شوبز

حرا ماني رنگ اڇو ڪندڙ ڪريم جي مشهوري ڪري ڦاسي پئي

پاڪستاني اداڪارا حرا ماني هڪ ڀيرو ٻيهر ڇتي تنقيد جو نشانو بڻجي وئي آهي، پر هن ڀيري اها گانو ڳائڻ بدران رنگ اڇو ڪرڻ وارين شين جي مشهوري ڪرڻ سبب ڏچي ۾ ڦاسي پئي آهي. ميڊيا مطابق حرا ماني کي سندس ڪمنٽ باڪس ۾ شرم ڪر جهڙا لفظ بھ لکي مهڻا ڏنا آهن. هڪ مداح لکيو تھ اڇو رنگ ئي چمڪ جي نشاني ناهي، سمورن رنگن وارا انسان سهڻا هوندا آهن. جڏهن تھ حرا ماني تو کي اڇو رنگ ڪرڻ وارين شين جي مشهوري ڪندي شرم اچڻ گهرجي ها. هوڏانهن برطانيا جي مختلف شهرن ۾ ٻوڏ متاثرن لا حرا ماني 320 هزار ڊالر فنڊ گڏ ڪري ورتو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button