شوبز

سارا سيف علي ڏاڏي شرميلا جي بائيوگرافي ۾ ڪم نھ ڪندي

بالي ووڊ جي نوجوان اداڪارا ۽ پٽودي نواب سيف علي خان جي نياڻي سارا علي خان پنهنجي ڏاڏي شرميلا ٽئگور جي بائيوگرافي فلم ۾ ڪم ڪرڻ کان لاچاري ڏيکاري ڇڏي آهي. ميڊيا مطابق هڪ انٽرويو دوران صحافي سارا علي خان کان شرميلا ٽئگور جي بائيوگرافي ۾ ڪم جي آڇ ملڻ جي صورت ۾ ردعمل پڇيو تھ سارا علي خان ڏاڏي کي انتهائي حسين عورت ۽ وڏي شخصيت قرار ڏئي سندس ڪردار ڪرڻ کان معذرت ڪئي. هن چيو تھ مون کي خبر ناهي تھ مان ڏاڏي جو ڪردار ڪهڙي ريت ڪري سگهنديس، ڇاڪاڻ تھ مان اهو ڄاڻان ٿي تھ شرميلا ٽئگور جي معيار تي پهچڻ ايڏو سولو ڪم نھ آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button