ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

عمران خان جا صوبن خلاف اعتراض جوڳا بيان

Editorial-Article-Muhammad Khan Sial

اڳوڻي وزيراعظم ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) جي سربراهه عمران خان نيازيءَ جو تازو بيان ميڊيا ۾ ڇپيو آھي. سندس چواڻي: آءِ ايم ايف پاڻ چيو ھو ته هن وقت پاڪستان ۾ ڪمزور ترين سرڪار آهي پر ھن ساڳي وقت اھا به دعوى ڪئي آھي ته”اسان وٽ صوبن ۾ سرڪار آهي پر بُوٽ ناهي، پٺيان کان بُوٽ نه لڳن ته ڪم نٿو ٿئي.”
جيڪڏھن بي ريا بڻجي عمران خان نيازي جي ڪجهه صوبن خلاف کليوکلايو اعتراض جوڳي بيانن تي تبصرو ڪجي تہ اھا سچائي ڏسڻ ۾ ايندي ته ھو لاڳيتو پر گهڻي وقت کان ڪجھه صوبن خلاف (پنھنجي ڪنٽرول وارن صوبن خلاف نه) بيانن ذريعي نفرت جو ڪاروبار ڪندو رھيو آھي. بھرحال، پنھنجن بار بار بيانن مان وائکو ٿي ويندو آھي ته کيس مخالف صوبن سان نفرت تمام گهڻي ھوندي آھي، يعني مخالف صوبن خلاف”بوٽن جي استعمال وارا بيان” اڳ به ڏيندو رھندو آھي. کيس سنڌ سان پراڻي ۽ گهڻي نفرت ھوندي آھي جيڪا دکدائڪ آھي. ڏسجي ته سنڌ کان سواءِ، ٻين صوبن ۾ سڌي يا اڻ سڌي ريت سندس سرڪار آھي. البت وفاقي سرڪار ۾ عمران خان سرڪار اٽڪل ڇھن مھينن کان ناھي رھي جو قومي اسيمبليءَ، سندس سخت رڪاوٽن ۽ ناٽڪن باوجود، کيس ووٽن ذريعي قانوني طور ھٽائي ڇڏيو ھو. تازو عمران خان نيازي فوج جي سربراهه جي مقرريءَ بابت سخت اختلافي بيان جاري ڪيا ھئا جنھن جو نوٽيس، فوج جي واسطيدار اداري به ورتو آھي. وري عمران خان بولاٽي کائي، سندس چواڻي آھي ته ھاڻوڪي سرڪار، فوج جو سربراهه مقرر نه ڪري.
ٻئي طرف، وفاقي وزير خواجا آصف، خانگي ٽي وي چئنل سان ڳالهه ٻولهه دوران ان تجويز تي ردعمل ڏيندي چيو ته عمران خان آرمي چيف جي مقرري وارو عمل سوچيل سمجهيل منصوبي ھيٺ تڪراري بڻائي رهيو آهي. بھرحال، انھيءَ ۾ شڪ ناھي ته عمران خان پوڻا چار ورھيه وزيراعظم رھيو ته ھو پاڻ ۽ سندس حامي خاص ڪري سندس پارٽيءَ جا ڪراچيءَ سان واسطو رکندڙ اسمبلي ميمبر ۽ ٻيا عھديدار، سنڌ خلاف سڌي يا اڻ سڌي ريت لاڳيتا نفرت جو ڪاروبار ڪندا رھندا ھئا ۽ گاريون الڳ ڏيندا ھئا. عمران خان جي تازن بيانن مان اھي ثبوت اڃا به ملن ٿا ته ھو سخت اعتراص جوڳا ۽ نفرت وارا بيان نه رڳو اڳ جاري ڪندو رھيو آھي پر ھاڻي به ڪري ٿو. عمران خان نيازي ۽ سندس پارٽي اڳوڻ ۽ حامي، سخت اعتراض جوڳي ۽ بدتميزيءَ واري ٻولي ڪتب آڻيندا رھن ٿا ۽ آئيندي به ڪتب آڻيندا رھندا. ڇاڪاڻ ته ائين لڳي ٿو ته وٽن اخلاق جي ڪابه خاص اھميت ڪانھي. بھرحال، سياسي اختلافن جو بنيادي حق ته سڀني کي ھوندو آھي پر بدتميزيءَ جو حق ھرگز ڪونه ھوندو آھي. عمران خان ۽ سندس پارٽيءَ جا اڳواڻ ۽ سرگرم ميمبر سخت اعتراض جوڳي ۽ اخلاق کان ڪريل ٻولي ڪم آڻيندا رھن ٿا، جن تي سخت اعتراض ڪرڻ گهرجي ۽ سندن خلاف مھم به ھلائڻ گهرجي. اسان وٽ سنڌ ۾ وايومنڊل پراڻي زماني کان سھڻو رھيو آھي پر عمران خان نيازي ۽ سندس حامي، سنڌ ۽ اتان جي واسين خلاف سڌي يا اڻ سڌي ريت بدتميزيءَ واري ٻولي ڪم آڻيندا رھندا آھن. انھيءَ کان سواءِ، سنڌ ۾ پاڻ کي سنڌ جو اڪيلو خيراخواهه سڏائيندڙ به عمران جي کليو کلايو اخلاق کان ڪريل رويي تي اعتراض ڪو نه ٿا ڪن. اھا وڏي افسوس جي ڳالهه آھي. ڇاڪاڻ ته اسان جي اڳيان سنڌ جو سھڻو پراڻو ماحول قائم رکڻو آھي ته جيئن سنڌ سلامت رھي، مخالفن کي لاڳيتو گارين ڏيڻ سان سنڌ جو ماحول بھتر ڪونه ٿيندو آھي. ڪاش! اھا ڳالھه، اعتراض جوڳا لاڳيتا بيان جاري ڪندڙن کي سمجهه ۾ اچي ته واه واه پر افسوس ته سندن رويي مان ظاھر آھي ته کين اخلاقي ماحول سمجهه ۾ نٿو اچي ۽ نه ئي ايندو. عمران خان نيازيءَ جو تازو بيان آھي: “آرمي چيف جي ملازمت جي مدي ۾ واڌ جي ڳالهه ڪڏهن ناهي ڪئي، آرمي چيف جي مقرري ٿيڻ چونڊن تائين ملتوي ڪرڻ جي ڳالهه ڪئي آھي.” اتي اھم سوال آھي ته فوج جي سربراهه جي ملازمت ۾ واڌ کانپوءِ، جيڪڏھن سندس مدو ختم ٿي وڃي ٿو ته ڀلي وفاقي سرڪار نئون فوجي سربراهه قانون موجب ڇو نه مقرر ڪري؟ عمران خان جي بيان مان ظاھر آھي ته سندس نيت ٺيڪ ناھي. سندس چواڻي آھي ته “نئين سرڪار، نئين آرمي چيف مقرر ڪرڻ جو فيصلو ڪري.” اھم سوال آھي ته جيڪڏھن ھاڻوڪي چونڊيل وفاقي سرڪار، فوج جي سربراهه جو واڌيل مدو پورو ٿيڻ تي نئون سربراهه مقرر ڪري ٿي ته ڀلي ڪري ڇاڪاڻ ته ميڊيا موجب نئون فوجي سربراهه مقرر نه ڪيو ويو ته ھڪ اھڙو شخص به آھي جيڪو فوجي سربراهه جي دير جي ڪري سندس اڳ ۾ ريٽائرمينٽ جو خطرو آھي، مطلب اھو آھي ته سندس نالي تي ويچار ڀلي ٿيڻ گهرجي. عمران خان جي نئين ناٽڪ مان اھو تاثر پيدا ٿيو آھي ته سندس بيان جو مطلب، ھاڻوڪي فوجي سربراهه کي شايد متاثر ڪرڻ آھي ته جيئن سندس مدد ٿئي.
ھاڻوڪي وفاقي سرڪار نئين آرمي چيف مقرر ڪرڻ جو فيصلو ڪندي. انھيءَ سلسلي ۾ گهربل 3 يا 4 نالا ڏنا ويندا ۽ عام طور انھن مان ڪنھن کي مناسب سمجهي مقرر ڪيو ويندو. نئين آرمي چيف جي مقرريءَ لاءِ سينيئر ليفٽيننٽ جنرلن جا نالا امڪاني طور ميڊيا ۾ آيا آھن جيڪي آھن: ليفٽيننٽ جنرل عاصم منير، ليفٽيننٽ جنرل ساحر شمشاد مرزا، ليفٽيننٽ جنرل اظهر عباس، ليفٽيننٽ جنرل نعمان مسعود. ليفٽيننٽ جنرل فيض حميد، ليفٽيننٽ جنرل محمد عامر ۽ ليفٽيننٽ جنرل چراغ حيدر پر ھاڻوڪي وزيراعظم آڏو نيٺ ٽي يا چار نالا پيش ڪيا ويندا، جن مان وفاقي سرڪار هڪ نالي جي منظوري ڏيندي،انھيءَ منظوري لاءِ هو پنهنجي وزارت سان به صلاح ڪري سگهي ٿي. اھڙي ريت قانون موجب وزيراعظم جي چونڊ ٿيندي پر عمران خان نوان نوان ناٽڪ رچائي اھو تاثر ڏئي ٿو ته چونڊ ميرٽ ۽ نيڪ نيتيءَ تي ڪانه ٿيندي. اھي سڀ عمران جا سندس عادت موجب فساد پيدا ڪرڻ لاءِ نوان نوان ناٽڪ آھن.
اصل ڳالهھ اها آھي ته عمران خان ھاڻوڪي سرڪار کي ميرٽ خلاف سڏي ٿو. سوال آھي ته ڇا عمران جي پوڻن چئن سالن جي وزيرعظم طور سرڪار، ميرٽ تي ٻڌل ھئي؟جيڪڏھن ھا ته کيس قانوني طور پاڪستان جي 75 ورھين دوران پھريون ڀيرو وزيراعظم طور کيس ڇو ھٽايو ويو ھو؟ لڳي ٿو عمران خان رڳو ڪوڙن بيانن تي لاڳيتو جيئرو آھي. سندس ڪارڪردگي اقتدار دوران ٻڙي ھئي ۽ ھاڻي به سياسي اڳواڻ طور به سندس ڪارڪردگي ٻڙِي ئي آھي ۽ رھندي.
عمران خان کي نيڪ نيتيءَ سان صلاح آھي ته جيڪڏھن جيل ۾ وڃي ته اتي پنھنجن لاڳيتن عام ۽ سياسي گناھن جي توبھن ڪري ڇاڪاڻ ته اڳواڻي وزيراعظم ۽ ھاڻي پارٽيءَ جي سياسي سربراهه طور، يعني اڳ ۽ ھاڻي ڪوڙن بيانن ذريعي هو ملڪ جو ٻيڙو ٻوڙڻ جون لاڳيتيون ڪوششون ڪندو رھي ٿو. بھرحال، عمران خان نيازي جيل اندر رب کان پنھنجن ظلمن جي نيڪ نيتيءَ سان معافي وٺي ۽ عوام جي ڀلائيءَ لاءِ به پاڻ کي سڌاري ڇڏي ته بھتر ٿيندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button