شوبز

امبر ۽ جوني ڊيپ جي ڪيس بابت فلم هاٽ ٽيڪ ٺهي وئي

هالي ووڊ جي اڳوڻي اداڪار جوڙي امبر هرڊ ۽ جوني ڊيپ جي هتڪ عزت واري ڪيس بابت فلم هاٽ ٽيڪ ٺهي وئي آهي. ميڊيا مطابق اسٽريمنگ سروس ٽيوبي پاران تيار ڪيل فلم ۾ مارڪ هپڪا جوني ڊيپ جو ڪردار ڪيو آهي. جڏهن تھ امبر هرڊ جو ڪردار ميگهن ڊيوس ڪندي نظر ايندي، فلم جي ڪهاڻي نڪولوشي لکي آهي ۽ هدايتڪاري سرا لوهمن ڪئي آهي، فلم کي هلندڙ مهيني ۾ رليز ڪرڻ جو رٿيو ويو آهي. فلم جي ڪهاڻي ۾ عدالت ۾ هليل ڪيس کي فوڪس ڪيو ويو، جنهن ۾ جوڙي جي ذاتي زندگي دوران پيش آيل واقعن کي ڏيکاريو ويو آهي. جڏهن تھ اسڪرين تي جوڙي جا هڪٻئي تي الزام ۽ تشدد وارن واقعن کي نمايان ڪيو ويو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button