ھڪڙي ھوندي آھي طاقتور ملڪن يا قومن جي ھٿياربند ڪاهه، جنھن ۾ تلوارون، تير تفنگ، بندوقون بارود، ميزائيل ۽ ايٽمي بم ھڻي، پنهنجي ئي گھر ۾ غربت منجهھ گذاريندڙ قومن تي حملا ڪري، سندن وطن کي اجاڙي مظلوم ڌرتيءَ ڌڻين کي برباد ڪري، سندن قدرتي وسيلن، زمين ۽ قومي سڃاڻپ مٿان پنهنجي ناجائز سگھه سان قبضا ڪيا ويندا آهن. ماضيءَ ۾ عربن، ايرانين، يونانين، اسپيني ۽ پورچوگيزن، تغلقن ۽ ترخانن، غزنوي، ساساني ۽ برطانوي توڙي آمريڪي سامراج جن اصلوڪن وطن واسين جي ڌرتي ماءُ تي ھٿيارن جي زور تي قبضو ڪيو، تاريخ انھن جي ظلمن ۽ بدمعاشين سان ٽمٽار آهي.
اڄڪلھه ننڍين قومن جي جياپي وارن ذريعن تي قبضو ڪرڻ واسطي ۽ سندن جياپي جي ذريعن، پاڻين، سمنڊن، جبلن، تيل، گيس، سون، ٽامي، گرينائيٽ ۽ ٻي قدرتي دولت جي وسيلن تي قبضو ڪرڻ خاطر جڏهن بم بارود ۽ ايٽمي ھٿيار به ڪم نه ڪري سگهندا آهن ته سامراجي قوتون اهڙين خوددار ۽ آزاد قومن کي سندن مقامي گماشتن سان ملي ڀڳت ڪري، فوجي مارشل لا يا سويلين آمريت ٿاڦي پنهنجو غلام بڻائين ٿيون. اهو رواج دنيا ۾ ھاڻي عام آهي. جڳ مشهور برطانوي تاريخدان ٽوائن بي لکيو آهي ته “ھر سماج، ھرھڪ قوم ۽ فرد تاريخ جي مختلف مرحلن تي طرح طرح جي چئلينجن کي منهن ڏيئي، ڏاڍي مزاحمت ڪري پنهنجي بقا واسطي وڙھندا رھندا آھن. سندن بقا انھيءَ حقيقت ۾ آھي ته ڇا منجھن ايتري طاقت، وطن جي حب ۽ توانائي آهي جو پنهنجي ڌرتي، عام ماڻهن ۽ سماجي سرشتي کي اھڙي مزاحمت وسيلي بچائڻ ۾ سوڀارا ٿين يا تاريخ جي قبرستان ۾ دفنائجي وڃن.”
پاڪستان جي ٺهڻ کان پوءِ اڄ پنجھتر سالن تائين سماجي ۽ معاشي حالت ايڏي ته بڇڙي آھي جو مون کي ستر سالن کان مٿي واري ڄمار ۾ به گھڻائي کي دلي، ذھني، جسماني توڙي روحاني رنج کان سواءِ ڪجھه به نصيب نه ٿيو آهي. آفريڪا جي موزمبيق ۽ يوگنڊا، لاطيني آمريڪا جي ڪيوبا ۽ ڪوسٽا ريڪا جھڙن مسڪين ملڪن جي ماڻهن کي غربت ھوندي به ذھني ۽ روحاني سڪون ان ڪري نصيب ٿيو جو سندن قيادت پڻ غربت ۾ گذاريندي آهي. جيئن لطيف سائينءَ فرمايو ته غربت ۾ گذاريو ۽ ڏکن کي سکن جي سونهن سمجھو. پاڪستان جا ڪروڙين انسان پنهنجي ملڪ اندر غربت، بيروزگاري ۽ اڻھوند جي پنجوڙ ۾ ڦاٿل آهن پر تڏهن به ڪا اهڙي دانھن نه ڪيائون جهڙي ھاڻوڪي برساتي ٻوڏ جي تباهيءَ کانپوءِ اختيار ڌڻين جي ظلمن خلاف ڪئي اٿن. جيڪي ماڻهو صدين کان زميندار يا ھاري ھئا، انھن جي زمينن ۽ پوک جي پاڻيءَ تي اھڙن پوءِ ڍاون قبضا ڪيا جيڪي اقتدار ۾ اچڻ شرط غيباتي طرح مٿن نازل ٿيل ڌن دولت منجهان وڏا جاگيردار ۽ ڀوتار بڻجي ويا. اصل ڪارڻ اهو آهي ته ھتي شروع کان وٺي آسماني مخلوق جي طاقت ۽ ڪجهھ فردن جي اقتداري حوس جي ڪري ڦيٽاڙو پئجي ويو هو. ڪرپشن ۽ بي ايماني به ان ڏينهن کان وڻ ويڙهيءَ جيان ملڪ کي وڪوڙي ورتو، جڏهن اسان جي وطن واسين کي مذهبي فسادن ۽ نفرتن ذريعي ڌڪاري ڪڍيو ويو ۽ سندن خال ڀرڻ لاءِ پيارن ڀائرن کي گھرائي کين ڪوڙن ڪليمن جو سھارو وٺي اھڙين شھري ملڪيتن ۽ ٻھراڙين جي زرعي زمينن جو مالڪ بڻايو ويو جن کي ڏسي ھو پاڻ دنگ رهجي ويا هئا. ثبوتن لاءِ اردو ٻولي جي مشهور اديبن ۽ مزاحيه فنڪارن انور مقصود ۽ معين اختر جا ڊراما ۽ ويڊيوز ڏسي وٺو.
سوچيان ٿو ته جنهن ملڪ جي پاڙ ۾ ئي تڏھوڪن حاڪمن ڪرپشن جو ٻج ڇٽي ڇڏيو ھجي سو وڌي جڏهن وڻ ٿيندو ته ڇو ڪونه نسلن جا نقصان ٿيندا؟ وري جي ڏسون ٿا ملڪ جي واڳ ڌڻين جي چال چلت کي ته جيڪي ڪرپشن ڪندڙ حڪمران اسٽيبلشمينٽ جي اکين جا تارا آهن، انهن جو پڇاڻو ملڪ جي وڏي کان وڏي اعلى عدالت به نه ٿي ڪري سگھي. نيب يا اينٽي ڪرپشن ڊپارٽمينٽ توڙي احتساب ڪورٽون به سندن وار ونگو نه ڪري سگهنديون آهن. پر جڏهن ساڳيا سياسي اڳواڻ اسٽيبلشمينٽ جي اکين (نظرن) مان ڪري پوندا آهن ته انهن کي سوڙھو ڪرڻ خاطر ملڪ جي اعلى عدالت آڌي رات مھل به فيصلا ڏيندي آهي.
دنيا ۾ بنھه گھٽ مثال آهن جو ملڪ جي چيف جسٽس کي آڌيءَ رات مھل عدالت جا دروازا کولڻا پيا ھجن. اسان جي ملڪ تي پنج ڀيرا غير قانوني ۽ غير آئيني مارشل لا مڙهي ويئي، تڏھن به اھڙو ڪو فيصلو نه ڪيو ويو. دنيا جي تھذيب يافته جمھوري ملڪن ۾ به آمريڪي صدر ڊونالڊ ٽرمپ جھڙا ڪٽر قسم جا وائڙا صدارتي محلات ۾ چونڊجي پھتا ۽ ھتي به اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جا پالڻھار اڌ سال گذرڻ کان پوءِ به ٽرمپ وانگر کيس احتساب کان بچائي ويٺا آهن. ضمانتون ئي ضمانتون سندس واٽ نھارين ٿيون ۽ کيس ايتري ڊگهي ڍر ڏني ويئي آھي جو ماڻھن کي ڏندين آڱريون اچي ويون آهن.
ھاڻي اچون ٿا ٻوڏ سٽيل مسڪين ماڻهن جي برباديءَ واري حقيقت تي، جنهن لاءِ گڏيل قومن جي جنرل سيڪريٽري انتونيو گوتريس ڏاڍو ڊپلوميٽڪ بيان ڏنو آهي. ھڪ انگريزي اخبار جي فرنٽ پيج سرخيءَ مطابق ھن چيو آهي ته “پاڪستان ۾ قدرتي آفت نه آئي پر ھٿراڌو ٻوڏ آندي ويئي آهي.” ھي ڏاڍو ذومعنى تبصرو آهي جنهن مان ھڪ اشارو موسمياتي ڦيرڦار سبب ڌرتيءَ جي حد کان وڌيڪ گرمي پد ڏانھن آهي جيڪو گلوبل وارمنگ جي نتيجي ۾ چيو وڃي ٿو ۽ ٻيو اشارو ھارپ ٽيڪنالاجي وسيلي هٿرادو مينهن وسائڻ واري عالمي سازش جو نتيجو. جڏهن ته ھن سنڌ اندر ٿيل زبردست تباھي بابت رومال ۾ ويڙهي اصل حقيقت ٻڌائي ڇڏي آهي. سنڌ جي ھرھڪ متاثر شخص جو موقف اھو ئي آهي ته وڏيرن ۽ سردارن پنهنجي ٻنين ۽ ڳوٺن کي بچائڻ خاطر اسان کي ٻوڙي ڇڏيو آهي.
ٻوڏ سٽيل ماڻهن جي گذريل ڏيڍ مهيني کان ھرھڪ ضلعي ۽ ڳوٺ مان وائرل ٿيل ٽي وي رپورٽ ۽ ويڊيو ۾ ڪنهن نه ڪنهن وزير ڪبير ۽ سنڌ جي حڪمرانن تي سڌي سنئين تنقيد بلڪه الزام ھنيو ويو آهي، فلاڻي وزير يا اسيمبلي ميمبر اسان کي بي گهر ۽ دربدر ڪيو آهي. لاڙڪاڻي ۾ پيپلز پارٽيءَ جي ھڪ سينيئر اميدوار کي شڪست ڏيئي ايم پي اي چونڊيل جي ڊي اي اڳواڻ معظم عباسي پنهنجي صوبائي اسيمبلي سيٽ تان اھو احتجاج ڪري استعيفا ڏني آهي ته جڏهن ھيڏي وڏي تباھي کان پوءِ به گورنر سنڌ ۽ اسپيڪر آغا سراج دراني اسيمبلي جو اجلاس گھرائڻ کان لنوائي پيو ته پوءِ اھڙي صوبائي ميمبرشپ جو ڪھڙو فائدو؟ تنهنڪري آئون ھن بي مقصد ايوان کان پاڻ کي ڌار ڪريان ٿو.
مون ذڪر ڪيو آهي تهذيب يافته جمھوري ملڪن جو جتي ھزارين خامين ۽ خرابين ھوندي به ڏک درد ونڊڻ وارو ماڻهپو، سھپ ۽ اخلاقي قدرن جو ايتري قدر وڏو مان آهي جو ڪٿي ڪو ٻليءَ جو ٻلونگڙو يا ڪتي جو گلر مينھن وسندي ڪنهن رستي تي ڏسندا آهن ته ماڻهو پنهنجن گاڏين کي روڪي، لھي نه رڳو ان کي بچائيندا آھن. ان کي ڪو مرض آهي ته پنهنجا سٻ ڪم ڇڏي، ساھواري جانور کي اسپتال کڻي ويندا آهن ته جيئن ان جو بروقت علاج ڪرائي ڇڏجي. ان حقيقت جي ابتڙ اسان وٽ ٻوڏ ۾ گھڻن ھنڌن تي خود عوام جي پئسن تي پلجندڙ پوليس آفيسرن کي موبائل گاڏيون ۾ گھمندي ڏٺوسين ته سندن اکين آڏو انسان مرن پيا پر ھنن ڪابه واهر نه ڪئي. جيڪڏهن ايئرفورس ۽ آرمي جا جوان انساني حياتيون بچائڻ لاءِ ريسڪيو آپريشن نه ڪن ها ته اڃا به گهڻا ماڻهو ٻڏي مرن ها.
ايئن به ناهي ته مھذب جمھوري سماجن ۾ ڪرپشن ۽ لالچ ختم ٿي چڪي آهي. پر سوچيو ته جنهن ملڪ جو صدر يا وزيراعظم پنھنجي آفيس کان گهر تائين بنا ھٿياربند پروٽوڪول جي سائيڪل تي يا پنڌ ايندو ھجي ۽ پنهنجي گھر ۾ نوڪر رکڻ بدران سامان سڙو وٺڻ لاءِ پاڻ مارڪيٽ ويندو ھجي، اتي عام ماڻهن توڙي جانورن کي سک ۽ تحفظ ڪيئن نه حاصل ٿيندو. اھڙن جمھوري سماجن جي ارتقا ۾ تعليمي ماهرن ۽ سياسي قيادت جو ڏاڍو مکيه ڪردار ھوندو آھي. جيفرسن، ابراھيم لنڪن، نيلسن منڊيلا، انجيلا مرڪل ۽ جئسينڊا رڳو ڪجهه مثال آهن، جن رنگ روپ ۽ دين ڌرم جي متڀيد بنا ڪيڏو نه شانائتو رحمدلي وارو احساس انسانن جي ٻج ۾ پوکي ڌن دولت بدران عزت ڪمائي آهي. انھيءَ ڪري ئي سالڪن سچ چيو ته ڪنهن به ملڪ ۽ قوم جي ذھني سجاڳيءَ ۽ ترقي واسطي ان قوم کي آزاد عدالتون، فري پريس، انسان دوست سياسي اڳواڻن ۽ شاندار تعليم گھرجي.
ان جي ابتڙ پاڻ وٽ انھن چئني بنيادي خاصيتن جي پاڪستان جي ڄائي ڄم کان اڻھوند آهي. ڪرپشن جي ڪري ادارا برباد ٿي ويا آهن ۽ اخلاقي قدرن جو اھڙو ته زوال آھي جو ان جي نتيجي ۾ نفسا نفسي ۽ خود غرضي عروج ماڻي ورتو آهي جڏهن ڪري ايندڙ نسلن جو مستقبل اونداهو ڏسان ٿو. وڏي ٽريجڊي اها آهي ته بقول حبيب جالب:
ھر شاخ پي الو بيٺا ھئه،
انجام گلستان ڪيا ھوگا؟
بدنام رشوتخورن ۽ ضمانت تي جيلن مان ٻاهر نڪتل سياسي اڳواڻن ۽ واڳ ڌڻين جي ملي ڀڳت سان اھڙو عوام دشمن راڄ قائم ٿي ويو آهي جو سمجھه ۾نه ٿو اچي ته ايندڙ نسلن لاءِ سک ۽ سڪار جو سوجھرو آخر ڪٿان اڀرندو؟