شوبز

ريشم جي معاملي تي ارمينا ۽ شنيرا اڪرم ۾ لفظن جي جنگ

پاڪستاني اداڪارا ريشم جي گوشت ۽ پلاسٽڪ جي ٿيلهي درياهه ۾ اڇلڻ واري وڊيو وائرل ٿيڻ تي مٿس تنقيد بعد اداڪارا ارمينا خان ۽ سماجي ڪارڪن شنيرا اڪرم وچ ۾ لفظن جي جنگ لڳي آهي، جنهن ماحول کي گرمائي ڇڏيو آهي. ميڊيا مطابق ريشن جي ڪچرو درياهه ۾ اڇلڻ بعد ٻن مشهور شصيتن ارمينا خان ۽ شنيرا وسيم اڪرم وچ ۾ ويڙهه شدت اختيار ڪئي آهي ۽ ٻنهي هڪٻئي کي نشانو بڻايو آهي، تنهنڪري ريشم جي معافي وٺڻ باوجود صورتحال گرم ٿي وئي آهي. شنيرا اڪرم جو چوڻ هو تھ گوشت ۽ پلاسٽڪ درياهه ۾ ڪير اڇليندو، ماڻهن جي ڪاوڙ بهتر اهڃاڻ آهي تھ پاڪستان جو مستقبل بهتر هٿن ۾ آهي.

پاڪستاني اداڪارا ارمينا خان

ارمينا خان جواب ۾ لکيو تھ غلطي سڀ کان ڪندا آهن، اوهان تھ عجيب نموني پويان پئجي ويا آهيو، ريشم ٻھ ڀيرا معافي ورتي، هاڻ ٻڌايو تھ تنقيد ڪندڙ ڪيترا ماڻهو ڪچرو صاف ڪرڻ جي مهم ۾ ويندا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button