مارڪس ۽ اينگلز مزدور نه هئا، اهي تمام وڏا اسڪالر ۽ انتهائي ايماندار انقلابي هئا. هنن سڀ کان پهرين اهو ڏٺو ته سرمائيداراڻي سماج ۾ پورهيت طبقو ئي اها واحد قوت آهي جيڪا انسان هٿان انسان جي استحصال تي ٻڌل نظام کي ختم ڪرڻ لا عوام جي جدوجهد کي مڪمل فتح ڏياري سگهي ٿي. مارڪس ۽ اينگلز پنهنجن ساٿين سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي پنهنجي سڄي زندگي پورهيتن تي ان ڳالهه کي واضح ڪرڻ ۾ وقف ڪري ڇڏي ته سماجي ترقي ۾ انهن جو حقيقي ڪردار ڪهڙو آهي؟ هنن پورهيت عوام ۾ انقلابي سوشلسٽ شعور پيدا ڪرڻ لا کين علم سان واقف ڪرايو. نتيجي طور طبقاتي شعور رکندڙ پورهيتن صنعتي طور اسريل ملڪن ۾ پرولتاري پارٽين جي تشڪيل ڪئي، روس ۾ به ايئن ئي ٿيو.
لينن جي هم خيال روسين به لينن جي قيادت ۾ ڪميونسٽ پارٽي منظم ڪئي. ان پارٽي ۾ پورهيتن کان سوا ملڪيتدار طبقن جا نمائنده به موجود هئا. جن پنهنجي سڄي زندگي انقلاب لا وقف ڪري ڇڏي هئي. پنهنجي طبقاتي بڻ بڻياد کان قطع نظر، اهي پيشيور انقلابي ئي پورهيت طبقي جي حقيقي مفادن جا سرگرم ترين ويڙهاڪ هئا. انهن وڏيون سختيون سٺيون، انتهائي غريبي ڏٺي ۽ ڪيترن ئي خطرن مان گذريا.
جدوجهد دوران هزارين يا ته موت جو شڪار ٿيا، يا وري انهن قيد ۽ بند جون صعوبتون ڀوڳيون ۽ ڏهاڪن تائين انڊرگرائونڊ ڪم ڪيو. سي پي ايس يو (ڪميونسٽ پارٽي آف سوويت يونين) جي باني لينن به ڪيترا ئي ڀيرا جيل ڏٺو ۽ کيس گرفتار ڪري سائيبيريا اماڻيو ويو. ان کان سوا هن ڪيترائي سال جلاوطني ۾ به گذاريا جتي هو زار جي قاتل سپاهين کان لڪندو رهيو.
انهن ڪل وقتي انقلابين پهرين مزدورن جا ڳجها حلقا منظم ڪيا، جن ۾ ٽريڊ يونينن ۾ گڏجي پورهيتن ۾ نه رڳو سائنسي سوشلزم جو نظريو ڦهلايو بلڪ انهن جي معاشي جدوجهد جي رهنمائي به ڪئي. روس ۾ انقلابي بالشويڪ پارٽي جو پهريون گئونچ ان انجمن جي صورت ۾ ڦٽو، جنهن کي پورهيت جي نجات جي جدوجهد لا پهرين پيٽرسبرگ ليگ جي نالي سان ڄاتو وڃي ٿو، جنهن کي لينن 1894ع ۾ قائم ڪيو هو.
1917ع جي آڪٽوبر سوشلسٽ انقلاب کان ٿورو اڳ روسي بورجوا اخبارن بالشويڪ پارٽي جو مذاق اڏائيندي لکيو ته اهي اقتدار تي قبضو ڪرڻ چاهين ٿا ۽ کانئن اهو سوال ڪيو ته هو اقتدار تي قبضو ڪري مزدورن، هارين ۽ بورچين کان حڪومت جو انتظام ڪرائي سگهندا؟ اڄ اهو سوال نه رڳو بورجوازي جا کليل حامي پڇي رهيا آهن، بلڪ مزدور، سوشلسٽ، سوشل ڊيموڪريٽڪ ۽ ڪرسچين پارٽين جا اڳواڻ به اهو ئي سوال اٿارين ٿا. سندن چوڻ آهي ته بورجوا رياستن جي پورهيتن ۽ اسرندڙ ملڪن جي پورهيتن کي رياست جي انتظام جا معاملا پهرين سکڻ گهرجن ۽ ان کان پو ئي اقتدار حاصل ڪرڻ جي خواهش ڪرڻ گهرجي. پر مزدورن ۽ هارين کي رياست جا انتظام هلائڻ ڪير سيکاريندو؟ سرمائيدار؟ ٺيڪ آهي ته ڪڏهن ڪڏهن ايئن ٿيندو به آهي، ڪجهه بورجوا ملڪن ۾ اڳوڻن مزدورن کي وزارتون به مليون آهن، پر اهڙن واقعن کي استثنيٰ حاصل آهي. وڌيڪ اهو ته جيڪي مزدور انهن عهدن تائين پهتا به آهن ته اهي به پنهنجي طبقي جي مفادن جي خدمت کي الوداع ڪري سرمائيدارن جا ڇاڙتا بڻيل آهن.
لينن جي پارٽي جي سوچ ڪجهه ٻي هئي. ان فيصلو ڪيو ته هو اڳ ۾ اقتدار حاصل ڪندي ۽ پو ان اقتدار مان فائدو کڻندي مزدور ۽ هاري عوام کي امڪاني حد تائين جلد کان جلد رياستي انتظام جا سبق ڏيندي. ڪميونسٽن جو مڃڻ هو ته ان عوام ۾ اهڙا انتهائي باصلاحيت ماڻهو موجود آهن جن کي جيڪڏهن موقعو ڏنو ويو ته اهي پنهنجين صلاحيتن کي مڃرائي وٺندا. لينن لکيو: “جيڪڏهن اهو مڃي به وٺجي ته سوشلزم جي تعمير، ثقافتي ترقي ۽ سگهه ڪنهن مخصوص سطح سان مشروط آهي (جيتوڻيڪ ڪو به شخص ان ڳالهه کي طئي نٿو ڪري سگهي ته “ثقافتي ترقي جي ڪهڙو مقدار” مراد آهي ڇاڪاڻ ته اهو مقدار هر ملڪ ۾ مختلف هوندو) ته پو سوال اهو آهي ته اسان ان ثقافتي سطح جي حاصلات جي پهرين شرط جي شروعات ڇو نٿا ڪري سگهون. اسان پهرين انقلابي قدم کڻندي اقتدار تي مزدورن ۽ هارين کي ويهاري ۽ سوويت نظام لاڳو ڪري پو ان اقتدار جي بنياد تي ثقافتي سطح تي ٻين قومن جي همسري ڪرڻ جو ڪم شروع ڪري سگهون ٿا.” (وي آ لينن: اسان جو انقلاب)
شروعات ۾ ڪل وقتي انقلابين ۾ نه رڳو يونيورسٽين جا سند يافتا ماڻهو شامل هئا (1917ع ۾ اهي پارٽي جي ڪل ميمبرشپ جو ٻڙي ڏهائي 6 سيڪڙو هئا، پارٽي جي ميمبرشپ ۾ 66 ڏهائي 6 سيڪڙو ميمبر رڳو پرائمري تعليم ورتل هئا يا انهن رڳو گهر ۾ پڙهيو هو، جڏهن ته 17 سيڪڙو ميمبر اڻ پڙهيل هئا.) بلڪ انهن ۾ اهي ماڻهو به شامل هئا جن کڻي پرائمري اسڪولن مان تعليم حاصل ڪئي هئي، خاص طور سياسيات بابت موضوع انهن جي مطالعي جو خاص جز رهيا هئا. اچو ته اسان ان ڏس ۾ مثال طور انقلاب کان پو پهرين ڪجهه سالن دوران سوويت روس جي مزدور هاري حڪومت جو جائزو وٺون ٿا. عوامي ڪميسارن جي ڪائونسل جي چيئرمين لينن ثانوي اسڪول ۽ پيٽرسبرگ يونيورسٽي مان اعزاز سان سندون حاصل ڪيون هيون. (ڇاڪاڻ ته انقلابي سرگرمين ۾ ملوث هئڻ جي الزام ۾ کيس ڪازان يونيورسٽي مان خارج ڪيو ويو هو، انڪري هن اهي امتحان ليڪچر ٻڌڻ کان سوا ئي پاس ڪيا هئا.) لينن هڪ عظيم مارڪسي مفڪر، انتهائي باصلاحيت تنظيم ساز، سياستدان ۽ منتظم هو. هن پنهنجي آسپاس مختلف تعليمي پسمنظر جي ماڻهن کي گڏ ڪري ورتو هو. گهرو معاملن جو عوامي ڪميسار جيورجي پيٽروسڪي هڪ مزدور هو. هو 1897ع کان سوشل ڊيموڪريٽڪ پارٽي جو ميمبر هو. انقلاب کان اڳ هو زارشاهي جي روس جي پارليامينٽ يعني دوما تي مزدورن جي نشست تي چونڊيو ويو هو. 1914ع ۾ کيس پارليماني ميمبرن جي استحقاق جي قانون جي ڀڃڪڙي جي ڏوهه ۾ گرفتار ڪيو ويو. هن رڳو پرائمري اسڪول مان تعليم حاصل ڪئي هئي. تڏهن به سندس مطالعو وسيع هو. ان وسيع مطالعي ۽ وسيغ تجربي جي ميلاپ کيس پنهنجي وقت جو انتهائي عالم ۽ فاضل شخص بڻائي ڇڏيو هو.
ياڪوف سوردلوف (پيدائش 1885ع) هڪ پيشيور انقلابي هو. هو 1901ع کان سوشل ڊيموڪريٽڪ پارٽي جو ميمبر هو. هو لينن جو تمام ويجهو ساٿي هو. هو مزدورن ۽ هارين جي نمائندن جي ڪل روس مرڪزي ايگزيڪيوٽو ڪميٽي جو چيئرمين هو. هو 1919ع ۾ فوت ٿي ويو ۽ ان جي جا ميخائيل ڪالينن ورتي. هو 1922ع ۾ آل يونين مرڪزي ايگزيڪيوٽو ڪميٽي جو چيئرمين ٿي ويو. ۽ 1938ع کان 1946ع تائين سوويت يونين جي سپريم سوويت جي پريزيديم جو چيئرمين رهيو. ڪالينن شروعات ۾ هڪ هاري هو، بعد ۾ رڳو پرائمري درجي تائين تعليم حاصل ڪندڙ اهو شخص ڌات ساز بڻجي ويو. 1898ع ۾ پيشيور انقلابي ٿيو. اهڙي نموني هن پاڻ مطالعو ڪيو ۽ ٻين کي به پڙهايو. اڄ استاد ۽ پارٽي جي پروپئگنڊا ڪندڙ سندس تعليم جي موضوع تي لکڻين مان مدد حاصل ڪري نوجوانن کي تعليم ڏين ٿا ۽ مارڪسي-لينني نظرئي کي ڦهلائي رهيا آهن.
(هلندڙ)