ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

عوام لاءِ وڌيڪ معاشي ڏکيايون پيدا نه ڪريو

Editorial

ايترو عرصو گذرڻ باوجود موجوده حڪمران عوام جي زندگي ۾ ڪو به معاشي سڌارو نه آڻي سگهيا آهن. ڏينهون ڏينهن بد کان بدترين ثابت ٿي رهيو آهي. مهانگائي جو جن ڪنٽرول ۾ نه پيو اچي، جنهن عوام جي زندگي ۾ ٻيڻي واڌ ڪري ڇڏي آهي. ڳڻپ واري کاتي هفتيوار مهانگائي جا انگ اکر جاري ڪري ڇڏيا آهن جنهن موجب هڪ هفتي دوران ٽيهه شين جي اگهن ۾ واڌ رڪارڊ ڪئي وئي. چانهه جي پتي، مڱن جي دال، ماش جي دال، آنا، اٽو ۽ چانور مهانگا ٿيا. رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته مڱن جي دال جي في ڪلو قميت ۾ 8 رُپيا 31 پئسا واڌ جڏهن ته هڪ هفتي دوران في درجن آنن جي قيمت 235 رُپين مان وڌي 242 ٿي وئي آهي. اهڙي نموني ويهه ڪلو اٽي جي ٿيلهي هڪ هفتي دوران 25 رُپيا 41 پئسا مهانگي ٿي.
هڪ پاسي عام واهپي وارين شين جا اگهه وڌي رهيا آهن ته ٻئي پاسي يوٽلٽي بلن به عوام لا زندگي عذاب ڪري ڇڏي آهي. تازي خبر اها آهي ته وفاقي حڪومت بجلي صارفين لاءِ ون سليب جو فائدو ختم ڪري ڇڏيو آهي، جنهن سبب ڳرا بل اچي رهيا آهن، ماڻهو پريشان آهن. ان کان اڳ بجلي جي بلن تي هڪ سليب جو فائدو لاڳو هوندو هو، جنهن تحت هڪ کان 300 يونٽن تائين بجلي جي ساڳي شرح هوندي هئي پر هاڻي اها سهولت ختم ڪئي وئي آهي. هاڻي في يونٽ جي شرح 7 رپيا 74 پئسا مان وڌائي 13 رپيا 48 پئسا في سؤ يونٽ ٿي وئي آهي. 200 يونٽ ۾ في يونٽ تي ريٽ 10 رپيا 06 پئسا مان وڌائي 18 رپيا 58 پئسا في يونٽ ڪيو ويو آهي. 300 يونٽن تي في يونٽ ريٽ 21 رپيا 47 پئسا ٿي ويو. 400 يونٽن تي في يونٽ ريٽ 24 رپيا 63 پئسا في يونٽ ڪري ڇڏيو. ان کان اڳ 301 يونٽن کان 400 يونٽن جو ماهوار ريٽ 14 رپيا 63 پئسا هو. ان کان اڳ 401 کان 700 يونٽن تائين بجلي جو اگهه 18 رپيا 80 پئسا هو. پر هاڻي 500 يونٽن جو ماهوار ريٽ 26 رپيا 9 پيسا، 600 يونٽن جي في يونٽ قيمت 27 رپيا 1 پيسا، 700 يونٽن لاءِ في يونٽ 27 رپيا 65 پئسا في يونٽ آهي. 700 يونٽن کان مٿي استعمال لاءِ في يونٽ جي شرح 31 رپيا 12 پئسا هوندي.
جڏهن ته قيمتون ڪنٽرول ڪرڻ وارا حڪومتي قدم ڪوبه لاڀ نه ڏئي سگهيا آهن جنهن جي نتيجي ۾ سموري ملڪ ۾ اٽي جي قيمتن ۾ تيزي سان واڌ ٿيڻ لڳي آهي. 15 ڪلو اٽي جو ٿيلهو 1550 کان وٺي 2600 روپين تائين وڪرو ٿيڻ لڳو آهي. ٻوڏ سٽيل علائقن ۾ ورهاست جي لاءِ به اٽي جي گهرج ۾ اضافو ٿيو آهي. مختلف شهرن ۾ ڪڻڪ جي قيمت 4 هزار رپيا في مڻ کان به وڌيڪ ٿي وئي آهي. اهڙي طرح لاهور ۾ 15 ڪلو نجي اٽي واري ٿيلهي جي قيمت 1500 رپيا، راولپنڊي 1750، پشاور 2300 کان 2500 رپين تائين، ڪراچي ۾ 2200 روپين تائين پهچي وئي. بلوچستان ۾ ڪڻڪ نه هجڻ سبب فلور ملز بند ٿي ويون آهن. جڏهن ته پنجاب کان ايندڙ اٽي جي قيمت 2600 رويپن کان وڌيڪ ٿي وئي. وفاقي حڪومت ڪڻڪ جي قيمتن کي گهٽ ڪرڻ لاءِ نجي شعبي کي امپورٽ ڪرڻ جي اجازت ڏيڻ تي ٻيهر غور شروع ڪري ڏنو آهي. گذريل هفتي اقتصادي رابطا ڪميٽي به نجي شعبي کي 8 لک ٽن ڪڻڪ امپورٽ جي سفارش ڪئي هئي جنهن کي وفاقي ڪابينا رد ڪري ڇڏيو هو. پنجاب ۾ ايندڙ هفتي سرڪاري ڪڻڪ اٽي جي قيمت ۾ امڪاني واڌ تي دڪاندارن ۽ ڊيلرن ذخيرو ڪرڻ به شروع ڪري ڇڏي آهي. ملڪ جي ٻين شهرن جيان ڪراچي ۾ به اٽي جو بحران پيدا ٿي ويو آهي جتي في ڪلو اٽي جي قيمت 125 روپين تائين پهچي وئي. ننڍي چڪي جو اٽو 135 روپيه ڪلو وڪرو ٿيڻ لڳو. سنڌ ۾ سرڪاري قيمت 4000 روپيه في مڻ مقرر ڪرڻ کان پوءِ اوپن مارڪيٽ ۾ ڪڻڪ جي قيمت کي پر لڳي ويا. جتي ڪڻڪ جي قيمت 110 رپيا ڪلو تائين پهچي وئي.
اسان جو حڪمرانن کان مطالبو آهي ته عوام جي زندگي ۾ عذاب پيدا ڪرڻ بدران کين هاڻي رليف ڏنو وڃي. توهان جيڪي عوام سان واعدا ڪري آيا هئا انهن کي ايترا مهينا گذرڻ باوجود پورو نه ڪيو آهي، ويتر سندن زندگي ۾ معاشي ڏکيايون پيدا ڪيون ويون آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button