ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

اٽو عوام جي پهچ کان پري

Editorial

هاڻوڪي حڪومت وٽ عوام کي ڏيڻ لاءِ فقط آسرا ۽ وعدا آهن. پي ڊي ايم جي حڪومت قائم ٿيڻ کان پوءِ عوام لاءِ نه رڳو بحران ئي بحران پيدا ٿي رهيا آهن پر ان سان گڏ هر ڏکيو فيصلو عوام جي ڪنڌ ۾ آهي. هر ڏکيو وقت عوام لاءِ آهي ۽ حڪمران مزا ماڻڻ ۾ پورا آهن. اٽو کائڻ جو عام اسم آهي. ان جو اگهه آسمان سان ڳالهيون ڪري رهيو آهي، عوامي حڪومت جو اندازو اٽي جي اگهه مان لڳائي سگهجي ٿو. اٽو عام استعمال جو اسم آهي، ان جا اگهه جيڪڏهن ايتري قدر وڌي وڃن ته ان جو مطلب اهو آهي حڪومت ان پاسي ڌيان ڏيڻ لاءِ تيار ناهي ۽ نه ئي اها عوام جي ڀلي لاءِ ڪجهه ڪرڻ لاءِ تيار آهي. آگسٽ واري ٻوڏ کان پوءِ ماڻهن جو سڀڪجهه تباهه ٿي چڪو آهي. ماڻهو پريشان لڳا پيا آهن. انهن جا گهر ڊهي ويا آهن، فصل ٻڏي ويا آهن، روزگار جا وسيلا ختم ٿي ويا آهن پر تنهن هوندي به حڪومت انهن تي رحم کائڻ لاءِ تيار ڪانهي. اها سمجهي ٿي ته عوام وٽ بنهه گهڻو پئسو آهي. تنهنڪري ان تي مهانگائيءَ جو جيترو به بار وجهبو اهو برداشت ڪري ويندو.

سنڌ ۾ هن وقت اٽو 120 روپيا في ڪلو تائين وڪرو ٿي رهيو آهي. عوام نانگ ته ناهي جو مٽي کائيندو آهي. ان کي پيٽ ڀرڻ لاءِ اٽي جي ضرورت هوندي آهي. ڪڻڪ پيدا ڪندڙ ملڪ ۾ جيڪڏهن اٽي جو اگهه ايترو مهانگو آهي ته پوءِ حڪومت ڪنهن به ريت عوام تي حڪومت ڪرڻ جي ضرورت ڪانهي. تازو سنڌ حڪومت ڪڻڪ جي في مڻ جي قيمت 4000 مقرر ڪئي آهي، جڏهن ته اها ان ڪڻڪ جي قيمت آهي، جيڪا اڳ ئي موجود آهي. اڃا ته ڪڻڪ جو نئون فصل پوکيو ئي ناهي ويو. پر تنهن هوندي به ڪڻڪ ايتري مهانگي ڪري اٽي جو بحران پيدا ڪيو پيو وڃي. عوام ڪهڙي عياشي ٿو ڪري. ان وٽ ٻه ويلا ماني کائڻ لاءِ ناهي. اهو هر حال ۾ پنهنجو پيٽ ڀرڻ ٿو چاهي پر تنهن هوندي عوام وٽ کائڻ لاءِ اٽو دستياب ناهي.
اسين سمجهون ٿا سنڌ ۾ اٽو مهانگو ٿيڻ جي ذميوار سڌي ريت سنڌ حڪومت آهي. پيپلز پارٽيءَ جا اهي وزير آهن، جيڪي عوامي مفادن کي پٺي ڏيندي ڪم هر عوام دشمن فيصلو ڪرڻ لاءِ تيار ويٺا آهن. تنهنڪري ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته اٽي جا اگهه گهٽايا وڃن. ان جو اگهه ايترو مقرر ڪيو وڃي جو هر غريب ماڻهو اٽو خريد ڪري سگهي. ان جو اگهه ايترو رکيو وڃي جو ماڻهو اٽو وٺڻ وقت پريشان نه ٿئي. تنهنڪري سنڌ حڪومت پنهنجي نااهلي ڏانهن ڌيان ڏئي ۽ عوام کي بکيو نه ماري.

پاڻيءَ ۾ ٻڏل اسڪول
ٻوڏ کان پوءِ جتي عوام جو جاني مالي نقصان ٿيو آهي، اتي تعليم جو نقصان پڻ ٿي رهيو آهي، جنهن جي ڪري شاگرد ۽ شاگردياڻيون اسڪول وڃڻ کان محروم آهن. اهڙي صورتحال ۾ نه رڳو سنڌ جي تعليم وارو سلسلو بند ٿي ويو آهي پر تعليمي ادارن مان پاڻي به نڪري ڪونه سگهيو آهي. جنهن ڪري تعليمي سرگرميون معطل لڳيون پيون آهن. سنڌ ۾ هن وقت هزارين اسڪول بند آهن يا وري پاڻي سبب ٻڏل آهن. ساماري شهر ۾ به صورتحال گهڻي خراب نظر اچي رهي آهي، جتي لڳ ڀڳ سمورا اسڪول بند لڳا پيا آهن.
ساماري تعلقي جي 57 پرائمري، مڊل ۽ هائي اسڪول ۾ اڃا تائين برساتي پاڻي بيٺل آهي، جنهن سبب شاگردن ۽ شاگردياڻين جي تعليم متاثر ٿي وئي آهي. ان سلسلي ۾ سامارو تعلقي ۾ برساتي تباهڪارين سبب تعليم کي نقصان رسيو، تعلقي جا 45 بوائز پرائمري، 17 گرلس پرائمري، 3 مڊل ۽ 2 ھائي اسڪول برساتي پاڻي ۾ ٻڏل آهن، جنهن سبب شاگردن ۽ شاگردياڻين جي تعليمي سرگرميون بند آهن. تعلقي جا 45 بوائز پرائمري اسڪول ۽ 17 گرلس پرائمري اسڪول، مڊل اسڪولن سميت 3 پاڻي هيٺ آھن. جڏھن ته هاءِ اسڪول صالح ڀنڀرو ۾ 4 فوٽن تائين پاڻي بيٺل آھي. بوائز هائي اسڪول سامارو به پاڻي ۾ ٻڏل آهي، هائي اسڪول سامارو روڊ ۽ هائي اسڪول پڌريو فارم جا گرائونڊ ۽ رستا پاڻي هيٺ آهن، برساتي پاڻي سبب اسڪولن جي عمارتن کي وڏو نقصان پهتو آهي، ڪيترين ئي عمارتن ۾ ڏار پئجي ويا آهن ۽ فرنيچر خراب ٿي ويو آھي. ڪجھه اسڪولن ۾ ٻوڏ متاثر ويٺل آھن، جنهن سبب تدريسي عمل ٺپ ٿيل آھي. اسڪول ٻڏل هجڻ سبب هزارين شاگردن ۽ شاگردياڻين جي تعليم سخت متاثر ٿي رهي آھي. سڄاڻ ڌرين گهر ڪئي ته اسڪولن مان جلد برساتي پاڻي نيڪال ڪرائي تدريسي عمل شروع ڪرايو وڃي.
اسين سمجهون ٿا ته سنڌ حڪومت ۽ تعليم کاتي کي ترت اسڪولن مان پاڻي نيڪال ڪرائڻ گهرجي ته جيئن ٻارن جي تعليم جو سلسلو شروع ٿي سگهي ۽ اهي تعليم پرائي سگهن، ڇاڪاڻ ته ڪئمپن ۾ قائم ڪيل ٽينٽ اسڪول ناڪافي آهن ۽ اتي ٻار تعليم به سولائي سان نٿا پرائي سگهن. تنهنڪري ساماري سوڌو سڄي سنڌ جي اسڪولن ۾ پاڻي نيڪال ڪري تدريسي عمل شروع ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button