ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

حڪومت جي بيوسي

Editorial-Article-Akhtar Hafeez

پي ڊي ايم حڪومت ۾ اچي خواريءَ جو ٺڪر ته کنيو پر اها ايتري ڀاڙي نڪرندي ان جو اندازو ڪونه هو. حڪومت ۾ اچڻ کان اڳ اهو تاثر ڏنو پئي ويو ته اها عمران خان نيازيءَ کي ايترو سوڙهو ڪندي ۽ ڳڻي ڳڻي حساب وٺندي پر ٿيو ڪجهه به ڪونه. عمران خان نيازي نه رڳو آزاد آهي پر هو جيڪو چاهي ٿو اهو ڪري پيو ۽ جيڪو چوڻ چاهي ٿو اهو چئي ٿو. هن کي ڪو روڪڻ وارو ناهي. نه هن کي عدليه روڪي ٿي سگهي ۽ نه ئي ڪو ٻيو ادارو. باقي ان آڏو حڪومت ڪيتري بيوس آهي، ان جو اندازو ان ڳالهه مان لڳائي سگهجي ٿو ته جي آءِ ٽي ٽي ڀيرا عمران خان نيازيءَ کي گهرايو تڏهن وڃي هو مس مس ڪيس ۾ پڇا ڳاڇا لاءِ پيش ٿيو.
هن وقت ٻن اهم ملاقاتن جون خبرون هلي رهيون آهن. ان حوالي سان ڪيترائي سينيئر صحافي به تصديق ڪري چڪا آهن. اهي ٻئي ملاقاتون عمران خان نيازي ۽ آرمي چيف قمر جاويد باجوه ۾ ٿيون آهن. پهرين ملاقات ۾ جيڪي ڏوراپا ۽ ميارون عمران خان کي ڏيڻيون هيون سي هن ڏنيون. اها ملاقات ايوان صدر ۾ ٿي هئي. پر چيو پيو وڃي ته اها ملاقات بهتر ڪانه رهي ۽ بنا ڪنهن نتيجي جي ختم ٿي وئي.
ان کان پوءِ هڪ ٻي ملاقات جو ذڪر هلي رهيو آهي. اها خبر سينيئر صحافي اسد طور بريڪ ڪئي آهي. سندس چوڻ آهي ته اها ملاقات بهاولپور جي ڪور ڪمانڊر ۽ اڳوڻي ڊي جي آءِ ايس آءِ جنرل فيض حميد ڪرائي آهي. جنهن ۾ آرمي چيف قمر جاويد باجوه، عمران خان نيازي ۽ جنرل فيض حميد شامل هئا. اسد طور جو چوڻ آهي ته ملاقات ۾ نئين آرمي چيف جي مقرري جي حوالي سان ڳالهيون ٿيون. عمران خان نيازيءَ جو چوڻ هو ته ايندڙ چونڊن تائين نئون آرمي چيف مقرر نه ڪيو وڃي ۽ جيڪا نئين حڪومت اچي سا نئون آرمي چيف مقرر ڪري. اها عمران خان نيازيءَ جي خواهش ته ٿي سگهي ٿي پر هو اهو فيصلو نٿو ڪري سگهي. ايوان کان ٻاهر ويٺل ماڻهو اهو فيصلو ڪيئن ٿو ڪري سگهي ته حڪومت ڪنهن کي آرمي چيف لڳائي. جڏهن ته ان کان اڳ ۾ ڪڏهن به ائين ناهي ٿيو ته آرمي چيف جي مقرريءَ کي ايترو تڪراري بڻايو ويو هجي. عمران خان نيازي نه رڳو اهو معاملو سياسي جلسن ۾ کڻي آيو آهي پر هو لاڳيتو ان مسئلي بابت هر فورم تي ڳالهائي رهيو آهي.
عمران خان نيازيءَ جو چوڻ آهي ته هي حڪومت پنهنجي مرضيءَ جو آرمي چيف لڳائڻ ٿي چاهي، جڏهن ته هن پاڻ ائين ڪرڻ ٿي چاهيو. وقت کان اڳ ۾ هن جنرل فيض حميد کي آرمي چيف لڳائي جنرل قمر جاويد باوجوه کي هٽائڻ ٿي چاهيو ۽ اهو ئي عمل سندس حڪومت جي خاتمي جو سبب بڻيو هو. جيڪڏهن هاڻوڪي حڪومت وري به ساڳي ماڻهوءَ کي آرمي چيف جو عهدو ڏئي ٿي ته هي سمورو معاملو ڪرڻ جي ڪهڙي ضرورت هئي. جڏهن ته جنرل فيض کان وڌيڪ سينيئر جنرل موجود آهن. اهي چئوٻول پڻ هلي رهيا آهن ته عمران خان نيازي هاڻ پنهنجي ان مطالبي تان هٿ کڻي ويو آهي ته جنرل فيض کي آرمي چيف ڪيو وڃي. جيئن ته سندس اهو مزاج رهيو آهي ته هن سان جيڪو به ڀلائي ڪندو آهي، ان سان هو دوکو ڪندو آهي. پر ملڪي تاريخ ۾ ڪڏهن به آرمي چيف جي مقرري ايتري تڪراري ڪونه ٿي آهي. جيڪڏهن ڪنهن پنهنجي مرضيءَ سان ڪو آرمي چيف لڳائڻ جي ڪوشش به ڪئي آهي ته اهو آرمي چيف رڳو پنهنجي اداري سان ئي سچو رهيو آهي. تنهنڪري عمران خان نيازي اهو سمجهي ٿو ته آرمي چيف جي ڊوڙ ۾ جيڪي جنرل شامل آهن، انهن مان ڪو هن جو ماڻهو آهي ته اها سندس ڀل آهي.
گذريل ڪجهه مهينن کان هر پاسي اهو ئي معاملو هلي رهيو آهي. جيڪڏهن وزير اعظم شهباز شريف اڄ اهو اعلان ڪري ڇڏي ته ايندڙ آرمي چيف فلاڻو هوندو ته سياسي ماحول اوچتو بدلجي ويندو. پر سوال اهو آهي ته ائين ڇو ٿي رهيو آهي. ڇاڪاڻ ته ملڪ جون سڀئي پارٽيون سمجهن ٿيون ته انهن جي سياسي سگهه ڪابه تبديلي نٿي آڻي سگهي ۽ نه ئي عوام ڪو سياسي تبديليءَ جو محرڪ آهي. سياسي پارٽيون پنهنجي سياسي سگهه تي ڀاڙڻ بدران غيرسياسي ۽ غيرجمهوري قوتن تي ڀاڙينديون آهن. ان ڪري اهي نه ته آزاديءَ سان ڪو فيصلو ڪري سگهن ٿيون ۽ نه ئي عمران خان نيازي جهڙي زوري تيار ڪيل سياستدان کي سوگهو ڪري سگهن ٿيون. نه ته هڪ رياست لاءِ عمران خان نيازي ڪهڙُو مسئلو هو.
ذوالفقار علي ڀٽو ملڪ جو طاقتور وزير اعظم ليکيو ويندو هو. جنهن بچي ويل ۽ تباهه ٿيل ملڪ کي سنڀاليو هو پر جڏهن رياست هن خلاف ڪارروائي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ته هن کي تخت کان تختي تي پهچائي ڇڏيو. عمران خان نيازي ذوالفقار علي ڀٽُو کان ته وڏو ليڊر ڪونهي جو هي حڪومت ان کان ايتري ڊنل آهي ۽ کيس گرفتار به نٿي ڪري سگهي. پر جيئن ته حڪومت ۽ ان سان گڏ شامل پارٽين کي پنهنجي سياسي قد بت ۽ سگهه جي خبر آهي، تنهنڪري اهي اهڙو ڪوبه فيصلو نٿيون ڪري سگهن. جيڪڏهن حڪومت ۾ اچي ايتري بيوسي ڏسڻي هئي ته بهتر هو پي ڊي ايم مخالف ڌر ۾ هجي ها. اتي اها گهٽ ۾ گهٽ ايتري بيوس ته نظر ڪانه ايندي هئي.
سياسي ماحول کي بگاڙ جو شڪار ڪندڙ عمران خان نيازي جيڪا ٻولي ادارن ۽ سياستدانن خلاف ڳالهائي رهيو آهي، اها سندس گهٽ پر انهن جي وڌيڪ آهي، جن سندس سياسي بت گهڙيو آهي. ان ڪري اهي به ايترا ئي ذميوار آهن، جيترو عمران خان آهي. جنهن سياست کي ايترو گندو ڪيو آهي جو هاڻ اهو گند صاف ڪرڻ لاءِ گهڻو وقت لڳي ويندو. عمران خان نيازيءَ جي پٺ ڀرائي ڪندڙن کي اهو سوچڻو پوندو ته ڇا انهن جا تجربا سڦل ٿيا آهن. ڇا انهن اهو سڀڪجهه حاصل ڪري ورتو آهي، جنهن لاءِ اهو سڀڪجهه ڪيو ويو. سياسي پارٽيون جيڪڏهن ٿوري به همت ڪرڻ لاءِ تيار نه آهن ته پوءِ انهن کي اها شڪايت به نه ڪرڻ گهرجي ته کين سياسي آزادي ناهي. ڇاڪاڻ ته اهي اهڙا به فيصلا ڪرڻ جي قابل نه آهن، جيڪي معمول جا فيصلا آهن.
سڄي دنيا ۾ آرمي چيف جي مقرري ماٺ ميٺ سويلين حڪومت ڪري ڇڏيندي آهي پر هاڻوڪي حڪومت ان معاملي کي حل ڪرڻ لاءِ تيار ناهي. ائين لڳي رهيو آهي حڪومت اڃا عمران خان نيازيءَ جي هجي ۽ پي ڊي ايم اپوزيشن ۾ هجي. ڇاڪاڻ ته اها هر حوالي سان بي اختيار ثابت ٿي آهي. جيڪڏهن عمران خان پنهنجن جلسن ۽ سياسي سرگرمين وسيلي اسٽيلشمينٽ کي دٻاءُ ۾آڻڻ ۾ ڪامياب ويو آهي ته اها حڪومت جي ناڪامي آهي. سڀ وسيلا ۽ سرڪاري مشينري هوندي به اها ڪجهه ڪرڻ لاءِ تيار ناهي. اها عمران خان نيازي خلاف ڪابه ڪارروائي ڪانه پئي ڪري سگهي ۽ هاڻ آرمي چيف جو معاملو به ڄڻ هو ڏسي رهيو آهي. تنهنڪري حڪومت کي پنهنجي وجود جو احساس ڏيارڻو پوندو ۽ ڪن فيصلن ۾ همت ڏيکارڻي پوندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button