ٻولي ۾ ترجمن جي تمام گهڻي اھميت آھي ترجمن سان دنيا جو علم ھڪ ملڪ کان ٻئي ملڪ ھڪ قوم کان ٻي قوم ڏانھن منتقل ٿئي ٿو، جنھن سان ھڪڙي قوم ٻي قوم جي نفسيات، ثقافت، ۽ سوچن، خيالن کان واقف ٿئي ٿي ۽ ان جي ڪيل تجربن، ڪاميابين ۽ ناڪامين مان سکڻ سان گڏوگڏ ان قوم جي علمي خزاني ۾ اضافو ٿئي ٿو. سنڌي ٻولي ۾ شروعاتي دور ۾ مرزا قليچ بيگ عالمي ادب جي ڪتابن جا تمام گهڻا ترجما ڪيا، جنھن سان سنڌ جا ماڻھو انگلينڊ جرمني، آمريڪا ۽ ٻين ملڪن جي ادب، علم کان واقف ٿيڻ سان گڏوگڏ ٻين قومن جي نفسيات، ثقافت، سوچن ۽ خيالن کان واقف ٿيا ٿي جنھن کان پوءِ سائين ابراھيم جويي، نورالدين سرڪي، رسول بخش پليجي ۽ سنڌ جي ٻين ڏاھن عالمي ٻولين جي ترقي پسند ادب جي شاھڪار ڪتابن جا ترجما ڪيا جن سان سنڌي پڙھندڙ جي سوچن خيالن کي تبديل ڪيو، ھينئر به سنڌي ٻولي ۾ ادب، سياست، تاريخ، فلسفي جي بھترين ڪتابن جا ترجما ٿي رھيا آھن جيڪي سنڌي جي علمي خزاني ۾ اضافو ڪري رھيا آھن. تازو سنڌي ۾ تمام سٺا ناول ترجما ٿيا آھن، جنھن ۾ ڊاڪٽر گل جو ترجمو ٿيل ڪتاب جيتامڙو به ھڪ آھي، جيڪو ڪافڪا جي ناوليٽ Metamorphosis جو ترجمو آھي، جيڪو صنعتي ۽ مشينري دور اچڻ سان ماڻھن جو ھڪ ٻئي سان تبديل ٿيندڙ رويي تي آھي ھن ناوليٽ جي ڪھاڻي ھڪ ڪلارڪ گريگر سيمسا جيڪو ڪنھن بيماري سبب جيتامڙو ٿي وڃي ٿو، جي ۽ ان جي خاندان جي چوڌاري ڦري ٿي. گريگر سيمسا ھڪ اداري ۾ ڏيتي ليتي جي ملازمت ڪندو آھي، جنھن ڪري ھن کي مسلسل سفر ڪرڻ پوندو آھي جيڪو تمام ٿڪائيندڙ ۽ بيزار ڪندڙ آھي جنھن ڪري ھُو تنگ ٿي ڪري استعيفا به ڏيڻ جو سوچي ٿو پر جئين ته ھن جي سڄي خاندان جو گذر سفر ھن جي نوڪري تي آھي ۽ ان سان گڏوگڏ ھن تي لکين روپين جو قرض پڻ آھي جنھن کي لاھڻ لاءِ ھي نوڪري نٿو ڇڏي سگھي. جيئن ته ھڪ ڏينھن گريگر سيمسا سان ھڪ وڏو حادثو ٿئي ٿو جيئن ئي گريگر صبح جو ننڊ مان جاڳندو آھي ته ھي پنھنجي پاڻ کي ھڪ انسان مان ھڪ وڏي جيت ۾ مٽيل ڏسندو آھي جيڪو تمام ڀوائتو ۽ تمام سنھڙن سنھڙن ٽنگن سان آھي، پھرئين ته ھي پريشان ٿي ويندو آھي ۽ پنھنجي پاڻ کي خواب ۾ سمجھڻ لڳندو آھي پر ڪمري جي سيٽنگ ڏسڻ کان پوءِ ھن کي يقين ٿي ويندو آھي ته ھي ھڪ جيت ۾ تبديل ٿي چڪو آھي، ائين ھن ناول جي شروعات ٿئي ٿي ھاڻي ھن جيتامڙي لاءِ پنھنجي ان انساني بستري کان نڪرڻ ۽ ڪمري جو تالو کولڻ وڏو مسئلو بنجي ٿو. ھي پنھنجي بستري کان ٻاھر نڪرڻ لاءِ سئو دفعا ڪوشش ڪري ٿو پر پنھنجي مٿان وڌل اھو سوڙ به ناھي لاھي سگھندو ھوڏانھن ھن جا ماءَ، پيءَ ھن لاءِ پريشان ٿي وڃن ٿا ته ھي گريگر پنھنجي بستري مان ڇو نه اٿيو آھي تنھن ڪري ھن کي بار بار آواز ڏيئي اُٿارڻ جي ڪوشش ڪن ٿا پر ھن جي جيت ۾ تبديل ٿيڻ جو ڪري ھاڻي ھن وٽ انساني آواز به نٿو رھي جنھن سان جواب ڏيئي سگھي ايتري ۾ ھن جي آفيس جو ڪلارڪ به ھن کي آفيس نه پھچڻ جي ڪري ھن کي سڏڻ لاءِ گھر پھچي وڃي ٿو جيڪو پڻ ھن جي ڪمري جي ٻاھران بيھي ھن جو انتظار ڪري رھيو ھوندو آھي ايتري ۾ ھي جيئن تيئن وڏي جفاڪشي سان ڪمري جو تالو کولي ٿو وٺي ته ھن کي ھن جا گھر وارا ۽ آفيس جو ڪلارڪ ڏسي ھن کان خوف کائن ٿا ائين گريگري جي ڏکن، عذابن، تڪليفن جي زندگي شروعات ٿئي ھن جي جيت ۾ تبديل ٿيڻ کان پوءِ ھن جا گھر وارا پھرئين ھن کان خوف پوءِ ھن تي رحم کائڻ لڳن ٿا ھن جي دادلي ڀيڻ ھن تي رحم کائي ھن جي لاءِ روزاني انساني کاڌو ھن جي ڪمري ۾ ڇڏي ويندي جيڪو ھي بنا کائڻ جي ڇڏي ڏيندو آھي پر اڳتي ھلي هن جي گھر جا سڀ ڀاتي ھن جيتامڙي مان بيزار ٿيڻ لڳندا آھن ھن جي پياري ڀيڻ ھن مان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ چاھيندي آھي ھن جو پيءَ ھن کي مارڻ جون ڪوششون ڪندو آھي ۽ ھن جي ماءَ ھن جي لاءِ بي حال ھوندي آھي ھڪ طرف ھن جي خاندان جو اھڙو رويو ھو ته ٻئي طرف گريگر سيمسا پنھنجي اڪيلائي دوران پنھنجون پراڻيون يادون ياد ڪرڻ لڳندو آھي جنھن ۾ ھن پنھنجي خاندان لا محنت ڪري پنھنجي خاندان کي معاشي مسئلن مان ڪڍي ورتو ھو ۽ پنھنجي پي تي چڙھيل قرض لاھي رھيو ته ٻئي طرف پنھنجي ڀيڻ جي مستقبل لاءِ به سوچي رھيو ھو اھڙي طرح مائٽن جي اھڙي بي رخي، ھن مان بيزاري جي ڪري جيتامڙو گريگري کائڻ پيئڻ ڇڏي ڏي ٿو جنھن ڪري ھي ڪمزور ٿي وڃي ٿو ۽ ھڪ ڏينھن مري وڃي ٿو. جنھن سان ھن جا گھر وارا تمام گھڻا خوش ٿين ٿا ته ھن مصيبت مان ھنن جي جان ڇٽي وئي آھي ۽ ھُو مستقبل جي رٿابندي ۽ مستقبل جا حسين خواب ڏسڻ لڳن ٿا، ائين ھن ناوليٽ جي پڄاڻي ٿئي ٿي، جيئن ته ھن ناوليٽ جي ڪھاڻي بظاھر تمام آسان سمجھه ۾ ايندڙ آھي پر ڪھاڻي جي اصل جوھر ۾ ھن سرمائيداري ۽ صنعتي سماج ۾ ماڻھن جي روين، ۽ سوچن جو اپٽار آھي جنھن ۾ ڪافڪا پنھنجي ڪھاڻي ۾ ھيٺين ڪجھه اھم نقطن کي نروار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آھي.
صنعتي سماج ۾ ملازمت ڪندڙ ھر فرد جي زندگي روزمره جي نوڪري جي فضول ۽ ھڻ وٺ وارين ڪمن ۾ گذريو وڃي ۽ ھو پنھنجو ڪم وڏي بيزاري ۽ ذلالپ سان ڪندو آھي ۽ ان جي زندگي جا ڪا به خوشگوار لمحا ناھن ھوندا، جنھن ڪري اُن فرد مان تخليقي صلاحيت ختم ٿي ويندي آھي جنھن سبب ھو زندگي کي تبديل ڪرڻ جو به ناھي سوچيندو. ان نقطي کي علامتي طور ڪافڪا ھن ناول ۾ صفحي ٻه تي گريگر جي واتان ھنن لفظن ۾ بيان ڪيو آھي “اي خدا ھن سوچيو “مون ڪھڙو نه ٿڪائيندڙ ڌنڌو چونڊيو آھي سج اُڀري ٿو سج لھي ٿو ڏينھن مٿان مٿان ڏينھن گذري ٿو سفر ختم ٿيڻ جو ئي ناھي اھو گدام، آفيس ۾ ويھي ڌنڌو ڪرڻ کان گھڻو وڌيڪ بيزار ڪندڙ آھي ۽ مٿان، مستقل مسافريءَ جي مصيبت،ھڪ ريل گاڏي تان لھي ٻي تي چڙھڻ جي پريشاني ڪچي پڪي ۽ بيوقتائتي ماني ۽ اھي اتفاقي واقفيتون، مٽجندڙ چھرن جو مستقل وھڪرو، جيڪو ڪڏھن به گھريءَ دوستي ۾ بدلجي ئي نه سگھندو آھي اھي سڀ ڪيڏا نه عذاب آھن.
سرمائيداراڻا سماج ۾ ھر شيءَ جو قدر تبديل ٿي ويندو آھي ھن سماج لا اھو ڪارائتو آھي جيڪو پيداوار ڪري سگھي ٿو سرمايو يا پئسا ڪمائڻ جي سگھه رکي ٿو پر ڪمزور جيوت ھن سماج جي لاءِ بيڪار آھي تنھن ڪري اھو ھن سماج تي بار آھي تنھن ڪري ان مان ڇوٽڪارو لازمي آھي.
ھن سماج ۾ رشتن جي ڪابه اھميت ناھي ھن دور ۾ ھر ماڻھو جا ٻئي سان معاشي مفادن جا رشتا آھن تنھن ڪري جيڪو ماڻھو ٻئي جا معاشي مفاد پورا نٿو ڪري سگھي ته اھو ناڪارا آھي اھو ڀلي پُٽ ھجي يا ڀاءَ ھجي جيئن ھن ناوليٽ جو ڪردار گريگوري جيتامڙو ٿيڻ کانپوءِ پنھنجي خاندان لاءِ ناڪارا بڻجي ويو.
ھن دنيا ۾ غربت ۾ گذاريندڙ ماڻھن جي زندگي تمام ڏکي ھوندي آھي ھي سماج به انھن سان صحيح ھلت نٿو ھلي بلڪه انھن جي رت چوسيندو رھندو آھي جيئن ڪافڪا ھڪ ھنڌ گريگر جي خاندان جي باري ۾ ھڪ ھنڌ لکي ٿو ته “ھيءَ دنيا غربت جي ماريل ماڻھن کان جھڙي قسم جي ڪم جي گُھر ڪري ٿي، ھو سڀئي اھو ڪجهھ آخري حد تائين ڪري رھيا ھئا. اھڙي طرح ڪافڪا ھن ناول ۾ سرمائيداري جي تضادن کي پڻ چٽيو آھي ته صنعتي ۽ سرمائيداري جي ڪري ٿيندڙ ھاڃيڪار انساني تبديلين تي مايوسي جي صورت ۾ بغاوت پڻ ڪري ٿو. ائين ناول مختصر ۽ تمام دلچسپ آھي جنھن جو ڊاڪٽر گل تمام معياري ترجمو ڪيو آھي ادب سان دلچسپي رکندڙ دوستن کي ضرور پڙھڻ گھرجي.