان پاڻ به اهو ئي چاهي ٿو جنهن جي شروعات گذريل سال آءِ ايس آءِ چيف جي مقرريءَ وقت ڪري چڪو آهي. هن چاهيو پئي ته آءِ ايس آءِ چيف سندس مرضيءَ جو اچي ته جيئن زرداري ۽ نواز شريف کي سياسي منظرنامي تان هٽائي ايندڙ عام چونڊون به تحريڪِ انصاف کٽي وڃي ۽ پوءِ اوهان ڏٺو ته اها من پسند چيف جي مقرريءَ واري خواهش خان صاحب جو به ٻيڙو ٻوڙي ويٺي. آرميءَ جي هاءِ ڪمانڊ سان اختلافن سبب ايندڙ عام چونڊون کٽڻ ته پري کيس موجوده اقتدار کان به محروم ٿيڻو پئجي ويو. پهريان جنرل باجوه تي ناراضگي هئي ته اهو عمران خان خلاف عدم اعتماد جي رٿ دوران “اڻ ڌريو” ڇو رهيو ۽ هاڻي اها ڳالهه ته نومبر ۾ هاڻوڪي وفاقي حڪومت جيڪو به آرمي چيف مقرر ڪندي اهو نه ته محبِ وطن هوندو ۽ نه وري ان عهدي ۽ ذميواريءَ جو اهل. سوال اهو آهي ته نومبر مهيني ۾ نيٺ ڇا ٿيڻو آهي؟ امڪاني طور تي جيڪڏهن موجوده آرمي چيف جي ملازمت جي مدي ۾ واڌ وارو فيصلو نه ٿو ڪيو وڃي ته پوءِ عمران خان سان ڊيل ڪندي ان جا ٻه مطالبا قبولي سگهجن ٿا جيڪي اصل ۾ عمران خان نه پر سندس مالڪن جا مطالبا آهن. آڪٽوبر مهيني ۾ عبوري حڪومت قائم ڪري ايندڙ سال جنوريءَ ۾ عام چونڊون ڪرايون وڃن. جنهن سان هڪڙي پاسي وقت کان اڳ چونڊون ڪرائڻ وارو مطالبو ته ٻئي پاسي نئين آرمي چيف جي مقرري موجوده حڪومت بدران نئين عبوري حڪومت پاران طئي ڪيو ويندو جيڪا پي ڊي ايم ۽ تحريڪِ انصاف جي گڏيل راءِ سان جُڙي هوندي. عمران خان جا ٻه مطالبا مڃيا ويندا ته ظاهر آهي ٻه مطالبا کيس به مڃڻا پوندا. هڪڙو پنجاب جي حڪومت نواز ليگ جي حوالي ڪرڻو پوندي. ٻيو ايندڙ عام اليڪشن جي نتيجي ۾ جيڪڏهن نواز ليگ يا پيپلز پارٽيءَ جي سوڀ ٿئي ٿي ته خان صاحب کي قبول ڪرڻي پوندي. اهو ئي سبب آهي جو ميان نواز شريف ۽ اسحاق ڊار جي وطن واپسيءَ جون ڳالهيون سنجيدگيءَ سان بيان ڪيون پيون وڃن. ٻئي پاسي لڳ ڀڳ چئن سالن جي وٿيءَ کان پوءِ مريم نواز صاحبه پنهنجو پاسپورٽ واپس گهريو آهي ته جيئن اها پرڏيهه وڃي سگهي. ظاهر آهي اها سڀ کان پهريان لنڊن وڃڻ چاهيندي ته جيئن پنهنجي والد سان ملاقات ڪري آمهون سامهون ڳالهه ٻولهه ڪري. جيڪا پاڪستان منجهان ويهي ڪرڻ ڪنهن به ريت محفوظ ڪانهي. گڏوگڏ جيڪڏهن ميان نواز شريف ۽ اسحاق ڊار وطن واپس اچن ٿا ته مريم پرڏيهه ۾ رهندي ته جيئن هتي ڪنهن به قسم جي گڙٻڙ يا ڊيل کان هٽي وڃڻ جي صورت ۾ ڪوئي هڪڙو ته محفوظ به هجي.
هڪڙي پاسي ملڪ سياسي حوالي سان ايتري بدنظمي ۽ حساس صورتحال منجهان گذري رهيو آهي ته ٻئي پاسي وري موجوده مينهن ۽ ٻوڏ ماڻهن جا لاهَه ڪڍي ڇڏيا آهن. لکين ماڻهو بي گهر ۽ دربدر ٿيا آهن. فصل تباهه ٿي ويا آهن. روزگار کسجي ويا آهن. چوپايو مال مارجي ويو آهي. گاڏيون تباهه ٿي ويون آهن. روڊ رستا بند ۽ ريلوي ٽريڪ لُڙهي ويو آهي. جنهن ڪري عوام سان گڏوگڏ حڪومت کي به تمام گھڻو نقصان پيو آهي ۽ اڃان تائين ڏهاڙيءَ جي بنياد تي نقصان پئجي رهيو آهي. جيڪڏهن حڪمرانن جا هڪ ٻئي سان اختلاف نه هجن ها. جيڪڏهن اهي اختلاف عقلي ۽ جمهوري هجن ها. جيڪڏهن اقتدار ۾ ڀائيوار ڌريون هڪ ٻئي جي خلاف ڄُنڊا پٽ ۾ مصروف نه هجن ها ته شايد اهي بدليل ماحول ۽ موسمي تبديليءَ جو ڪو دارون دوا ڪري سگهن ها. سوشل ميڊيا تي ماڻهو حڪومت خاص ڪري پيپلز پارٽيءَ جي سنڌ حڪومت تي تنقيد ڪري رهيا آهن پر اها تنقيد گھڻي ڀاڱي غير سائنسي ۽ ڇسي آهي. ان کان سواءِ پيپلز پارٽيءَ جي نقادن وٽ پيپلز پارٽيءَ جو ڪو متبادل به ڪونهي. جيڪڏهن پيپلز پارٽيءَ جي جاءِ تي ڪنهن ٻئي جي حڪومت قائم ٿئي ته اها ڪيتري بهتر هوندي؟ ان سوال جو جواب ڪنهن وٽ ڪونهي يا وري جيڪڏهن آهي به ته اهو درست جواب ڪونهي. پيپلز پارٽيءَ جي حڪومت تي جيتري تنقيد ڪجي گھٽ آهي. پر اها تنقيد يا گارگند ڪافي ڪانهي. تنقيد سان گڏوگڏ ان جو متبادل ٺاهڻ بيحد ضروري آهي.
عمران خان رابن رافائيل جي زال سان بني گالا ۾ ملاقات ڪرڻ کان پوءِ آرمي چيف جي ملازمت جي مدي ۾ واڌ جو مطالبو ڪيو آهي. جيڪڏهن اهو مطالبو ان ملاقات کان سواءِ هجي ها ته سمجهيو وڃي ها عمران خان ڪنهن معاملي کي وائکو ڪرڻ چاهي ٿو. يعني جيڪا ڳالهه ٻيا سڀ لڪ لڪوٽيءَ ۾ ڪري رهيا آهن عمران خان صاحب اها ڳالهه اٽڪل سان سرِ عام ڪري ان لڪ ڇپ جي لاک لاهي ڇڏي پر جيئن ته هُن اها ڳالهه ان ملاقات کان پوءِ ڪئي آهي ۽ ان کان اڳ عمران خان جي ساڄي ٻانهن فواد چوڌريءَ پڻ آمريڪي سفير سان ملاقات ڪري چڪو هو، ان منجهان اهو ثابت ٿئي ٿو ته جنهن آمريڪا کي لڳاتار ايبسليوٽلي ناٽ ۽ اسان ڪو توهان جا نوڪر آهيون ڇا؟ جو جواب ڏنو پئي ويو آخر ۾ ان جو ئي چيو مڃندي پوئتي هٽڻ ۽ ٺهي هلڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. ان صورت ۾ عمران خان کي به يقينن ڪجهه نه ڪجهه آڇيو ويو هوندو. وڌيڪ امڪان ان ڳالهه جا آهن ته اها آڇ وقت کان اڳ چونڊن ۽ پنجاب حڪومت جي جيئن جو تيئن موجودگي توڙي مختلف ڪيسن ۾ ڪنهن سخت سزا کان بچاءُ جي صورت ۾ هجي. جهڙي نموني خان صاحب داٻا ساٻا ڏئي به رهيو آهي ته مارچ مهيني تائين چونڊون ملتوي ڪرڻ نه ڏيندو يا پنجاب حڪومت کي ختم ڪرڻ لاءِ سازشون ڪيون پيون وڃن وغيره وغيره. اهڙي بيان بازيءَ منجهان اهو ئي ثابت ٿي رهيو آهي ته ايندڙ عام چونڊون ۽ موجوده صوبائي حڪومتون ئي اصل مسئلو آهن. نظر ائين پيو اچي ته آرمي چيف جي مدي ۾ واڌ ٿي ويندي ۽ پوءِ چونڊون جيڪڏهن وقت کان ڪجهه اڳ ٿيون ته اسٽيبلشمينٽ کي ڪوئي نقصان ڪونهي. اهڙي صورت ۾ نقصان وري به سياست ۽ پارليماني جمهوريت جو وڃي ٿيندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button